داخلا ؛ 2590
پڙهيو ويو ؛ 2825
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


Encyclopedia1.jpg
انسائيڪلوپيڊيا
انسائيڪلوپيڊيا



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--انسائيڪلوپيڊيا

ٽائيٽل ؛ انسائيڪلوپيڊيا


شاخ : ڪتاب

انسائيڪلوپيڊيا: علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، -ان- جي -تاريخ- به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ -ان- تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.
دنيا جي قديم -ترين- -انسائيڪلوپيڊيا- پلني- دي ايلڊر (Pliny the Elder) جو ڪتاب ”نئچرل هسٽري“ آهي، جيڪو 37 جلدن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ تقريباً سڀني علمن جو مختصر ذڪر آهي. ڏهين صديءَ ۾ ابونصر فارابيءَ ”احصاءُ العلوم“ نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن ۾ -ان- دؤر جي مک علمن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو ڪتب خانه اسڪوريال (مئڊرڊ) ۾ موجود آهي. وچئين دور ۾ ڪيترائي انسائيڪلوپيڊيائي ڪتاب تاليف ٿيا. علامه نويري (1278ع- 1333ع)، ٽيهن جلدن ۾ هڪ -انسائيڪلوپيڊيا- جو ڪتاب ”نهاية الارب في فنون الادب“ جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو پنجن شعبن تي مشتمل هو: (الف) فلڪيات، ارضيات ۽ عالم سفلي، (ب) -انسان- ۽ -ان- سان لاڳاپيل معلومات، (ج) حيوانات، (د) نباتات ۽ طب، (هه) تاريخ. راجر بيڪن، ونسنٽ آف بوويس ۽ برونيتو لاتيني جون تصنيفون به تيرهين صديءَ جون آهن. وليم ڪيڪسٽن، ونسنٽ آف بوويس جي -انسائيڪلوپيڊيا- جو -انگريزي- ترجمو ”مرر آف دي ورلڊ“ جي نالي سان 1481ع ۾ ڪري اها شايع ڪئي. جديد -انسائيڪلوپيڊيا- جي واڌ ويجهه، جنهن ۾ مواد جي ترتيب، الفابيٽ جي حساب سان هوندي آهي، سا ماضي قريب ۾ ٿي. جان هيرس ”علوم و فنون جي عالمگيري -انگريزي- لغت“ 1704ع ۾ شايع ڪئي. 1728ع ۾ افرائيم چيمبرز (1740ع) هڪ -انسائيڪلوپيڊيا- ساڳئي نالي سان شايع ڪئي. سندس انهيءَ تاليف ۾ ڪيترائي دانشور سندس مددگار هئا ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ تقابلي حوالا به ڏنل هئا. 1771ع ۾ ايڊنبرا ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا“ -ٽن- جلدن ۾ شايع ٿي. -ان- جي ترتيب به الفابيٽ جي حساب سان هئي. -ان- جو ٻيو ايڊيشن جيڪو تقريباً پنجن سالن کان پوءِ شايع ٿيو، ڏهن جلدن تي مشتمل هو. انهيءَ کان پوءِ هن -انسائيڪلوپيڊيا- جا نوان ايڊيشن وقت بوقت نڪرندا رهندا آهن ۽ هر سال هن ڪتاب جو هڪ ضميمو به شايع ٿيندو آهي، جنهن ۾ -تازي- معلومات هوندي آهي. 1772ع ۾ فرانسيسي ”انسائيڪلوپيڊيا“ 28 جلدن ۾ شايع ٿي. انهيءَ جي تاليف ۾ ڪيترن ئي عالمن ۽ دانشورن حصو ورتو ۽ اُها سڀ کان وڌيڪ مشهور -انسائيڪلوپيڊيا- آهي. -ان- کان پوءِ 1796- 1808ع ۾ جرمن -انسائيڪلوپيڊيا- ”براڪهائوس“ (Brock haus) ۽ 1833ع- 1829ع ۾ تيرنهن جلدن ۾ آمريڪن انسائيڪلوپيڊيا، ”آمريڪانا“ (Americana) شايع ٿي، انهيءَ جو مؤلف فرانس ليبر (Lieber) هو. عرب ملڪن ۾ بطرس البستانيءَ، (1883ع- 1876ع) ۾ ”دائرة معارف البستاني“ جا پهريان ڇهه جلد شايع ڪيا. -ان- کان پوءِ هن جا پٽ ۽ ٻيا ماڻهو گڏجي، هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد شايع ڪندا رهيا، ايستائين جو 1954ع ۾ افرام البستاني، انهيءَ -انسائيڪلوپيڊيا- جي تڪميل لاءِ، عالمن جي هڪ جماعت جي گڏيل تعاون سان اڳوڻن سڀني جلدن جي نظرثاني به ڪئي.
1938ع ۾ -استاد- محمد فريد وجدي ”دائرة معارف القرن العشرين“ ويهن جلدن ۾ شايع ڪئي. قاهره (مصر) ۾ عربي -انسائيڪلوپيڊيا- (الموسوعة العربية) هڪ جلد ۾ ڇپي. انڊونيشي -انسائيڪلوپيڊيا- جو پهريون حصو 1954ع ۾ شايع ٿيو. -ترڪي- -انسائيڪلوپيڊيا- جي تاليف جو ڪم 1946ع ۾ شروع ٿيو. جاپاني -انسائيڪلوپيڊيا- (28 جلد) 31- 1930ع ۾ شايع ٿي ۽ -ان- جو ضميمو 1939ع ۾ نڪتو. اولهه ۾ جيڪي انسائيڪلوپيڊيائي تاليفون موجوده صديءَ (20 هين صديءَ) ۾ شايع ٿيون، انهن ۾ اهم -ترين- هي آهن:
اطالوي -انسائيڪلوپيڊيا- (1929- 1939ع- 36 جلد)؛ جرمن -انسائيڪلوپيڊيا- جو نئون ايڊيشن (1949ع)؛ عظيم سوويت -انسائيڪلوپيڊيا- (65 جلد)؛ هالئنڊ جي -انسائيڪلوپيڊيا- (38- 1932ع)؛ اسڪئنڊي نيوي -انسائيڪلوپيڊيا- (55- 1948ع)؛ سوستاني -انسائيڪلوپيڊيا- (48- 1945ع)؛ هسپانوي -انسائيڪلوپيڊيا- ۽ پرتگالي -انسائيڪلوپيڊيا- وغيره. علم جي خاص شعبن تي مشتمل انسائيڪلوپيڊيائن ۾ هيٺيون اهم آهن:
فنون جي جرمن -انسائيڪلوپيڊيا- (1907ع- 1947ع- 35 جلد)، هن جي تاليف الرخ ٿيمي (Ulrich Thieme) ۽ فيلڪس بيڪر (Felix Becker) ڪئي، معاشرتي علمن جي اينسائيڪلوپيڊيا، موسيقي ۽ موسيقارن جي انسائيڪلوپيڊيا، مذهبي علمن جي انسائيڪلوپيڊيا، ڪئٿلڪ -انسائيڪلوپيڊيا- وغيره 1913ع ۽ 1938ع جي وچ ۾ اسلامي -انسائيڪلوپيڊيا- “The Encyclopedia of Islam” چئن جلدن ۾، (ضميمي سميت) لائيڊن ۾ شايع ٿي. هن جي تاليف ۾ ناليوارن دانشورن حصو ورتو. هن جي وڏي حصي جو ترجمو عربيءَ ۾ به ٿي چڪو آهي(1933ع کان 1978ع). پنجاب يونيورسٽي، لاهور جي نگرانيءَ هيٺ هن جي ويهن جلدن جو ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي. 1954ع ۾ دانشورن جي هڪ جماعت، گب (Gibb)، ڪرامرز (Kramers)، شاخٽ (Schacht) ۽ ليوئس (Lewis) وغيره جي نگراني ۾ انگريزي، جرمن ۽ فرانسيسيءَ ۾ -انسائيڪلوپيڊيا- آف -اسلام- جي ٻئي ڇاپي جو ڪم شروع ٿيو. نظرثانيءَ کان پوءِ هن جا ڪجهه جلد شايع ٿي چڪا آهن.
پاڪستان ۾ -اردو- جامع -انسائيڪلوپيڊيا- جي ترتيب جي ابتدا 1959ع کان ٿي ۽ 1987ع ۾ هن جا ٻه مڪمل جلد (الف کان ي تائين) منظر عام تي اچي چڪا آهن. تازو سيد قاسم محمود سال 1998ع ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا“ تيار ڪئي آهي ۽ ”بچون ڪي انسائيڪلوپيڊيا“ تيار ڪري رهيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، پهرين سنڌي -انسائيڪلوپيڊيا- تيار ڪري شايع ڪرائڻ جو سهرو سيوهڻ جي رهاڪو پروفيسر فتح -الله- صديقيءَ جي سر تي آهي. فتح -الله- صديقي 1988ع کان ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 2005ع ۾”سنڌي -انسائيڪلوپيڊيا- پبليڪيشن، سيوهڻ“ طرفان ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ (پهريون جلد) شايع ڪرايائين. -ان- کانسواءِ ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ خير محمد -ٻرڙي- تيار ڪئي، جيڪا پڻ 2005ع ۾ مراد پبليڪيشنز سيوهڻ طرفان شايع ٿي چڪي آهي.
سنڌي زبان ۾، سنڌ جي -انسائيڪلوپيڊيا- لاءِ پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران -آگسٽ- 1998ع کان هڪ باقاعدي مرڪزي تحقيقي آفيس قائم ڪري، هن اهم ڪم جي شروعات ڪئي وئي. انهيءَ کي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ (Encyclopedia Sindhiana) جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو پهريون جلد توهان جي هٿن ۾ آهي.
هن سلسلي جو خيال هڪ رٿا جي صورت ۾ 1991ع ۾ عوام جي آڏو آندو ويو هو. اُن تي سوچ ويچار جو سلسلو سال 1993ع ۾ ڪيو ويو ۽ باقاعدي ڪم -آگسٽ- 1998ع کان شروع ڪيو ويو.
هن -انسائيڪلوپيڊيا- تي -جن- عالمن ڪم ڪيو، انهن مان ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- اٿارٽيءَ جو پهريون چيئرمئن هو، جنهن -ان- رٿا جي منظوري ڏني. -ان- کان پوءِ -ان- جو خاڪو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ٺاهيو. 1998ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا باقاعدي -انسائيڪلوپيڊيا- ريسرچ سيل ٺاهي نامور -استاد- ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي مقرر ڪري ڪم جي ابتدا ڪرائي ۽ هڪ -ايڊيٽوريل- بورڊ جوڙيو جنهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ -تاج جويو- شامل هئا. اها رٿا 2001ع کان پوءِ -بند- ڪئي وئي، جنهن کي وري 2008ع ۾ -جاري- ڪيو ويو. هن رٿا جي سرپرستي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ نگراني موجوده سيڪريٽري -تاج- جويي ڪئي آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر -بدر- ابڙي ۽ ريسرچ آفيسر محمد عثمان ميمڻ ڪارڪنن جي رهنمائي ڪئي ۽ اها 2009ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -انسائيڪلوپيڊيا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انسائيڪلوپيڊيا - مان نڪتل ٻيون شاخون-
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا


ڪتاب - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادگار (رسالو)
بابر نامو
بابر نامه
بابنامو
بابنامو2
بابنامو3
بابنامو4
بابنامو5
باتصوير يوگ آسڻ
باپوءَ جا خط
بادل (رسالو)
بادل ۽ بوندون
آبِحيات2
باغ ۽ باغباني
آخرين سفر
آتش عشق
باقيات از احوال ڪلهوڙه
آتش ڪده آذر
آتم رامائڻ
آتم رس
آتم ڦلواڙي
آتم ڪٿا
آتم ڪٿا جي نالي ۾
آتمڪ جيون
آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي
آتم هار ڀڄناولي
بالغن جي تعليم جي واٽ
بالغن جي تعليم لاءِ استادن جو رهبر
بالغن جي تعليم لاءِ پهريون ڪتاب
بالغن جي تعليم لاءِ ڪتاب
بانڪو شاهه بهرام
بائبل
آثار الباقية عن القرون الغالية
آثارالعرفان
بچو بادشاهه (ڪتاب)
بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير
بحرالعشق
بحر العميق
بختاور شهيد (ڪتاب)
بخت سان ڪنهن جي ريس
ٻاراڻا اولاڻا عرف ٻاراڻا گيت
بدرالمنير
بدرالمنير في احوال قيامت ڪبير
ٻاراڻا گيت
ٻاراڻا گيت (ڪتاب)
ٻاراڻو (ڪتاب)
ٻاراڻو رهبر
ٻاراڻو ڪتاب
ٻاراڻيون آکاڻيون
ٻاراڻيون آکاڻيون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب)
ٻاراڻيون ٻوليون
ٻاراڻيون ڳالهيون
ٻارن جا حق
ٻارهن امامن جي امامت
ٻارهن ماهه
ٻار ۽ گهر
بدعت ٽوڙ
بدگماني
بدمعاش
بدمعاشن جي ٽولي
بدنصيب ٿري
بدن و صحت
بدني بناوت ۽ فطرت جو اڀياس
ٻال
ٻال اتر پرشن
ٻال چندرما
ٻال رامائڻ
ٻال ساهتيه جو وڪاس
ٻال ساهت ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي اهميت
ٻال شهيد وير حقيقتراءِ
ٻالڪو ٻڌو
ٻال گيتا ۽ انگن جي استعمالي
ٻال هتيا عرف خون ناحق
ٻال يوگ سکيا
ٻاونجاهه اکري ٻوڌ
ٻاويهه سؤ ٻاويهه
بدين (ڪتاب)
ٻپهري
ٻپهريءَ جا ٻه پل
ٻڌا ٽهڪ
ٻڌا ڀڳوان
ٻڌ درشن
ٻڍل جو رسالو
رسالو ٻڍل فقير
ٻريا رنگ رتول
ٻري جن ٻاري
ٻري جن ٻاري (ڪتاب)
ٻري جن ٻاري (مضمون)
اردو سنڌي لغت
اردو سنڌي لغت (ڪتاب)
ارشادالخلفاءِ تحقيق
ارشاد القرآن تحقيق 1
ارمان
ارمغان حامد
ارنيسٽ ٽرمپ وارو ڇاپو
اَساس الفرائض
اسان جا شعر هي سادا
اسان جو پيارو آقا
اسان جو پيارو دين


.....ڪتاب موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن