رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1

رڻ1 (Desert): خشڪ ۽ وارياسي علائقي کي رڻ چئبو آهي، جنهن علائقي ۾ تمام گهٽ برسات پوي ۽ تمام ٿوري اوڀڙ اڀري، ان کي رڻ چئبو آهي. تحقيق موجب ڌرتيءَ جو ستون حصو رڻ آهي. ارضياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڻ ۾ سراسري طور 25 سينٽي ميٽرن کان گهٽ برسات پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته پورو سال برسات نه پوندي آهي. رڻ/ صحرا ۾ وڏا وڏا طوفان اٿندا آهن.
رڻ جا ٻه قسم آهن: هڪ ٿڌو رڻ، جيڪو دنيا جي آرڪٽڪ ۽ اينٽارڪٽڪ خطن ۾ آهي. هن علائقي ۾ زمين برف سان ڍڪيل رهي ٿي، جو سڄو سال هتي برف پوندي رهندي آهي. اهڙن برفاني رڻن ۾ برسات ڪڏهن ڪڏهن گهٽ مقدار ۾ پوندي آهي ۽ اوڀڙ به تمام ٿوري انداز ۾ اڀرندي آهي. ٻيو قسم گرم رڻ (Hot Desert) جو آهي. هن قسم جا رڻ آفريڪا، ايشيا، آسٽريليا، نارٿ آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا ۾ آهن. گرم رڻ گهڻو ڪري وارياسا هوندا آهن. هتي واريءَ جا وڏا طوفان اٿندا آهن ۽ واري هوا جي آڌار تي آڏامندي رهندي آهي، جنهنڪري واريءَ جا دڙا ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن. هتي واريءَ جا دڙا مستقل نه هوندا آهن. سنڌ جي ٿرپارڪر واري علائقي ۾ اهڙن دڙن کي ’ڀِٽ‘ چوندا آهن، جڏهن ته اڇڙي ٿر ۾ انهن کي ڊرينهن چون ٿا. سڀئي رڻ وارياسا به نه هوندا آهن. ڪي رڻ اهڙا آهن، جتان هوائن سبب واري اڏامي چڪي هوندي آهي ۽ صرف پٿر ۽ روڙي رهجي ويندي آهي. ڪن رڻن ۾ هلڪي مينهن سبب تراکڙيون ڍنڍون ٺهي پونديون آهن. ڪي رڻ رڳو جابلو ۽ لاهين چاڙهين تي مشتمل آهن، جن مان ڪن رڻن جون جابلو چوٽيون ۽ سندس بيهڪ دنيا ۾ خوبصورتيءَ سبب مشهور آهي. گرم رڻ، تمام گرم علائقا ليکيا وڃن ٿا. ڪي رڻ اهڙا به آهن، جتي سالن جا سال مينهن نه پوندو آهي. رڻ جو ڏينهن سخت خشڪ، روشن ۽ سخت گرم ٿيندو آهي، ۽ رات سخت ٿڌي ۽ خشڪ ٿيندي آهي. رڻ ۾ گرمي گهڻي هوندي آهي. ڪن رڻن ۾ سج جي ڪرڻن نه پهچڻ سبب زمين کي گرمائش نه ٿي ملي، جنهنڪري ان جو نامياتي عمل سست ٿيو پوي ۽ ڪن رڻن ۾ سج جي سڌن ڪرڻن پوڻ سبب گرمي پد ايترو وڌيو وڃي، جو نامياتي عمل ٿئي ئي ڪونه. جيئن ته ٻوٽن کي معتدل آبهوا جي ضرورت ۽ گهرج موجب پاڻي گهربل هوندو آهي. ان ڪري ناموافق حالتن سبب ٻوٽا اڀري نه سگهندا آهن يا مرڳو سڙي ويندا آهن. رڻن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين ڪا ساوڪ نظر نه ايندي آهي، پر جڏهن ٿوري گهڻي برسات پوندي آهي ته اڳين مندن جي ٻوٽن جي ڪريل ٻجن مان اوڀڙ اڀري ايندو آهي، پر ڪي وڏا وڻ اڀري نه سگهندا آهن. ڪن رڻن جي سطح خشڪ هوندي آهي، پر اتي ٿورو هيٺ پاڻي لڀندو آهي ته اتي ڪي وڻ ٻوٽا پنهنجيون پاڙون هڻي زنده رهي سگهندا آهن، جيئن ٻٻر (acacia) جو وڻ پنهنجي پاڙ ٽيهن فوٽن تائين هيٺ هڻندو آهي. گهڻوڪري رڻ ۾ بائوبيب (Baobab) ۽ ٿوهر جي ٻوٽن جا مختلف قسم اڀري ۽ حياتي ماڻي سگهندا آهن.
ڪي جانور به رڻ ۾ رهندا آهن، جو هتي ڍنڍن ڍورن ۾ مينهن جو پاڻي جمع ٿيندو رهي ٿو. رڻن ۾ چيتا (Leopards)، ڪُوئي جهڙو جانور ڇڇوندر (Gerbil/ meriones unguicu talus)، لومڙ (Fox) ۽ ٻيا جانور ڏٺا وڃن ٿا. ان کانسواءِ ريڙهيون پائيندڙ جيوت: نانگَ، وڇون، سانڊا ۽ ڪرڙين جا ڪيترا قسم رڻ ۾ ملن ٿا. اُٺ رڻ ۾ تمام سٺو جالي سگهي ٿو ۽ سواريءَ جو واحد ذريعو آهي. رڻ ۾ اُٺ، 8 کان 10 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندو آهي.
دنيا جا مشهور رڻ ايراضيءَ جي حوالي سان ترتيبوار هيٺ ڏجن ٿا:
1. صحارا رڻ (Sahara Desert): صحارا دنيا جو وڏي ۾ وڏو رڻ آهي، جيڪو آفريڪا کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين پکڙيل آهي. هن رڻ ۾ واريءَ جا اهڙا دڙا ملن ٿا، جيڪي هوا ذريعي چرندا يا جڳهه بدلائيندا رهندا آهن. هتي واريءَ جا وڏا وڏا طوفان اٿن ٿا. هي خطو سخت گرم آهي. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هتي گرمي پد 58 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ٿو. هتي ماڻهو گهڻو تڻو غارن اندر رهن ٿا، جو هتان جا غار ڪافي ٿڌا آهن. هتي جانورن ۾ ڦاڙها (Gazelles)، گدڙ (Jackals)، لومڙ (Fox) ۽ ڳورپٽ (Badgers) وغيره رهن ٿا. هتي تيز طوفان لڳن ٿا. صحارا ۾ کجيءَ جو وڻ گهڻو ڦٽي ٿو. کجيءَ جي ڦرهن ۽ ٿڙن مان هتي ڪکاوان گهر ٺاهيا وڃن ٿا. هي رڻ 9400000 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ۽ 29° 47' 36" ڊگرين اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 18° 33' 06" اوڀر ڊگهائي ڦاڪن کان 30° 0' 0" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 27° 5' 0" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي.
2. ڪلاهاري رڻ (Kalahari): هي رڻ ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي ۽ لڳ ڀڳ 800 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. گهڻي ڀاڱي هتي ڳاڙهي واري ٿئي ٿي. ڪيترن هنڌن تي ندين جا سُڪل ٻيٽ آهن. هتي تمام گهڻا مٽيءَ جا ميدان آهن، جيڪي مينهن وسڻ کان پوءِ ڍنڍن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هتي کجين جا ڊگها ۽ وڏا وڻ ملن ٿا. جانورن ۾ هرڻ هتان جو اهم جانور آهي. هتي به ماڻهو رهن ٿا، جن کي ’بش مين‘ (Bush Man) سڏيو وڃي ٿو. هنن لوڪن جو گذارو شڪار تي آهي. هي پنهنجو شڪار قديم نموني تيرن ۽ تير ڪمانن سان ڪن ٿا. رهڻ لاءِ جهوپڙيون اٿن. هتي ڪيترين ٽڪرين تي قديم چِٽ چِٽيل ملن ٿا.
3. آسٽريليائي رڻ: آسٽريليا جو وچون حصو گهڻو ڪري رڻ آهي، جيڪو 1500 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هتي به ٻين اڪثر رڻن يا صحرائن وانگر گهڻي حصي تي ڳاڙهي واري پکڙيل ملي ٿي. رڻ ۾ ننڍا ڪانڊيرا گاهه، ٻوٽا ۽ لوڻياٺيون ڍنڍون جام آهن.
ڪڏهن ڪڏهن هنن ننڍن ٻوٽن جي هڪ ٻئي سان رڳڙجڻ ڪري باهه ڀڙڪي اٿندي آهي، جيڪا ڪيترو عرصو ٻرندي رهندي آهي. هتي ڪي ٻوٽا اهڙا آهن، جن جو ٻج انهيءَ باهه جي عمل مان گذرڻ کان پوءِ ڦوٽهڙو ڪندو آهي. هتي ملندڙ جانور، دنيا جي ٻين حصن ۾ نه ٿيندا آهن. خاص طور ڪينگرو جانور هن رڻ جي سڃاڻپ آهي. وچ رڻ ۾ ڪي شهر به آباد آهن، جيئن نارس مين (Norse man) ۽ ڪالگرولي (Kalgroolie). اهي شهر اصل ۾ هتان سون لڀڻ سبب ٺهيا آهن. هتان جا ماڻهو پيئڻ جو پاڻي پرٿ (Perth) نالي شهر مان کڻندا آهن، جيڪو کانئن 546 ڪلوميٽر پري آهي. هن رڻ ۾ ڀورن ماڻهن جي پهچڻ کان اڳ ڪي لاڏائو قبيلا رهندا هئا، جن جو گذران شڪار تي رهيو آهي. اهي لوڪ جانورن جي چمڙيءَ مان لباس ٺاهيندا آهن. سندن رهائش ڪکائين جهوپڙن ۾ آهي. هي ماڻهو ڪاٺ جي ٽڪرن کي هڪٻئي سان گهي باهه ٻاريندا هئا، پر هاڻي اتي ڪجهه ترقي ٿي آهي.
4. اٽاڪاما رڻ (Atacama Desert): اٽاڪاما رڻ، چِلي ملڪ جي اوڀر ۾، 930 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن رڻ جا ڪي ڀاڱا تمام گهڻا ٿڌا آهن. هي رڻ دنيا جو وڏي ۾ وڏو خشڪ رڻ آهي، جو هتي سامونڊي هوائن جو گذر نه آهي. هتي جا ڪي حصا اهڙا به آهن، جتي ڪڏهن به برسات نه پئي آهي. تازي تحقيق مان پتو پيو آهي ته هتي رهندڙ ماڻهو پٿر جي جاين ۾ رهن ٿا ۽ انڊين سڏجن ٿا. هي گهڻو ڪري اوٺار آهن. هتان سوڊيم نائيٽريٽ جا تمام وڏا ذخيرا مليا آهن. اهو ڌاتو گهڻو ڪري زرعي ڀاڻ طور دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو، جنهنڪري هن خطي ۾ ڪجهه سڌارو آيو آهي.
5. گوبيءَ جو رڻ (Gobi Desert): هن کي گوبيءَ جو صحرا به ڪري چوندا آهن، جيڪو وچ ايشيا ۾ خط استوا جي ويجهو آهي. 1295000 چورس ڪلوميٽرن/ 500002 چورس ميلن ۾ پکڙيل هن رڻ ۾ وڏا وڏا جبل آهن. هتي وڏا وڻ ڪونه ٿين، پر اهڙا ٻوٽا ٿين، جيڪي زمين سان لڳل هوندا آهن، جن کي گاهه چئجي ته بهتر ٿيندو. اهڙن گاهن جا وڏا وڏا ٿيڙ ٿيندا آهن، جنهن ۾ چوپايو مال چرندو وتندو آهي. هتي پاڻي اونهن کوهن يا لوڻياٺين ڍنڍن ۾ ملندو آهي. هتان جو اهم جانور پڇ ڊگهو هرڻ (Long Tailed Gazelle) آهي. پکين ۾ باز، سرڻيون ۽ انهيءَ نسل جا ٻيا پکي به رهن ٿا. هتي ڪرڙين جا سوين ۽ نانگن جا هزارين نسل ملن ٿا. اهي ريڙهيون پائيندڙ جانور ٿڌي آبهوا ۾ گذاري ڪونه سگهن. هتان ڊائنوسارن جا پنڊ پهڻ ٿيل بيدا به لڌا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اتي ڪنهن زماني ۾ اهي ديوقامت جانور رهندا هئا. گوبي رڻ ۾ منگول نسل جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي گهوڙي سواري ڪن ٿا. ٻٽي ٿوهي وارو Yak پاليندا آهن. هي ماڻهو گهڻو ڪري تنبن ۾ ۾ رهن ٿا، جيڪي ڪکن ڪانن مان ٺهيل هوندا آهن، جن جي مٿان مينهن ۽ اُس کان بچاءَ لاءِ جانورن جي کلن جو پوش چاڙهيندا آهن.
مٿي ڄاڻايل رڻ دنيا جا وڏا ريگستاني علائقا آهن.
سنڌ جو ٿر وارو حصو به اهڙن ئي رڻن ۾ شامل آهي. هندستان جي حدن ۾ به هڪ وڏو رڻ، رڻ ڪڇ جي نالي سان مشهور آهي، پر انهن جو ذڪر ترتيبوار انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو (2) ۽ جلد ڇهين ۾ ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو