اشوري

اَشُورِي: وچ ايشيا جي هڪ ٻولي، جيڪا سامي سٿ جي هڪ شاخ هئي. هيءَ ٻولي ميخي خط ۾ لکي ويندي هئي. اوڻيهين صديءَ ۾ ماهرن هن لکت کي پڙهيو. هيءَ ٻولي گهڻو ڪري مٽيءَ (ٺِڪر) جي سِرُن تي لکيل ملي آهي، جيڪي ”نينوا“ جي ڀِڙَن مان مليون آهن. اهي تختيون 1000 سال ق. م کان 5000 سال ق. م جي درميان لکيون ويون. هنن تختين مان قديم اشوريءَ قوم جي تاريخ ۽ تمدن بابت دلچسپ معلومات ملي آهي.


لفظ اشوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو