جتڪي

جتڪي :Jatki)ٻولي ):هيءَ ٻولي جتي، جَتو، جات، ڪياني ۽ موسلي جي نالن سان سڏجي ٿي. هن ٻوليءَ جو لهجو مغربي پنجابي ٻوليءَ سان ملندڙ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان به گهڻو ملي ٿو. ضلعي جهنگ ۽ لائلپور (هاڻوڪي فيصل آباد) ۾ وڏي ڪئنال ڪالوني ٺهڻ ڪري ٻين هنڌن تان ڪيترا پنجابي به لڏي اچي ويٺا آهن، جنهنڪري گاڏر لهجو ٺهي پيو آهي، انهيءَ لهجي ۾ اڌ پنجابي آهي ۽ اڌ لهندا ڳالهائيندڙن جو، جن جو تعداد 48000 کان وڌيڪ آهي، اهو لهجو جيڪو هنن ٻن ضلعن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، ان کي ’جتڪي‘ چون ٿا، جتڪي ٻوليءَ جو لهجو، ’جدگالي‘ سان ملندڙ آهي، بلوچستان جي علائقي جعفر آباد جي تعلقي اوستا محمد جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جتي بروهين جي آبادي تمام گهڻي آهي، اهي سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت سبب سنڌي ڳالهائين ٿا، پر سندن لهجو جدگاليءَ کان به بدليل آهي، جنهن کي ان جي ننڍي محاوري جي حيثيت ۾ جتڪي چئجي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: جدگال). بروهي يا بلوچ، ’جاٽ‘ هتان جي سماٽ قبيلن کي سڏين ٿا. جن شهرن ۾ بلوچ قبيلن جي گهڻائي آهي، جهڙوڪ: اوستو محمد ۽ خيرالدين يا سوئي (گئس) وغيره. اهڙن شهرن جي سنڌي ٻوليءَ کي به اهي بلوچ عام طور ’جتڪي‘ سڏين ٿا. بروهي آباديءَ وارن علائقن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ بروهي زبان جا لفظ ۽ اثر نمايان آهن. جڏهن ته بلوچي علائقن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ بلوچيءَ جا لفظ ۽ ان جو اثر نمايان آهي. ڊاڪٽر بلوچ موجب بروهڪي ۽ بلوچي زبانون سنڌي ٻوليءَ جون پاڙيسري ٻوليون آهن ۽ صدين کان وٺي هر سال سياري ۾ بروهي ۽ بلوچ قبيلا سنڌ ۾ پورهئي خاطر اچي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ رهيا آهن، جنهن سبب انهن ٻولين جا لفظ هڪ ٻئي جي ٻولين ۾ جذب ٿي ويا آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته انهيءَ امڪان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته قديم دؤر جي منڊا ۽ دراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري بروهڪي ٻوليءَ جا ڪي لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ٿي چڪا آهن. جتڪي محاوري ۾ به بروهي زبان جا ڪيترائي لفظ شامل ٿيا آهن. سئي، ديري بگٽي ۽ ڪوهلو علائقن جي ميداني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، جتي بلوچن جي اڪثريت آباد آهي، جتڪي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا بلوچيءَ کان متاثر آهي. حرف ڙ ۽ ل ٻئي نه صرف جدگالي ۽ فراڪي محاورن ۾ استعمال ٿين ٿا، پر لاسي، ڪوهستاني، جدگالي، کيتراڻي، ايتري قدر جو ٿري معياري محاوري ۾ پڻ انهن جو استعمال ٿئي ٿو. ان کانسواءِ جهلم، چناب جي وچ واري سنڌ ساگر دوآبي، مظفرآباد، شاهپور، جهلم جي سالٽ رينج ۾ به جتڪي ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا ديري اسماعيل خان، بنو ۽ ميانواليءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هيءَ يوڪرائين ملڪ ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي، جتي هن جا ٽي هزار کن ڳالهائيندڙ موجود آهن، پر افغانستان ۾ هن جا 25 خاندان جلال آباد ۾، 50 خاندان چارڪار ۾، ۽ 25 خاندان ڪابل ۾ رهن ٿا. هي ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ۽ لهندا ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ پاڪستان جي ٻولي يدگالي/ جدگاليءَ کان ڪي قدر مختلف آهي. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گهڻو ڪري مسلمان آهن.





لفظ جتڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو