الاتان

الاتان (Ullatan ):هيءَ ٻولي ڪاتان (Katan)، ڪاتولان (Kattulan) ۽ الادان (Ulladan) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. دراوڙي اصل نسل جي ٻولي آهي.
هيءَ ٻولي هندوستان جي ڪيرالا، پالاڪڊ، تري پورا وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1991ع جي رپورٽ موجب هن جا 14850 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هيءَ ٻولي دراوڙي، اڻ ورڇيل خاندان مان آهي. هي ٻولي لکت ۾ ڪانه آهي. هي ماڻهو گهڻو ڪري ملايالم ٻولي ڳالهائين. گهرن ۾ الاتان ڪن. ٻي ٻولي به ملايالم پڙهن. ان ۾ سندن تعليم جي شرح 67 سيڪڙو آهي. يولادن ۽ ڪوچو (Kochu) هندستان جا قبيلا آهن، جن جي هيءَ مادري ٻولي آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته ملايام هنن جي مادري ٻولي آهي. هي لوڪ جانورن جي سجاوٽ جو سامان ٺاهين، نوڪري ڪن، مزدوري ڪن. هي مذهبي طور هندو آهن.


لفظ الاتانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو