ذاريات

ذاريات (سورة): ذاريات قرآن مجيد جي ايڪونجاهين سورة آهي، جنهن ۾ ٽي رڪوع ۽ سٺ آيتون آهن. هي سورة مڪي ۾ نازل ٿي. ’ذاريات‘ انهن هوائن کي چيو ويندو آهي، جيڪي شين کي اڏائڻ جو ڪم ڪنديون آهن. يعني ٻج کي هڪ هنڌان اڏائي ٻئي هنڌ تي پهچائينديون آهن. حق جي حوالي سان به اهو ئي معاملو آهي ۽ اهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦهلجندو ويندو آهي ۽ ان جا مخالف ان کي روڪي نه سگھندا آهن. اها ڳالهه هن سورة جي منڍ ۾ ٻڌائي وئي آهي. هن سورة جو وڏو حصو آخرت جي باري ۾ آهي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته نبين جي ڳالهه کي نه مڃڻ ۽ پنهنجن جاهلاڻن نظرين تي اڙجي بيهڻ سندن لاءِ نقصانڪار آهي. مقصد ته آخرت جي باري ۾ نبي جيڪو ڪجهه چوندا آيا آهن، ان تي هنن کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گھرجي. نه رڳو ڪائنات جي نظام، پر پنهنجي وجود تي به نظر وجھڻ گھرجي ته ڇا ان علم جي شاهدي هر طرف کان ڏني پئي وڃي يا نه.
آخر ۾ توحيد جي دعوت ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي رب توهان کي ٻين جي بندگيءَ لاءِ نه، پر پنهنجي بندگي لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو رب توهان جو رزاق آهي. اهو به ٻڌايو ويو آهي، ته ماڻهو پنهنجي نبين جو مقابلو ڪنهن ٺوس بنياد ۽ حقيقتن تي نه ٿا ڪن، پر پنهنجي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي ڪن ٿا. گڏوگڏ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي چيو ويو آهي ته انهن جاهلن جي پرواهه نه ڪري ۽ پنهنجي دعوت جاري رکي. اهي نه مڃيندا ته کين عذاب ملندو.


لفظ ذارياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو