رڇ

رڇ

سرخ ڀورو يا برفاني رڇ

سرخ ڀورو يا برفاني رڇ

ڪارو رڇ

ڪارو رڇ

ڪارو رڇ

ڪارو رڇ

رڇ

رڇ (Bear/ ursidae): زمين تي رهندڙ درندن مان رڇ اهڙو جانور آهي جيڪو ڳرو جسم رکي ٿو. سندس مٿو وڏو، ويڪرو، اکيون ننڍيون، پڇ ايترو ننڍو، جو سندس بت جي وارن ۾ ئي نظر نٿو اچي. سندس ڪن گول، ننڍا، ٽنگون مضبوط ۽ چئن ئي پيرن ۾ پنجن پنجن آڱريون ٿينديون آهن. هر آڱر تي مڙيل ۽ تيز ننهن ٿيندا اٿس، جيڪي سدائين ٻاهر نڪتل هوندا آهن، بالغ رڇن جا ننهن ٽٽي به پوندا آهن. هلڻ وقت هن جانور جا پير زمين تي ڦٻيل هوندا آهن. انهن تيز نوڪيلن ننهن کان هي جانور تيز ڌار واري اوزار جو ڪم وٺندي، زمين کي کوٽيندو ۽ شڪار جي چڱيان چير ڦاڙ ڪندو آهي. سندس اڳيان ٻيئي پنجا بلڪل اندر طرف مڙيل هوندا آهن. بالغ رڇ جو وزن 27 کان 780 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو. رڇ جا وار وڏا، ٿلها، گهنڊيدار ۽ هڪ ئي رنگ جا ٿين ٿا. سندس عام رنگ ڀورو، ڪارو ۽ سفيد ٿيندو آهي. چپ ڏندن کان الڳ ٻاهر نڪتل ۽ ڏاٺون مٿي چپٽيل هونديون آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته رڇ هر قسم جي خوراڪ کائڻ جو هيراڪ آهي. سندس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي قوت ڪافي ڪمزور آهي، پر سنگهڻ جي حس تکي اٿس.
گرم ۽ معتدل آبهوا ۾ رڇ سج لٿي کان پوءِ شڪار ڳولڻ نڪرندو آهي ۽ سڄي رات پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهندو آهي. جڏهن ته قطبي (برفاني) رڇ ڏينهن جو شڪار جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي. لڳ جي مند کانسواءِ رڇ اڪيلو رهندو آهي. چراگاهه ۽ ويرانا سندس رهڻ جون جايون آهن، جتي پيرن سان کڏ کوٽي رهڻ جي جاءِ ٺاهيندو آهي. رڇ گهڻو ڪري صلح پسند جانور آهي ۽ امن سان رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر سندس يا سندس ٻچن مٿان يا خوراڪ تي ڪا مصيبت ٽٽي ٿي ته خطرناڪ دشمن ٿي پوندو آهي. انسان تي حملو تڏهن ڪندو آهي، جڏهن کيس ڇيڙيو يا پڪڙيو وڃي ٿو. جيئن ته رڇ جي نظر تمام ڪمزور هوندي آهي، ان ڪري بوکلاهٽ ۾ ماڻهوءَ تي به حملو ڪندو آهي. ڍڳين ۽ مينهن جي شڪار کان سواءِ رڇ، جهنگ ويجهو باغن کي پنهنجي حملي جي زد ۾ آڻيندو آهي. عام حالتن ۾ جهنگ جا ٻيا جانور جهڙوڪ: چيتو، ڪتو، شينهن ۽ ٻيا هن سان کؤنس نه ڪندا آهن. نظر ۽ ڪنن کان گهٻرو هئڻ ڪري رڇ ۾ اهڙي چالاڪي ڪانه ٿئي، جهڙي جهنگ جي ٻين جانورن ۾ ڏٺي وئي آهي. ان ڪري سندس حرڪتن ۾ گهٻراهٽ جو عنصر گهڻو نظر ايندو آهي، پر سرڪس ۽ چڙيا گهرن ۾ سڌاريل رڇ وڏي ذهانت جو مظاهرو ڪندي ماهر فنڪارن جيان ناچ ڪندا آهن. پاليل رڇ ذريعي مداري روزگار به ڪندا آهن. رڇ جڏهن غذا جي تلاش ۾ نڪرندا آهن ته آهستي آهستي هلندي ميلن جو پنڌ طئي ڪري ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن کين تيز ڊڪڻو پوي ٿو ته تيزيءَ سان ڊڪندا آهن. رڇ سٺا تارُو به آهن، پر زميني رڇ گهڻو وقت تري نه سگهندا آهن. رڇ پنهنجي طاقتور ٽنگن سبب وڻن تي چڙهيو وڃن. برفاني يا پهاڙي رڇن جي پيرن ۾ هلڪا وار به ٿيندا آهن. جنهنڪري جابلو لاهين تان ترڪندا گهٽ آهن. برف تي به سندن پير مضبوطيءَ سان ڄميل رهن ٿا. وڻن تي چڙهندڙ رڇن جي پيرن جي ترين تي وار ڪونه ٿين. ان لاءِ هو وڻن جي ٽارين تي پنهنجي گرفت مضبوط رکي سگهندا آهن. سندن اڳيون پير اندر مڙيل هئڻ سبب سڄو جسم اندر نميل رهي ٿو. پاڪستان ۾ ملندڙ رڇ سڀ کائڻ جا هيراڪ آهن. گاهن ۾ وڻن جا پن، پاڙون ۽ ميوا وغيره کائين ٿا، جڏهن حيواني کاڌي ۾ هر قسم جي گوشت کان سواءِ ڪيوليون ۽ ماڪوڙا به چٽ ڪيو ڇڏين. پنهنجي تيز نُنهن سبب رڇ زمين کي کوٽي به پنهنجو کاڌو هٿ ڪري ٿو.
سردين ۾ خاص طور معتدل موسم وارن هنڌن تي رهندڙ رڇن کي خوراڪ جي کوٽ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان لاءِ سياري اچڻ کان اڳ ئي خوراڪ کائيندا آهن ۽ ٿلها متارا ٿي ويندا آهن، جنهنڪري جيئن ئي سردين جي موسم ايندي آهي ته اڳواٽ تيار ڪيل کوهه يا غار ۾ وڃي سمهي پوندا آهن ۽ سڄو سيارو بنا کاڌي پيتي گذاري ڇڏيندا آهن.
رڇ اڍائي کان ڇهن سالن جي عمر تائين بالغ ٿي ويندا آهن. چڙيا گهرن ۾ رڇ 40 کان 50 سالن تائين زندهه رهن ٿا، پر جهنگلي جيوت ۾ سندن سراسري عمر 15 کان 30 سال ٿيندي آهي. هي گرمين ۾ لڳ ڪندا آهن. سندن ٻچا سردين ۾ ان وقت پيدا ٿيندا آهن، جڏهن مادي رڇڻ ڪنهن کوهه يا غار ۾ سياري گذرڻ جو انتظار ڪندي آهي. ان جي حمل جو دورانيو 6 کان 9 مهينا ٿيندو آهي. مادي رڇ ٻن کان ٽي ٻچا ڏيندي آهي. پيدائش وقت ان جا ٻچا انڌا هوندا آهن، جيڪي هڪ مهيني کان پوءِ ڏسي سگهندا آهن. نر رڇ ٻچن پالڻ ۾ حصو ڪونه وٺي، باقي مادي رڇ ٻچن جي نگهداشت وقت سخت رويو رکندي آهي. ٻچا ٻن کان ٽن سالن تائين ماءُ سان چنبڙيل رهندا آهن. پاڪستان ۾ رڇن جا ٻه نسل ملن ٿا:
1. سرخ ڀورو يا برفاني رڇ (Snow bear/ ursus Isabellinus): ڀوري يا ڳاڙهي رڇ جا دنيا ۾ ڪيترا قسم آهن، پر پاڪستان ۾ هن جو هڪ ئي قسم ملي ٿو. هن رڇ جو رنگ هلڪو ڀورو ٿيندو آهي. هي جسامت ۾ ڪاري رڇ کان وڏو ٿئي ٿو. رڇ جي مادي، نر کان هلڪي ۽ هلڪي ڀوري رنگ جي ٿيندي آهي. اڳي کيرٿر جي علائقي ۾ رڇ رهندا هئا، پر هاڻي هي نسل سنڌ ۾ ناپيد آهي. صرف اترين علائقن ۾ ملي ٿو. هي قد ۾ 5 کان 7 فوٽن جو ڊگهو ٿئي ٿو، جڏهن ته مادي ڊيگهه ۾ 4 کان 6 فوٽ ٿئي ٿو. هن رڇ جو پڇ ننڍو صرف ٽن انچن جو ٿئي ٿو. بالغ ڀوري رڇ جو وزن 150 کان 250 ڪلوگرام ٿيندو آهي.
ڀورو رڇ پاڪستان کان سواءِ دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ملي ٿو، پر ڪٿي به هي جانور انسانن لاءِ هاڃيڪار نه آهي. جهنگ ۾ به سامهون پوندو ته پاڻهي پري ٿي ويندو، پر پوءِ به جيڪڏهن کيس تنگ ڪبو ته پنهنجي بچاءَ ۾ نرا کڻي وڙهندو آهي. جيڪڏهن ان وقت ماڻهو سندس اڳيان پري نه ٿيو ته کيس ڪيرائي وجهندو، پر جيڪڏهن رڇ کي شڪار مهل گولي لڳي ته هو باقاعدي جنگ ڪندو آهي. زخمي رڇ ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي. ڀورو رڇ هر قسم جو گاهه، پٺو، ڪيڙا، ڪوڏ، ڪوئا ۽ ڏيڏر وغيره کايو وڃي. هو سبزي توڙي گوشت خور به آهي، پر جانور تي حملو ڪري ڪونه کائي. مرده جانورن جي گوشت جو چشڪائي آهي. پنهنجي رهڻ واري هنڌ تي به آسپاس جي پٿرن کي هيٺ مٿي ڪري اتان ڪيڙيون ماڪوڙيون ۽ ٻيا جيت جڻيا چٽ ڪريو ڇڏي. هي رڇ سياري جي مند آرام ۾ گذاريندو آهي. اونهاري ۾ جسم تي گڏ ٿيل چرٻيءَ تي گذارو ڪندو آهي. سندس مادي 4-5 سالن ۾ بالغ ٿيو وڃي. ٻن کان ٽي ٻچا ڏئي. 180 کان 250 ڏينهن تائين پيٽ سان رهندي آهي. مادي ٻچن کي پاڻ پالي. نر ويجهو نه ايندو آهي.
2. هماليائي يا ڪارو رڇ (Balochistani black bear): هن کي ڪارو يا هماليائي رڇ به چوندا آهن. پاڪستان کان سواءِ چين، سائبريا، ڪوريا ۽ اتر جپان ۾ ملي ٿو. هن جا ٻه قسم آهن:
(1) هماليائي ڪارو رڇ (Himalayan Black Bear/ Selenartos thibetanus Lanizer Pocok)
(2) بلوچستاني ڪارو رڇ (Balochistan Black Bear/ Selenarctos Thibetanus gedrosianus Bland ford)
هي رڇ خيبر پختونخوا صوبي ۽ ڪشمير جي ڪاغان وادي، سوات، دير، مظفر آباد ۽ نيلم واديءَ ۾ ملي ٿو.
50 سال کن اڳ هي قسم ڪوهه مري، ڪوهستان، زوب، شنگر، تخت سليمان، خضدار، ضلعي مڪران ۽ خاران ۾ به ملندو هو. اڙيو ٿڙيو هن قسم جو رڇ کيرٿر جي جبلن ۾ به نظر ايندو هو. پر هاڻي سڄي بلوچستان ۽ کيرٿر ۾ هي نسل ناياب آهي.
ڪارو رڇ، ڀوري رڇ کان وڌيڪ سهڻو هوندو آهي. سندس ڪاري رنگ ۾ هلڪي بنفشي رنگ جي ملاوت نظر ايندي آهي. مٿي کان ڌڙ تائين سندس ماپ 1.3 ميٽرن کان 1.6 ميٽرن تائين ٿئي ٿي. پڇ جي ڊيگهه 76 کان 106 ملي ميٽر ڏٺي وئي آهي. سندس وزن وڌ ۾ وڌ 120 ڪلوگرام ٿئي ٿو. هيٺين ڄاڙيءَ جي هيٺان سفيد چٽو هوندو اٿس. اهو چٽو انگريزي اکر ’وِي‘ (V) وانگر هوندو آهي. ان لاءِ هن جو نالو sdenarctos رکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ رڇ (Moon Bear).
هن رڇ جي وارن جي ڊگهائي ڀوري رڇ جي بنسبت گهٽ ٿئي ٿي، پر ڪنڌ وٽ ڊگهن وارن جي جهالر لڙڪندي نظر ايندي آهي. هن جا ڪن وڏا ۽ گول ٿيندا آهن، پر بلوچستاني رڇ پنهنجي ٻين نسلن جي مقابلي ۾ ننڍو ٿئي ٿو. ڪاري رڇ جي ٻڌڻ جي قوت، ڀوري رڇ جي سگهه کان بهتر ٿئي ٿي. جهنگ ۾ خطري جي بوءِ ترت محسوس ڪري وٺندو آهي. بنيادي طور هي رڇ جبلن جو رهاڪو آهي.
هماليائي ڪارو رڇ 3600 فوٽن واري بلنديءَ تي سياري جي مند گذاري سگهي ٿو. مٿان کان هيٺ لهي 1500 فوٽن جي اوچائيءَ وارين پهاڙن ۾ اچي رهندو آهي. آسانيءَ سان وڻن تي چڙهيو وڃي. سندس خوراڪ جو مدار جهنگلي ٻوٽن ۽ ميون تي آهي. گهڻو ڪري شاهه بلوط جا ميوا کائيندو آهي. مڪئي سندس پسنديده خوراڪ آهي. ضرورت وقت ڪيڙن مڪوڙن مان به گذارو ڪري ڄاڻي. ڪي ڪارا رڇ موقعو ڏسي چراگاهن ۾ بيٺل ٻڪرين، رڍن، مينهن، ڳئن، گڏهن ۽ گهوڙن تي حملو ڪري، کين ماري، آرام سان ويهي کائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انسان تي حملو به ڪندا آهن، پر اها نوبت مشڪل سان ايندي آهي. هن نسل کي سرڪسن ۾ تربيت ڏئي نچايو ويندو آهي ۽ سنڌ ۾ مداري ۽ فقير هن کي پنائيندا به آهن. ڪي خفتي رڇ کي ڪتن سان ويڙهائيندا به آهن. پنجن ڪتن لاءِ هڪ رڇ کوڙ هوندو آهي.


لفظ رڇھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو