جدول

جَدوَلَ: آڳاٽي وقت ۾ ڪتاب کي نحوست کان بچائڻ لاءِ ان جي جلد يا اندرئين صفحي تي نقش ڪڍيو ويندو هو، جنهن جي عددن جو جوڙ سعد هوندو هو. اڪثر قرآني آيتن ۽ الله پاڪ جي نالن مبارڪن جي ابجدي حرفن جا نقش عامل مختلف مسئلن لاءِ ٺاهيندا آهن، جن کي تعويذ چئبو آهي. <2 9 4 <7 5 3 >6 1 8 <هن نقش جي ٽن خانن کي جنهن به پاسي کان توڙي اُريب ۾ ڳڻڻ سان عدد 15 ٿيندو. اهڙي قسم جي نقش يا خاڪي کي جدول چيو ويندو آهي. سائنسي علم ۾ ڪيميائي مرڪبن جي نقشي کي پڻ جدول چيو ويندو آهي، خاص طور ڪيمسٽري جي مضمون ته جدول ۾ باقائدي پڙهائڻ سان گڏ شاگردن کي ٺاهڻ پڻ سيکاري وڃي ٿي.


لفظ جدولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو