سوڊيم

سوڊيم

سوڊيم

سوڊيم Sodium)): سوڊيم، الڪلي ڌاتن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ڌاتو آهي. زمين جو 2.5 سيڪڙو حصو سوڊيم جي آئنن (Ions) جو ٺهيل آهي. ان جي مرڪبن جي گهڻائي جيئن ڪلورائيڊ، ڪاربونيٽ ۽ هائڊرو آڪسائيڊ نه رڳو روزمرهه جي زندگيءَ ۾، پر تجارتي پئماني تي به استعمال ٿئي ٿي. سوڊيم جيئن ته تيز عامل ڌاتو آهي، تنهنڪري قدرتي طور آزاد حالتن ۾ نه ٿو ملي، پر مرڪبن جي شڪل ۾ تمام گهڻو ملي ٿو. سوڊيم زمين جي انهن عنصرن مان هڪ آهي، جيڪي تمام گهڻي مقدار ۾ ملن ٿا، انهن کي ’الڪلي ڌاتو‘ سڏبو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ (واهپي جي عام لوڻ) جون کاڻيون ملن ٿيون. پاڪستان ۾ پنجاب جي اتر ۾ کيوڙا جون لوڻ جون کاڻيون مشهور آهن. سامونڊي پاڻيءَ ۾، 2.6 سيڪڙو کان 2.9 سيڪڙو تائين لوڻ موجود آهي. ان کان سواءِ هي معدني طور تي چلي سالٽ پيٽر ۽ بوريڪس جي شڪل ۾ به ملي ٿو.
سوڊيم گهڻي مقدار ۾ رنگ سازيءَ، دوائن، آرائش جي سامان ۽ ٻين ڪيترين ئي تجارتي شين جي پيداوار ۾ استعمال ٿئي ٿو. هي ٻين عامل ڌاتن جي ڌاتوگريءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو. گهڻي گرمي پد ماپڻ وارن ٿرماميٽرن جي بناوت ۾ استعمال ٿيندو آهي. ان کانسواءِ هي نيوڪليئر ري ائڪٽر ۾گرمي جذب ڪري منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ ڪارائتو آهي. هي ليڊ جي هڪ مرڪب ٽيٽرا ايٿائل ليڊ جي تياريءَ ۾ ڪم اچي ٿو، جيڪو پئٽرول تي هلندڙ انجڻين جي روانيءَ ۾ مددگار هوندو آهي. سوڊيم يا ان جا مرڪب شعلي ۾ سونهري زرد رنگ پيدا ڪندا آهن، ان جي خاصيت جي بنياد تي سوڊيم جي بخارن جي مدد سان روشني ڏيڻ واريون بتيون ايجاد ڪيون ويون آهن، جيڪي روڊن جي ڪنارن تي ڏسي سگهجن ٿيون.
سوڊيم، ڪيميائي عنصر جو لاطيني نالو، نئٽريم (Natrium) آهي، جنهنڪري هن کي Na جي نشانيءَ سان لکيو ويندو آهي. سوڊيم دوري جدول جي گروپ I-A جي عنصرن ۾ شامل آهي، جيڪي الڪلي ڌاتو سڏائين ٿا. ان گروپ جا ٻيا ڌاتو ليٿيم (Li)، پوٽئشم (K)، سيزيم(Cs) ۽ فرنڪيم (Fr) آهن. الڪلي ڌاتن جا ائٽم پنهنجي آخري شيل ۾ هڪ اليڪٽران رکن ٿا. انهن جو ائٽمي نيم قطر وڏو ٿئي ٿو ۽ آئيونائيزيشن توانائي گهٽ ٿئي ٿي. تنهنڪري هي سولائيءَ سان پنهنجي آخري شيل مان اليڪٽران خارج ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته سڀني ڌاتن مان هي ڌاتو تيز عامل آهن ۽ هڪ واڌو بار وارا آئين ٺاهين ٿا. انهن جي مرڪبن جي اڪثريت آئيني آهي ۽ اُهي پاڻ ۾ ڳرندڙ آهن.
سوڊيم جي اليڪٽراني ترتيب 1، 8، 2 آهي. ان جي ٽئين شيل جو هڪ اليڪٽران سولائيءَ سان پنهنجي ائٽم کي ڇڏي ٿو ۽ نتيجي ۾ سوڊيم آئين (Na+) ٺهي ٿو. سوڊيم جو ائٽمي نمبر 11 ۽ ائٽمي مايو 23 آهي. هن عنصر جو رجڻ 97.72 °C ۽ ٽهڪڻ پد 882.8 °C آهي.


لفظ سوڊيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو