بوندي

بُوندِي: هڪ قسم جي مِٺائي، نُختي. ڳوهيل پٽڙي بيسڻ کي ڇاڻيءَ ۾ وجهي، تَئي جي مٿان جهليندا ته ڇاڻيءَ مان بيسڻ جا قطرا ڇڻي تتل تيل واري ڪڻاهيءَ ۾ پوندا ۽ اُهي پچڻ کان پوءِ چاش ۾ ٻوڙيندا ته بُوندي ٺهي پوندي، جنهن کي ”نختي“ به چون. بوندي انهيءَ ڪري نالو ڏنائونس جو ’بُوند‘ تئيءَ ۾ پوي ٿي ۽ نختيءَ جو مطلب به ساڳيو آهي. يعني نقطن وانگر ڇڻي پوندڙ مٺائي.


لفظ بونديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو