داخلا نمبر 1014
عنوان ٻولي
شاخ ٻوليون
پڙهيو ويو 1481 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ٻولي

ٻولي

پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

ٻولي

ٻولي

ٻولي

ٻولي

ٻولي

ٻولي

ٻولي

ٻولي: ٻولي سماج ۾ انساني زندگيءَ جي هر هڪ پهلوءَ سان واسطو رکي ٿي، ان ڪري ان جي اهميت تمام گهڻي آهي. لفظ ’ٻولي‘ ”ٻولڻ“ مان نڪتل آهي، جيڪا هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن جي ذريعي ساهوارا هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهن ٿا. ٻولڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ فرق شعور جو به آهي ته نواڻ جو به، جانور ٻوليندا آهن ۽ هميشه هر هنڌ هڪ جهڙو ٻوليندا آهن، جڏهن ته انسان ڳالهائيندا آهن، ۽ سندن ٻوليون وڌنديون ويجهنديون تبديل ٿينديون آهن .
1. هر ڪو جسماني توڙي دماغي طور صحتمند ماڻهو ننڍپڻ ۾ پنهنجن ڳالهائڻ وارن عضون ذريعي پيدا ڪيل آوازي رابطي ذريعي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جا عمل سکي ٿو. انهيءَ وسيلي سان هو ڄاڻ منتقل ڪري ٿو، پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪري ٿو، ٻين جي عملن تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ انهن سان دوستي يا دشمنيءَ وارا ناتا رکي ٿو .
2. آوازي سرشتي جي مختلف جوڙجڪ سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيل آهن ۽ اهو چئي نه ٿو سگهجي ته ڪيتري فرق سان هڪ ٻولي ٻيءَ کان جدا سمجهي وڃي، ڇو ته ڪي به ٻه ماڻهو، ٻه گروهه، ٻه قومون بنهه هڪجهڙو نه ڳالهائيندا آهن، تنهن هوندي به جنهن سطح تي ڪو ماڻهو، ڪو گروهه يا ڪا قوم ٻئي کي سمجهڻ ڇڏي ڏئي، ان کي ٻوليءَ جو فرق چئي سگهجي ٿو. ننڍي سطح تي فرق کي لهجن جو فرق چئبو آهي. (ڏسو: لهجا )
3. گروهن جي ٻوليءَ جي بنياد تي سڃاڻپ انهن جي پهرين ٻوليءَ يا مادري ٻوليءَ جي بنياد تي ٿيندي آهي، جيڪا ٻار پنهنجي ماحول مان فطري طور سکندو آهي. البته اڪثر سماجن ۾ هڪ ”ٻي“ ٻولي به موجود هوندي آهي، يا سکڻي پوندي آهي ۽ اهڙا سماج ٻه- ٻوليائي ٿيندا آهن يا گهڻ ٻوليائي (Bilingual & Multilingual) .
4. انسان شين ۽ واقعن کي نالا ڏيئي شين ۽ واقعن جون آوازي علامتون ٺاهي، پنهنجن ساٿين سان ونڊي يا شيئر ڪري ٿو، تڏهن ئي هو هڪ ٻئي کي سمجهي سگهندا آهن. اهي علامتون هو شعوري طرح نه ٿو ٺاهي، بلڪه ازخود ٺهيل آهن ۽ انهن ۾ هڪڙو ربط آهي. ان ڪري لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”ٻولي“ پاڻمرادو اختيار ڪيل آوازي علامتن جي تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هڪ گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهي سگهن ٿا“ .
گفتگوءَ واري ٻولي آوازن جي تواتر مان ٺهي ٿي ۽ انهيءَ ساڳئي طريقي سان ٻڌندڙ جي ڪنن تي پوي ٿي. ايئن ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ سان لاڳاپو جڙي ٿو، ان ڪري چئبو ته ٻولي قدرت جو هڪ معجزو ۽ انساني سماج جو وڏو ڪرشمو آهي. زبان جي ايجاد، تعمير ۽ ترڪيب جي تاريخ هزارين سالن تي پکڙيل آهي. جڏهن کان انسانذات گڏجي رهڻ شروع ڪيو، کين هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ لاءِ ڪنهن ذريعي ڪنهن وسيلي جي ضرورت محسوس ٿي هوندي ۽ اهو وسيلو هو ”ٻولي“. اها انسان پاران هڪ پاڻمرادي اختيار ڪيل آوازي علامتن جي تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجو مافي الضمير ٻئي انسان تائين پهچائي ٿو. ٻوليءَ جي ارتقا، انسان جي سماجي ۽ ثقافتي ارتقاء سان سلهاڙيل رهي آهي، جيترو ڪو سماج ترقي يافته هوندو، اوترو ئي ان جي ٻولي به ترقي يافته هوندي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي منفرد خيال جي دنيا آهي، جنهن جو پنهنجو لفظن جو ذخيرو، صوتي ۽ نحوي نمونا آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان دنيا جي ڇهه ارب آباديءَ کي ڇهن هزار گروهن (Communities) ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن مان وڏي ۾ وڏو مينڊرين چيني ڳالهائيندڙن جو گروهه آهي، جنهن ۾ 900000000 (نوي ڪروڙ) ماڻهو آهن، جيڪي پوري دنيا جي ماڻهن جو اٽڪل ڇهون حصو آهن. ان کان پوءِ 30 ڪروڙ انگريزي ۽ 30 ڪروڙ اسپيني ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن، تان جو اڌ درجن کن اهڙن گروهن جون ٻوليون به آهن، جن جا ڳالهائيندڙ پنجن هزارن کان به گهٽ آهن. هزار کن ٻوليون اهڙيون به آهن، جن جا باقي ڪي درجن کن ڳالهائيندڙ بچيا هوندا ۽ اهي موقوف ٿيڻ جي خطري ۾ آهن. انسان جي تاريخ ۾ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ وارو گروهه هڪ فطري ايڪي جي حيثيت رکي ٿو ۽ صرف هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو ئي هڪ مشترڪ تاريخ رکي سگهن ٿا. هر زنده ٻولي بزرگن کان ٻارن ۾ منتقل ٿيندي آهي ۽ اهي ئي هر قسم جي روايتن کي اڳيان کڻي ويندا آهن. زندگيءَ وانگر ٻوليون به مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرنديون رهن ٿيون .
ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخ در اصل ان جي ڳالهائيندڙن جي تاريخ هوندي آهي، جنهن ۾ سندن قوت، ثقافت، سوڀون، مان سنمان، ڀاڳ ۽ ڪڏهن ڪڏهن هار ۽ اڀاڳ جا اهڃاڻ ڏسي سگهبا آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ٻوليءَ جو اڀياس، ان جي ڳالهائيندڙ قوم، ان جي سماج، تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ ثقافت جو اڀياس هوندو آهي، ڇو جو هر ڪا ٻولي انساني عمل جي پيداوار آهي. ٻولي، انساني سماج ۽ سندس سڀيتا کي زنده ۽ محفوظ رکڻ جو واحد وسيلو مڃي وئي آهي. لسانيات ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. (ڏسو: لسانيات). اها هڪ سائنس آهي، جيڪا سوشل سائنس (سماجي سائنس) سان واسطو رکي ٿي، ان موجب ٻولي انسانذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي ۽ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، واسطو ۽ تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا. ٻولي هڪ فطرتي ۽ قدرتي عمل آهي. جيئن ٻوليءَ ۾ آوازن جي اچارڻ ۽ لفظن جي جڙڻ ۾ صوتياتي سٽاءُ ۽ تنظيم آهي، ايئن ئي فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي ساخت، ڦيرن ۽ ويا ڪرڻي جوڙجڪ ۾ به هڪ تنظيم آهي ۽ اهو سمورو نظام پاڻمرادو جڙيل آهي، ڪنهن جي شعوري ڪوشش جو ان ۾ ڪو عمل دخل ڪونهي، انهيءَ سموري نظام جي ان وقت تائين ڪا اهميت ڪانهي، جيستائين ان جي ذريعي سماج جي فردن ۾ هڪ ٻئي کي سمجهائڻ جي قوت نه آهي، يعني لفظن ۽ جملن جي خاص بيهڪ ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جو هئڻ ئي ٻوليءَ کي ٻولي بڻائي ٿو .
ان سموري نظام کي سمجهڻ لاءِ جن علمن جي ضرورت پوي ٿي، اهي علم لسانيات جا مختلف ڀاڱا آهن: صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ معنويات (وڌيڪ ڏسو اهي داخلائون )
ٿلهي ليکي اظهار جا ٻه طريقا آهن، هڪڙو ڳالهايل ٻولي ۽ ٻيو لکت (لکيل ٻولي)، جڏهن ڪو به ماڻهو ڳالهائي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جو هڪ ٻئي جي سامهون (يا ڪنهن وسيلي سان جيئن فون ٽيليويزن ۽ ريڊيو وغيره) هئڻ ضروري هوندو آهي. هڪڙو ڳالهائيندڙ ته ٻيو ٻڌندڙ، ان ڳالهائڻ ذريعي صرف ڳالهائڻ جا عضوا يا آوازن جي ترتيب ۽ تنظيم ٻئي تائين نٿي پهچي، بلڪه چهري جا تاثر، نراڙ جو گهنج يا چپن جي مرڪ، هٿن جي حرڪت، آواز جا لاها چاڙها، بلڪه ٽهڪ، رڙ پڻ انهيءَ کي واضح نموني ٻئي تائين پهچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. اهي بصري علامتون هونديون آهن، جيڪي ثقافتي طور مختلف قومن ۽ جاتين ۾ ساڳيون يا جدا جدا ٿي سگهن ٿيون .
ٻولي جيئن ته بنيادي طرح علامتن جو نظام آهي، ان ڪري اهي علامتون ظاهر ڪرڻ جا طريقا پڻ بيان ڪرڻ ضروري آهن، ڳالهايل ٻوليءَ جون علامتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن. انهن ساڳين علامتن کي هڪ ٻئي طريقي سان ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ان وقت پيش آئي، جڏهن اظهار ڪرڻ وارو اڪيلو هو ۽ وٽس ٻڌڻ وارو موجود ڪو نه هو. هن ڪا ڳالهه کيس يا وڌيڪ ماڻهن کي چوڻ چاهي، محفوظ ڪرڻ چاهي ته هن علامتن طور خاڪا، نقشا، تصويرون ۽ اکر تخليق ڪيا ۽ انهن کي به علامتن واري نظام جي شڪل ڏني. ايئن لپيون وجود ۾ آيون (وڌيڪ: ڏسو لپي). ايئن هڪڙن انسانن ٻين انسانن تائين ٻولي لکت ذريعي پهچائي. اهو نظام ترقي ڪندو، اڄ ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ واري منزل تي پهتو آهي. مجموعي طرح ٻولي ابلاغ جو اهو نظام آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۽ لکڻ جا وسيلا استعمال ڪري ٿو. ٻوليءَ جو معنيٰ سان تمام گهرو تعلق آهي. بنا معنيٰ جي ٻولي، ٻولي نه پر محض آواز آهي. معنائن جي ڏس ۾ چئي سگهجي ٿو ته هر ٻوليءَ ۾ هڪڙيون لغوي معنائون هونديون آهن ۽ ٻيون اصطلاحي، انهن جي پٺيان ڊگهي تاريخ هوندي آهي، جنهن ۾ ثقافت، يا ڪلچر جو وڏو ڪردار هوندو آهي .
ٻولي ۽ ڪلچر: اهو ته سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ٻولي محض انفرادي اظهار ۽ ابلاغ نه، پر انسان جي گڏيل زندگيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وٿ آهي. انساني زندگيءَ جي مجموعي طور هر پهلوءَ سان لاڳاپيل عنصرن کي گڏي ثقافت يا ڪلچر چئجي ٿو. ٻولي انسان جي ڪلچر جو حصو آهي. علم الانسان جا ماهر ٻوليءَ ۽ ثقافت جي تعلق بابت تمام واضح آهن. انسان کائي ٿو، پيئي ٿو يا ڪپڙا پائي ٿو، اها ثقافت نه، پر سندس حياتياتي گهرج آهي، پر هو اهي ڪم ڪيئن ڪري ٿو، ڪهڙا کاڌا کائي ٿو، ڪهڙا مشروب پيئي ٿو، يا پوشاڪ جو وٽس ڪهڙو نمونو آهي، اهي ڳالهيون ڪلچر جو حصو آهن ۽ اهي هر ڪو گروهه، جاتي يا قوم پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪندي آهي. انهيءَ خاص رنگ ڍنگ کي ان قوم جو ڪلچر يا ثقافت چئبو آهي (وڌيڪ: ڏسو ثقافت). ٻولي ان جو سڀ کان اهم پهلو آهي ۽ اها ثقافتي طرح منتقل ٿيندي آهي، مائٽن ۽ وڏڙن ذريعي اها منتقل ٿئي ٿي، ٻولي ڪلچر کي اڳتي وڌائي ٿي ۽ ڪلچر ٻوليءَ کي اڳتي وڌائي ٿو. لکيل ٻوليءَ ذريعي ادب ۽ ادب ذريعي ٻولي اڳتي وڌن ٿا .
دنيا جي ٻولين جي ورهاست ۾ ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جو مقام: دنيا جي ٻولين جي ورهاست ٻن بنيادن تي ڪري سگهجي ٿي: نسلي طور (جينيٽڪ) يا ساخت جي هڪجهڙاين موجب، نسلي طور تي ڪيل ورهاست ۾ اهي سڀ ٻوليون، جيڪي ڪنهن هڪ ماءُ ٻوليءَ مان نڪتيون هجن، هڪ هنڌ رکبيون آهن، جنهن ۾ ٻولين جي قدامت جا رڪارڊ جانچبا آهن ۽ اصلوڪين ٻولين (Proto-languages) جي جوڙجڪ ذريعي نتيجا ڪڍبا آهن، جڏهن ته ٻولين جي ساخت جي هڪجهڙاين يعني گرامر جي هڪجهڙائيءَ بابت ڪا واضح ورهاست هن وقت تائين ڪانه ڪئي وئي آهي. البته هڪ ڀيرو ٻوليءَ جو اصل نسل معلوم ڪري پوءِ وري گرامر واري ساخت جي بنياد کي به ان سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو. انهن اصولن موجب ٿلهي ليکي ٻولين کي ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهايو ويو آهي .
هند- يورپي (انڊويورپين ):ڪل نون اهڙين ٻولين مان ست يورپ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. مثلاً: يوناني، ڪئلٽڪ، بالٽڪ وغيره، ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جي نسلي ورهاست ۾ پاڪ-هند ننڍي کنڊ کانسواءِ نيپال، سڪم، ڀوٽان وغيره جون ٻوليون ٻن گروهن ۾ ورهايون وڃن ٿيون. هند آريائي (انڊو آرين) ۽ ايراني، جيڪا هند يورپيءَ جي هند ايراني گروهه جي ٻولي آهي. هن خطي ۾ ڪجهه اصلوڪيون ٻوليون، ڪجهه دراوڙي ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيون (بروشسڪي وغيره) ۽ چين، تبت جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون .
هند يورپي ٻولين جي هند آريائي شاخ جون اڪثر ٻوليون برصغير ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ ان شاخ کي اهو نالو ڏنو ويو آهي، پر ان جي باوجود ڪيتريون هتان جون اصلوڪيون ٻوليون ان ڪري هن گروهه ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون، ڇو ته اهي انهن ٻولين سان گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري انهن سان گهڻي مشابهت ڏيکارين ٿيون، هتان جو آڳاٽيون پروٽو-آرين اصلوڪيون توڙي آريائي گروهه جون ٻوليون آهن: بنگالي، مراٺي، مشرقي ۽ مغربي هندي گجراتي، لهندا ۽ سنڌي (وڌيڪ ڏسو: سنڌي ٻولي) .
دراوڙي ٻولين واري خاندان ۾ عام طور ڏکڻ هندستان جون گهڻيون ٻوليون اچن ٿيون، جن ۾ نمايان ڪنڙ، تامل، تيلگو ۽ ملايالم ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ بروهي ٻولي شامل آهن. هڪ نظريي موجب (پرپولا )
سنڌيءَ کي به دراوڙي يا پروٽو دراوڙي دفعي جي ٻولي سمجهيو ويو آهي. (وڌيڪ: ڏسو دراوڙي ٻوليون )
منڊا ۽ ٻيون ٻوليون: اهڙيون اٽڪل 16 ٻوليون هندستان جي علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن کي ڪن ماهرن آسٽرو ايشيائي ٻولين جي خاندان سان لاڳاپيو آهي . وڌيڪ ذريعا
pakistan languages:wikipedia

http://en.wikipedia.org/wiki/Languages_of_Pakistan

Language: Wikipedia

http://en.wikipedia.org/wiki/Language

http://newswatch.nationalgeographic.com/2011/03/01/language_diversity_index_tracks_global_loss_of_mother_tongues/
National Geographic


لفظ ٻولي هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بابا فريد مسعود گنج شڪر
باب السماءِ
بابر بادشاهه
باپوءَ جا خط
بادام ناتوان
بادرنگ
بادل (رسالو)
بادل جمالي
باديانُ
آبِ زمزم
بارٽل فريئر
بازيگر (ٻولي)
باغ
باغ فردوس
باغي حليم
باغي منڊل ڪراچي
اٻوجهو الهه بخش
بافتو
باقيات از احوال ڪلهوڙه
باگڙي
آتم ڪٿا
آتم ڪٿا جي نالي ۾
بال
آتم ڪهاڻي
بالغن جي تعليم لاءِ پهريون ڪتاب
بائبل
آتڻ (اصطلاح)
آثار الباقية عن القرون الغالية
آثارالعرفان
بت
ٻاٻاڻي ڪيرت
آثار قديمه
بپتسمو
آچاريه
بحرين
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
بدرالدجيٰ
ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون
ٻاٻيهو (پکي)
بدعت
بدنو
ٻال ساهتيه جو وڪاس
ٻال ساهت ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي اهميت
ٻالڪ سنڌي
ٻانهن
ٻانھو
ٻاويهه سؤ ٻاويهه
ٻٻر روڏو
ٻٻر ڪوري
ٻچي داني
ٻڌا ڀڳوان
ٻڌمت
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
اردو
اردو سنڌي لغت
ٻگهه
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو مٽلاڻي
ارشد هالائي
ارغون
ارم ارمق
ارمان
ارم محبوب
ارنيسٽ ٽرمپ
اروڙ ونسي
اسان جو جسم
اسان جِيئن جيئي ڪو
استاد امير علي خان
استاد بخاري
ٻنگ
ٻني
ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت
ٻوٽن جي واڌ ويجهه
ٻوڌي ستو
استاد محمد جمن
ٻوڪاني
استخارو
استعمالي جاميٽري
استنبول
اسٽوپا
اسٽيشن
اسحاق آهنگر
ٻولي
ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوت
ٻوليءَ جو شڪار
ٻوليون لوليون ٻارن جون
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسد چاچڙ
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟
ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس
ٻيلاين جا ٻول
ٻيلڻ
ٻيو پاسو
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اشاعت
اشتياق انصاري
اشلوڪ
اشوري
اضحِي
اطهر منگي
اعتڪاف
اعجاز قريشي پروفيسر
اعراف
اعواڻ
افغانستان
اقبال پرئڪٽيڪل فار لئنگئيجز
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اڪبر لغاري
اڪٿ ڪهاڻي ڪبير
اڪ مڪڙ
اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه
اڳٺ
اڱارو
الاتان
الانا جِي
براق
الانا ڊاڪٽر غلام علي
براهوي
براهمي گپتا
الجماعت
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
الحنيف
آخوند سانوڻي
الستي عبدالغفور
الطاف جوکيو
برج ڀاشا
الطاف شيخ
برده شريف
برسات
برسات (اخبار)
ابابيل
ابجد
الفارابي
الف- بي
برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
الف – بي جي تاريخ
الف ليليٰ
الڪندي
الله
المصطفيٰ
برڪاتي مسعود احمد
الهبچايو يار محمد سمون
الهه بخش ٽالپر
برڪت علي ڀٽ
برڪت علي چوهاڻ
ابراهيم جويو
برما
الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر
بروڪس ڪات
بروئو
الهرکيو ٻُٽ ڊاڪٽر
بروهي
الهنواز نواز رُڪڻائي
بروهي عبدالحليم
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
اليگزينڊر برنس
امام
امام ابُوحنيفه
ابڙو آفتاب
ابڙو جمال
ابڙو خدا بخش
ابڙو روبينا
ابڙو عبدالحق
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
برهمچاري پرڀوداس
برهمڻ آباد
برهمي رسم الخط
بريل سسٽم
بزگر
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
ابن النديم
ابن الهيثم
امجد سراج ميمڻ
امداد آهي رول
ابن حوقل
امداد حسيني
ابن خلدون
امداد علي سرائي
ابن صفي
امرتا پريتم
ابن هشام
امرت جو ڪلش
امرتراءِ سام جئسنگهاڻي
ابوالاعليٰ مودودي
انگي حساب
امر جليل
امر سنڌو
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن جي سنڌي
بسڪوٽ
آخوند لطف الله لطف قريشي
بشڪرڪ
آخوند محمد قاسم هالائي
آخوند ھدايت الله پريم ڊاڪٽر
ابيات سنڌي
اتا ترڪ ڪمال
اترادي ٻولي
اتم اي جي
اتمچنداڻي سندري
اتم ديارام هنڱوراڻي
اٽل مل بينام
امنگون
امير
امير بخاري
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
اٺون ماڻهو
امين فهيم مخدوم
اپڀرنش
امين لغاري
اپنشد
انار
اجتهاد
انب
آرتوار
اجواڻي لالسنگهه
احسان بدوي
احفاظ الرحمان
احمد آباد (انڊيا)
احمد ابراهيم
احمد حسن داني
احمد خان آصف مصراڻي
احمد خان سهاڳ
احمد شيخ
آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ
احمد مجتبيٰ غالب
احمد ملاح مولوي
اخبار
بطانو
بطليموس
اختر انصاري اڪبرآبادي
بغداد
آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
آڏواڻي ، پارپتي رام ڪرشن
بقراط
آڏواڻي لال ڪرشن
انبيڪو
انتخاب
آڏواڻي ڪيولرام
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
اِنجِڻ
آرامـي
آر ايم هري ڊاڪٽر
انڊيا آفيس لائبرري
ادرڪ
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انسان جي تاريخ2
آريائي ٻوليون
انساني حق
انسائيڪلوپيڊيا
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
بکر
آريسر عبدالواحد
ادريس جتوئي
آزاد انور ڪانڌڙو
ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي
آزاد برڪت علي ڪامريڊ
آزاد صوفي 2
ادو عبدالرحمان
انوار سهيلي
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
انگريزي
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
آزاد نظم
انگلنڊ جي تاريخ
اوطاق
اوقاف
اربعا
آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي
اولاڪ/ اولاق
ارجن حاسد
ارجن سڪايل
اردابيگي
ارداس
اردن
ايس آر راءُ
ايس اين ڦيرواڻي
اها شام
اُهي ڏينهن اُهي شينهن ٽي جلد
ايسپ جو آکاڻيون
ايشور آنچل
ايشور چندر
ايشوري جوتواڻي
ايلميتي خط
ايل وي پرانچبي
الياس
ايمان
اياز پاٽولي
اياز جاني
اياز شاهه
انور پيرزادو
آسان علاج
آسانند مامتورا
آسٽرو ايشيائي ٻوليون
اياز شيخ مبارڪ علي
بلاڪ
اي جي چانڊيو
ايم جي ٺاڪر
ايڇ ٽي لئمبرڪ
ايم ڪمل
اير
اين بي بٽاڻي
اين جي مجمدار
ايران
آنند درٻار
ايوب کهڙو
آسي زميني
آشا چاند
آنڪي
آصف مٺياڻوي
آغا
آهير
آغا بدرالدين دراني
آءِ آءِ قاضي علامه
آغا تاج محمد خان
آئين
بيلجيم
آئيوٽا
آيت
بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي
آيرويد
بين الاقوامي عدالت انصاف
بينا مسرور
بينچ2
آغا خان
بهاءُ الدين گودڙيو
آغا سليم
بهڻي بوهڻ
بلبل
بئنڪ
بيابان
بياض مير مائل
بلبل کورواهي
بلوچ تاج
بيت
بيوس ڪشنچند
بيوس ۽ نئون دور
بيت الحڪمت لائبرري
آفاق صديقي
آفتاب ادب عرف ساهتيه جو سج
بيخود بلوچ
انور فگار هڪڙو
بيدار مڱريو محمد پريل
آفـيم
بلوچستان
بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر
بلوچي ادب
بلوچي ٻولي
بلوچي شعري ادب
بلهي شاهه
آقا
بمبئي
بيدل فقير
بنگالي
بنگالي ڪهاڻيون
بنگلاديش
بنگلو (هنڌ)
بيرم خان
آگرو غلام رباني
بيگلار نامو
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
بيگم عبدالله چنا
انور هالائي
بيگم ممتاز راشدي
انوکا آزمودا
انيس انصاري
بوروشسڪي
بوستان
بوگرا فارمولا
اوڀر
بولچند ڏيارام
بولچند راجپال
اوج علوي
اوڏ
اوڏڪي اوڏ
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ
اور موڙي
بهاري لعل ڇاٻڙيا
اوريا اُڙيا
اوريائي لپي
اوڙاهه2
امان الله شيخ
آرڪائيوز
ادب ٻولي تعليم
آزاد بلگرامي
ارباب الهجڙيو
آزادي اعلان اسان جو
آسٽريليا
آسو رام آسو
آصف فرخي ڊاڪٽر
اسان زنده رهنداسين
انڊونيشيا
آمريڪا
آمنه بيبي
اسپين
اسحاق انصاري
اسلم فرخي ڊاڪٽر
اسماعيل عرساڻي
ابنِ مقله بيضاوي
ابو جعفر طوسي رح
البيروني ابو ريحان
اتر ڪوريا
اٽل رام سوامي
الهداد راهو
اٽلي
اثر سنڌي
الهورايو نظاماڻي
احمد خان هيسباڻي
اخبار تعليم
اوپيرا
بارغ
بازهر
امر ڀٽي
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
اهروي عبدالمجيد ماجد
اندر جي اڇل
آخري گهڙيون عظيم انسانن جي زندگيءَ جون
ائنا اخمتووا
ببليوگرافي
بچاڻي فضل احمد
بخاري ممتاز
آر ڪي سڌوا
اسڪو پارپولا
برازيل
برمودا
آگاڻي ملڪ
بروهي جوهر
بروهي داد محمد خادم
برهماڻي غلام رسول
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بنگلزئي حاجي عبداللطيف
بوٽسوانا
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بهشت ۽ دوزخ
بي . بي . سي
ابو دلف
براهوئي تاج بانو
برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو1
بزرگ بن شهريار
بزرگ بن شهريار1
بکري مير عبدالرزاق
بهڊمي
ٻاونجاهه اکريون
اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون
ارٿ شاستر
ارشد عبدالحڪيم
ارل اسٽين
استاد انور علي سانگي
استاد لغاري
استاد مجاهد چانڊيو
استادن لاءِ هدايتون
الاهي بخش ٻانڀڻ
الاهي بخش ڀٽي
احسان ايڇ نديم
الڪا ڪيسواڻي
امان الله مفلح
ايڪتا
انڊڪ منڊڪ
انوار الاسرار تفسير
ائٽڪن اِي ايڇ
اي آهو چشم ڪڌر
ايڊورڊ سعيد
ڀاٽيا
ڀاٽيا لڇمڻ ڪومل
ڀاٽيا ، وشنو
ڀارت
ڀارت پبلشنگ ھائوس ڪراچي
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل
تلسيداس
ڀارت ۽ پاڪستان
تلڪ بال گنگاڌر
ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ:
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
ڀانڊاري پير ڪرهيو
تمبو دڙو
ڀاوسار
تمن
تناسخ
ڀاون علي شاهه
ڀائي پرتاب
ڀٽائي
تندرستي
تنزانيا
تنقيد
تنؤلي
ڀٽو علي محمد
ڀٽو ممتاز علي
ڀَٽُون2
ڀٽي رشيد
تنوير عباسي ڊاڪٽر
تنها
تنيو شمس الدين ڊاڪٽر
تنيو گل محمد
توالو
ڀَڃَ ڀاڄ
ٺپي ڍوري
ٺڪر
ڀرڳڙي عبدالماجد
تور ڊيري لکت
ٺيڪو
توروالي
تور وال
ثريا سوز ڏيپلائي
ثقافت کاتو سنڌ
ثقافت
ثقافتي ورثو
ڀڳت ڏيوجي
ترجنيف
ترانو
ترائيل
تربت
ثميره زرين
ترب
ترپ
ڀڳت ڪبير
ثور2
ترخان نامو
ترسول
ڀڳت ڪنور رام
ٺاڪر چاولا
ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب
ٺٽو
ترڪ
ترڪ تال
ترڪمانستان
ڀڳوان اٽلاڻي
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ترڪي
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ڀڳوان ٻُڌ1
ترندڙ بادل
ترنگ جو تيرٿ
ٺٽوي عبدالحڪيم عطا
ڀڳوان داس دولتاڻي ھوش
ڀڳوانداس مهاراج
ڀڳوان سي . ٿڌاڻي پشپ
ڀڳوان لالواڻي
تزڪ بابري
تزڪ جهانگيري
تسبيح
ڀنڀاڻي نارائڻداس ميوارام
ڀنڀرو عطا محمد
تسليما نسرين
ڀنڀور
ٽالپر مير عبدالحسين خان سانگي
ٽالپر مير غلام الله خان شاهواڻي
ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
ٽالهي
ٽامو
ٽانڪي
تشنج
تصوف
تصوير سنڌ
ڀِنيان
ڀوبينسور
ٽائوٽ
ٽائون
ٽائيپ جي مشين
تعليم
ٽائيم ٽيبل
ٽٻڻو
ڀوتار
ڀوتاڻي محمد اسلم
ڀوپالي محسن
تعمير ماهوار ڪراچي
تفريق ۽ تقطيع
تفسير
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
تفسير سورة يوسف 2
تفسير فاضلين
تقي شاهه جو ڪلام
ڀؤنر ڀري آڪاس
ڀون سنڌي
ڀونوچ سمنڊ
ڀيا
ٽڪيٽ
تولارام عاجز
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
تولو
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاهه مير مهجور
ڀِيل1
تون پارس آئون لوهه
ڀيم سين جوشي
ڀينڊي شريف جو مدرسو
ٽنڊولڪر سچن
تهائو
تهذيب
تهذيب الاخلاق
تاج الدين سيد
تاج جويو
تاجڪستان
تاجل بيوس
تهران
تائيوان
تحريڪ ريشمي رومال
تاج محمود امروٽي
تحفة الطاهرين
تحفة الفقه
تحفة الڪرام
ٽوگو
تحفة الڪرام جلد سوم
تحفة الڪرام جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو
تحفة المسلمين وهدية المومنين
تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
تحقيق ۽ تنقيد
تحقيقي مرڪز ڀٽ شاهه
ٽهلرام آزاد
تخاري
تَخلص
تڏو 2
تذڪره تڪملئه مقالات الشعراءِ
ٽئگور رابندرناٿ
ٽئنڪ
تذڪره روضة السلاطين
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
ٽي ايس ايليٽ
تيرٿ وسنت
تذڪره سلاطين ڪيچ و مڪران
ٽي ايل واسواڻي
تار
ٽي بي
تيزاب
تذڪره لطفي
تيليگو
تيمور لنگ
تيوِرا
تيونس
ٽيٽو
تذڪره معيار سالڪان طريقت
تذڪره مقالات الشعرا
تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان
ٽيٽيهر واسڪوٽي گسلنگ گوڙينگ
ٽيٽيهر
ٽيپو سلطان
ترابي ، علامه رشيد
تبت
ٿاريلي بلبل
تتر
تاريخ جو سفر
تاريخ جو ڪفن
ٿامس ايڊيسن
تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي
تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو
تاريخ سنڌ13
تاريخ سنڌ 17
ٽيڙو2
تاريخ طبري
تاريخ فيروز شاهي 2
ٽيڪچند بهار
ٽيڪچند مست
ٽيڪٽونڪ پليٽون
ٽيڪس
ٿائي لينڊ
ٿڌاڻي، اين وي
ٿڌاڻي هوتچند
ٽيڪسيلا
ٽيلِيپيٿي
ٽيم
ٽين
ٽينڊر
ٽين صدي هجري
ٿر جي ٻولي
تارا ميرچنداڻي
ٿوهر هيٺان ننڊ
ٿريلي ٻولي
ٿڙ
تاريخ ڪڇ ۽ مڪران
تاريخ
تاريخ معصومي
ٿلي ٻولي
تاريخ ادب اردو2
ٿيليسيميا
ٿي نه سگهيس شاعر
تامل
تان سين
پير حسام الدين راشدي
پير حسن ڪبير الدين رح
پاٽ
پيرزادو عبدالستار
پيرزادو عبدالمجيب
پيرزادو مير محمد
پير زين العابدين شاهه زينل
پشاور
پاٺشالا
پير صدرالدين
پير عبدالستار جان سرهندي
پير علي محمد شاهه راشدي
پشپا مالهي
پـشـپا ولـڀ
پادر
پاڍل
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
پير محمد زمان شاهه هاشمي
جلال چانڊيو
جلال کٽي
جل مشعل جل
جابر بن حيان
جاٽ1
جاٽ2
جارج ابراهَم گريئرسن
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
جارج شرٽ
جارجيا
جاسوسي ادب
جافر
جاکي بندر
جـاگرافي
جاڳو
جالينوس
جام
جامع الڪلام في منافع الانام
جامعه
جامعه دارالهديٰ
جامي چانڊيو
جان بيمس
جان پولن
جان محمد جانڻ منگي
جان ملٽن
جانورن جو بادشاهه
جانوري
جاويد قاضي
جبرئيل
جبل مٿي باهڙي
جت
جتڪي
جتڪي ٻولي
جتن جي تاريخ
جتوئي عارف مصطفيٰ
جتوئي عبدالرحمـٰن
جتوئي علي نواز حاجن
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
پارچو
فارس
پارسي ٻولي
پارسي دري
پارڪر
پارڪري
پاروتي
پارو چاولا
پاڙي واري
پاساڙو
پاسنگ
پاسو
پاشا
پاڪستان
جپان
جِپسي
جدگال
جدگالي
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن
جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ
جراثيم
جرمني
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي
پاڪستان سرڪار جو اشاعتي کاتو
جريده
جَزم
پاکَرَ
جسڪاڻي لعل بخش
پالاري
پالي
پاناما
جشن واسواڻي دادا
جعفر شاهه مورائي
پانچ پرگنيا
پانيا
پانيلي
پاڻي کولڻ
پاڻيڻي
پاوندا
جعفري نواز علي نياز
ج ع منگهـاڻـي
جگني
جڳتياڻي لالچند امرڏنو مل
پائي وائي ۽ پائي وُزو
پتافي فيض محمد سڪندري
جمالي
جمالي شيخ حماد
پتڻ ٿو پور ڪري
جماڻي مدن
جمرة
پٽالا
پٽاليني راوڙ ۽ پالي
پٽنا
پٽيل
جمع الجوامع
پٺاڻ
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
جميل الدين عالي
جميل الزمان جميل مخدوم
جناح قائداعظم محمد علي
جن پڙهايو پاڻ
جنجهي نور احمد
جنداوڙا
جنگ جو اعلان
جواهر لغات سنڌي اڪيچار
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر
جوڌپور
جوزف سلاڊن
جوکيوعبدالمجيد بکري
جَون ايليا
ڄامپور
ڄام (ذات):
ڄام جوڻو
ڄام دُرڪ
ڄامڙو، ڪمال
ڄام علاؤالدين جوڻو بن بابينو
ڄيٺواڻي، هريڪانت
ڄيٺو لالواڻي
جَهٻيرَ (ذات)
جهتيال (ذات)
جهرڻا (ڪتاب)
جهلاوان
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
جھمٽ مل نارومل وسناڻي
لَونڊَڪَ
جهولڻو (صنف)
جهونا ڳڙهه:
ڃوڃڻ
چارلس نيپئر
چارو پرسو گدواڻي
چاڙهيڪو
چاڪي
چاڳلا، غلام علي
چانڊوڪي ۽ زهر (ڪتاب)
چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر
چانڊيو، علي خان
چانڊيو، نظام الدين
چانهه/ چاري پکي
چاولا، ارجن
چڀالي
چترڪاري/ مصوري
چترو ناگپال
چِٽ چَـر
چٽگانگ
چچ نامه/ چچ نامو
چرچ مشنري سوسائٽي، سنڌ
چرُون2
چغتائي عصمت
چُلـهه
چلي (ملڪ)
چماري
چمڙي
چنار
چنا، شبير ’ناز‘
چنڊ ڳليون
چنڊ، محمد عمر
چنڊول
چوٿ جو چنڊ
چوٿين مارچ جو واقعو
چوڌري
چوڏهن معصوم
چور تپ
چولستان
چوهڙ جمالي
چوهڙ، شيخ عبدالجليل
چُهڙا
چئناڻي حشمتراءِ آتما
چيتن ديوڪي، ورما يمراج
چِيتو
چيٽرجي سنيتي ڪمار
چي گويرا جي ڊائري
چيلسو/ چيلسي
چـيـن
چيني ٻولي
چيھو ڪارو- ڳاڙهو
ڇاٻڙيا آرتي
ڇاٻڙيا، بهاري لال
ڇاپاڪو ديسي
ڇاڇي
ڇانگ
ڇٽو چانڊيو
ڇٽيهه لکڻو
ڇپائي
ڇـپـر ڪـيـن ڏي
ڇِلو1
ڇند وديا
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون
حاجي بابا اصفهاني
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
حاجي فتح محمد نظاماڻي
حاجي محمود ’خادم‘
حاصل النهج
حاضري
حافظ حبيب سنڌي
حافظ حامد ٽکڙائي
حافظ شيرازي
حافظ محمد 1
حافظ محمد بخش خاصخيلي
حالي، الطاف حسين
حَبِش
حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
حبيب جالب
حـُر
حـرف هـيـرن جـھـڙا
حزب
حسن ڪبيرالدين، سيد
حسني قادري، پير غلام شاهه جيلاني
حسينيءَ جي هاڪ
حشو ڪيولراماڻي
حضرت بلال بانگو رضه
حفظ الله علوي مير
حفيظ شيخ
حق اثبات
حڪمت
حڪيم
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
حــلال
حليما
حليم لکيو
حمايت علي شاعر
حمل
حمورابي
حمـيـد سـنڌي
حميد عظيم آبادي
حميره چنا
حنس
حنيف صديقي
حواس
حوالو
حيات النبي ؐ
حياتيات
حيدرآباد جي مختصر تاريخ
حيدر خان ٻروچ
حيدر علي لغاري
خادم حسين شاهه
خادم حسين شاهه نقوي
خان
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
خانچند درياڻي
خان خانان مرزا عبدالرحيم
خانزئي، مولوي غلام محمد
خٽڪ، اجمل
خٽڪ، خالد خان
خدا وادي/خدا آبادي خط/لپي
خدا ڏي خط
خداوند يسوع مسيح جو انجيل 1
خرار، کراڙ
خراسان
خرزين/ خرجين
خرقو/ چوغو
خروشتي، کروشتي خط
خسته نور محمد
خصائص علي بن ابي طالب عليه السلام
خضدار
خضر حيات، قاضي
خط2
خطاطي
خط ٻن اديبن جا
خميس
خميني، آيت الله
خواب خوشبو ڇوڪري
خواجه شمس الدين
خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا
خواجه ميان عبدالحق
خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر
خوبچنداڻي، لڇمڻ
خوشحال خان خٽڪ
خيبر
خيبر پختونخوا
خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو
خير محمد آريجا جا مدرسا
داٻ
دادا
دادا سنڌي
دادو ديال
دادوي، غلام مصطفيٰ
دارالعلوم ديوبند
داردي
داس طالب
داس ڪيپيٽال
دام سان شڪار
دانتي
دائود بلوچ
دائودپوٽـو، ولي
دائود عليه السلام
دائي
دايو، غمدل فقير
دبستان مذاهب
دخـمو
دراني، اٽل خان
دراوڙ لوڪ
درد جو دريا 2
درزي ننڍو
درزي وڏو
درس، ظهورالحسن، مولانا
درسگاهه ٽلٽي
درِشهوار سيد، ڊاڪٽر
ڏيٿو، عبدالرحيم
درود شريف
دري ٻولي
دريا پنٿي
دريا خان فقير
دري پلارا
دعا جا پير
دلبر پٽ مُنهنجو
دلمون
دم، اُڀ ساهي ،ساهه جي بيماري
دماغ مغز
دميلي
هن صفحي کي شيئر ڪريو