حڪمت

حڪمت: حڪمت عام طرح اُن طبي ڄاڻ ۽ ڪرت جو نالو آهي، جنهن وسيلي انسانن توڙي حيوانن جو دوائن ۽ جراحيءَ ذريعي اثرائتو علاج ڪيو ويندو آهي. سڄيءَ دنيا سميت سنڌ اندر حڪمت قديم زماني کان هلندڙ آهي. موهن جي دڙي مان لڌل سمنڊ ڦيڻ ۽ ڦاڙهي جي سڱن جي ٽڪرن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي جا حڪيم ۽ ويڄ اهي شيون طبي نسخن ۾ ڪم آڻيندا هئا. موهن جي دڙي مان هڪ اهڙو ڪارو سفوف به مليو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو سلاجيت آهي. سلاجيت مٺي پيشاب جگر جي بيمارين ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. اهڙيءَ طرح مٽيءَ جي ڪُنين ۾ رکيل اهڙو چُورو (استخوان) به مليو آهي، جنهن لاءِ اندازو آهي ته اهو بک وڌائڻ لاءِ ڪتب ايندو هوندو. ساڳيءَ ريت ناڙي ۽ نم جا پن به حفاظت سان رکيل مليا آهن، جن مان ڄاڻ پوي ٿي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو حڪمت جو هنر به ڄاڻندا هئا.
حڪمت جو ٻيو مفهوم دانائي ورتو وڃي ٿو. هي اهڙو علم آهي، جنهن سان دنيا جي هر شيءِ بابت ڳالهائي ۽ بحث ڪري سگهجي ٿو. قرآن شريف ۾ ڪيترين جاين تي حڪمت جو لفظ آيو آهي. سورة لقمان ۾ آهي ته:
آلم סּ تلک الکتٰب الۡحکيم סּ
[ترجمو: آلم: هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.]
ٻئي هنڌ سورة ياسين ۾ آيو آهي ته:
يٰس סּ واَلقرآنِ الۡحکيم סּ انِک لَمنَ الۡمرسَلينَ סּ
[ترجمو: حڪمت واري قرآن جو قسم، بيشڪ تون سڌي راهه تي موڪليل رسول آهين.]
فدعوا إلىٰ سبيل ربهم بالحكمة والموعظة الحسنة
[ترجمو: پوءِ دعوت ڏيو الله جي رستي ڏانهن حڪمت ۽ سهڻي واعظ ذريعي.]
قرآن مجيد جي مٿين آيتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمت هڪ وسيع معنيٰ ۽ علم وارو لفظ آهي، جنهن سان ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو تعلق آهي. الله سائين جڏهن قرآن شريف کي حڪمت وارو ڪتاب ڪوٺيو آهي ته پوءِ اها حقيقت به عالم آشڪار ٿيو وڃي ته قرآن شريف ڪائنات جو هڪ مڪمل ۽ اعليٰ ڪتاب آهي، جنهن ۾ هر علم موجود آهي. هي ئي اهو ڪتاب آهي، جيڪو ڪائنات جي سمورن علمن تي دسترس (command) رکي ٿو. ابن سينا پنهنجي ڪتاب ’منطق المشرقين‘ ۾ لکيو آهي ته علم ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا علم اهڙا آهن، جيڪي هميشه ۽ هر جاءِ تي نه رهندا آهن، سي عارضي علم هوندا آهن ۽ ٻيا علم، جيڪي هر زماني ۾ ’جميع اجزا الدهر‘ هوندا آهن، مطلب ته اهي هر زماني ۾ مڪمل ۽ سنسار جي جزن کي گڏ ڪندڙ هوندا آهن، تن کي ’حِڪمت‘ چئبو آهي. ابن سينا موجب حِڪمت ۾ هر اها شيءِ شامل آهي، جيڪا علم سان تعلق رکي ٿي. ابن سينا جي ڪتابن ۽ علمي ڳالهين مان ائين لڳي ٿو ته حڪمت علم جو اعليٰ روحاني تصور آهي ۽ ان ۾ انسان جي دسترس ۾ ايندڙ سمورو علم/ ڄاڻ (Knowledge) ۽ ايتريقدر جو وحيءَ ذريعي خدا تي ايمان آڻڻ به شامل آهي. هي حقيقت يونانين جي فلسفي کان تمام آڳاٽي آهي. جيتوڻيڪ لغت ۾ ’حڪمت‘ کي ’حڪم‘ مان اخذ ڪيل ڄاڻايو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ دانائي ۽ عقلمنديءَ کان سواءِ مضبوط هئڻ، منع ڪرڻ، روڪڻ، شين کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ، شين ۾ حدن جو امتياز ڪرڻ ۽ فيصلو ڪرڻ واري اصطلاحي معنيٰ به اچي وڃي ٿي.
حڪمت اهڙو فائديمند ڪلام يا علم آهي، جيڪو جهالت کان روڪي ۽ بچائي ٿو. قرآن مجيد ۾ هي لفظ ڪيترا ڀيرا آيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حضرت دائود عليه السّلام، حضرت عيسيٰ عليه السّلام، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ لقمان حڪيم کي الله سائين حِڪمت عطا ڪئي. حڪمت جي معنيٰ علم ۽ عقل جي ذريعي حق جي ڳالهه دريافت ڪرڻ آهي، ’حڪمت الاهيءَ‘ جي معنيٰ شين جي معرفت ۽ ماهيت جو علم آهي. جڏهن ته ’انساني حڪمت‘ مان مراد موجودات جي ڄاڻ ۽ سٺن ڪمن جو سرانجام ڏيڻ آهي. حڪمت ان آگاهيءَ جو نالو به آهي، جيڪا گذريل تجربن مان حاصل ٿئي. سورة لقمان جي آيت 12 ۽ ان کان پوءِ وارين آيتن ۾ حڪمت جي ڪن ڳالهين جي سمجهاڻي ۽ وضاحت ڏني وئي آهي، جن موجب حڪمت علم جي هڪ شاخ آهي. علم ۽ حڪمت ۾ ماهيت جو نه، پر نوعيت ۽ غايت جو فرق آهي.
الله تعاليٰ جي نالن مان ٻه نالا: ’عليم‘ ۽ ’حڪيم‘ آهن. قرآن شريف ۾ 36 جاين تي الله سائين جون اهي ٻئي صفتون گڏ بيان ڪيون ويون آهن.
حڪيم‘ جي معنيٰ آهي، جنهن جي حڪمت ڪمال تي هُجي ۽ الله سائين جي حڪمت نبين جي معرفت ۽ کين اعليٰ درجي جي مضبوطيءَ سان وجود ۾ آڻڻ آهي. ان جي مقابلي ۾ ’عليم‘ جي معنيٰ ڪنهن شيءِ کي ان جي حقيقت سان حاصل ڪري وٺڻ آهي. الله سائين کي ’عليم‘ ان ڪري چيو وڃي ٿو ته جو هُو موجود، ان کان اڳ ۽ ايندڙ حقيقتن جو ڄاڻندڙ آهي.
حڪمت جي حوالي سان منطق بابت اختلاف موجود آهي، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ’منطق‘ کي ’حڪمت‘ ۾ شمار ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو ’منطق‘ کي ’حڪمت‘ ۾ شمار نه ٿا ڪن، جيڪي ماڻهو ’عمل‘ کي ’حڪمت‘ ۾ شامل ڪن ٿا، تن جو ويساهه آهي ته ’منطق‘ به ’حـڪـمت‘ جـي زمـري ۾ اچي ٿو ۽ جيڪي ’عمل‘ کي ’حڪمت‘ کان الڳ سمجهن ٿا، سي ’منطق‘ کي به ’حڪمت‘ مان خارج ڪريو ڇڏين. ’حڪمت‘ واضح طور تي ٻن حصن ۾ شمار ٿئي ٿي: (1) ’حڪمت عملي‘ ۽ (2) ’حڪمت نظري‘. حڪمت نظريءَ جا ٽي قسم آهن جن ۾:
(1) علم اعليٰ يا حڪـمت اعليٰ: حڪمت يا علم اعليٰ کي عِلم الاهي يا حڪمت الاهي چئبو آهي، جنهن ۾ توحيد ۽ الله جي وحدانيت تي بحث ٿيندو آهي.
(2) علم ادنيٰ يا حِڪمت ادنيٰ: حڪمت يا علم جي هن قسم کي حڪمت طبعي به چئبو آهي، جنهن ۾ طب هيئت ۽ جادو به شامل آهي. ابن سينا حڪمت ادنيٰ ۾ سائنس، طبيعات، حرڪت، زمان، روح، حرڪت، ارادي ۽ موضوعات کي شامل ڄاڻندي بحث ڪيو آهي. ابن سينا حڪمت جي هن قسم کي وسيع تر معنيٰ ۾ ڏسي ٿو. طب به هن قسم جي حڪمت جو حصو آهي، جنهن جو استعمال، انساني جسم تي ۽ پوءِ ان جي فلسفي سان روح جي ڪارڪردگيءَ تي ٿيندو آهي. ڪن جو خيال آهي ته طب وغيره کي حڪمت ۾ شامل ڪرڻ جو رواج يونانين کان عربن وٽ آيو آهي. نصير الدين طوسي به ابن سينا وانگي طب، زراعت ۽ ٻين علمن کي ثانوي حيثيت ڏئي ٿو.
(3) علم اوسط يا حڪمت اوسط: علم جي هن قسم يا حڪمت جي هن قسم کي علم رياضي به چئبو آهي، الجبرا، رياضي ۽ رياضيءَ سان وابسته ارضيات وغيره جا علم حڪمت جي هن قسم جو حصو آهن.
’حـڪـمـت عـمـلـيءَ‘ جـا وري ٻه قسم آهن، جن ۾: (1) علم سياست، (2) علم اخلاق شامل آهن. تدبيرِ منزل به عملي حڪمت ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جا ٽي قسم آهن، جيڪي حڪمت نظريءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. طبيب، ڊاڪٽر يا جراح لاءِ عربي نالو ’حڪيم‘ آهي. حڪيم لاءِ عقلمندي ۽ دانشمندي سان گڏ ماهر هجڻ تمام ضروري آهي. قديم زماني ۾ ’طبيب‘ جو اصطلاح ڪَتب ايندو هو، جيڪو پوءِ ادبي ٻوليءَ ۾ ’حڪيم‘ بڻيو ۽ ان کي ترجيع ملي. ڪڏهن ڪڏهن وري ٻنهي اصطلاحن ۾ ائين فرق ڪيو ويندو هو ته: جديد طب جي ماهر کي حڪيم ڪوٺيو ويو ۽ قديم طب جي ڄاڻوءَ کي طبيب ڪوٺيو ويو. جيئن ته حڪيم لفظ جو استعمال بامعنيٰ طور دانشور ۽ فلسفي جي ماهر لاءِ به ڪيو ويندو آهي، جيئن اردوءَ ۾ ’حڪيم الامت‘ ۽ ’حڪيم مشرق‘ جا لقب علامه اقبال لاءِ استعمال ٿيا آهن.
هندستان جي حڪيم اعظم خان، حڪيم اڪبر ارزانيءَ جا نالا مغلن جي دور کان مشهور آهن. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ حڪيم اجمل خان ۽ حڪيم ڪبيرالدين تمام گهڻا مشهور هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ حڪيم شمس الدين احمد کي سنڌ جو لقمان حڪيم ڪوٺيو ويو. هن نه صرف حڪمت کي زور وٺرايو، پر حيدرآباد مان هڪڙو حڪيمي مخزن به جاري ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ طب يونانيءَ جي بنيادي تعليم بابت ڪتاب ’ڪليات شمسي‘ لکيو ۽ سنڌ ۾ پهريون طبي درسگاهه کوليو، جنهن جو نالو ’سنڌ طبيه ڪاليج‘ آهي. نامياري شاعر ۽ حڪيم نياز همايونيءَ، حڪمت جي لغت ’فرهنگ جعفريٽن جلدن ۾ تيار ڪئي. ان کان سواءِ ماضي قديم ۾ مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ جو قديم نسخو ’فرهنگ جعفري‘ به ليٿو تي ڇپيو هو.
قديم زماني ۾ طبيبن جا ٽي گروهه هئا، جن ۾:
(1) فرقھ محتاله: طبيبن جو هي گروهه هر قسم جو علاج ڪندو هو.
(2) اصحاب تجربن: طبيبن جو هي گروهه صرف تجربي ۽ مشاهدي جو قائل هو.
(3) اصـحاب قياس: طـبـيـبـن جـو هـي گـروهه تـجـربـي سان گڏ قياس کان به ڪم وٺندو هو.


لفظ حڪمتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو