توانائي

توانائي (Energy ):جيڪا شيءِ مادي ۾ ڪنهن به قسم جي ڦير گهير آڻي سگهي ٿي، ان کي توانائي چئبو آهي. توانائيءَ جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته نه ان جو وزن هوندو آهي ۽ نه ئي اها جڳهه والاريندي آهي. اصل ۾ ”ڪنهن جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي“ توانائي چئبو آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿي ته ان ۾ گهڻي توانائي هوندي، جيڪڏهن اها گهٽ ڪم ڪري ٿي ته ان ۾ توانائي گهٽ هوندي آهي.
توانائي مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿيندي آهي. مثلاً: توانائيءَ سان گرمي پد وڌي ويندو آهي، رنگ تبديل ٿي ويندو آهي، يا ڪنهن شيءِ جي حالت ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. توانائيءَ جون مختلف شڪليون آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون.
1. حرارتي توانائي: مادي ۾ ماليڪيولن جي چرپر سان پيدا ٿيل توانائي حرارتي توانائي چئبي آهي. ڪنهن مادي جا پرماڻا (ماليڪيول) جيتري تيزيءَ سان چرپر ڪندا آهن، اوترو ئي وڌيڪ حرارتي توانائي پيدا ٿيندي آهي ۽ مادو اڳي جي ڀيٽ ۾ گرم ٿي ويندو آهي.
2. برقي توانائي: اليڪٽرانن جي چرپر سان برقي توانائي پيدا ٿيندي آهي. گهڻا اليڪٽران جڏهن ڪنهن مادي مان لنگهندا آهن ته ان کي برقي وهڪ چئبو آهي.
3. ائٽمي توانائي: هلندڙ دور جي سڀ کان اهم دريافت مادي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان طرح حاصل ڪيل توانائيءَ کي ائٽمي توانائي چئبو آهي. ائٽمي توانائيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايٽم جي نيوڪليس کي ٽوڙيو ويندو آهي.
4. ميڪاني توانائي: سڀني چرپر ڪندڙ جسمن جي توانائي، ميڪاني توانائي هوندي آهي. جڏهن ته تيز هوا يا وهندڙ پاڻيءَ کي به ميڪاني توانائي هوندي آهي. سڀني مشينن مان حاصل ڪيل توانائي به ميڪاني توانائي هوندي آهي. جهڙوڪ: اسٽيم انجڻ، ڊيزل انجڻ، پيٽرول انجڻ ۽ برقي موٽر وغيره مان ميڪاني توانائي حاصل ٿيندي آهي.
ميڪاني توانائيءَ جا ٻه قسم هوندا آهن: (الف) حرڪي توانائي، (ب) مخفي توانائي.
(الف) حرڪي توانائي: هر چرپر ڪندڙ جسم ۾ توانائي هوندي آهي، ان ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي ۽ اها مختلف قسمن جون تبديليون پيدا ڪري سگهندي آهي. اهڙي توانائيءَ کي حرڪي توانائي چئبو آهي.
(ب) مخفي توانائي: هڪ پٿر کي ڪنهن مٿانهين جاءِ تي رکو، پٿر ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن پٿر کي ڪيرايو وڃي ته پٿر ڪرندي ٻين شين سان ٽڪرائجي، انهن تي ڪم ڪري سگهي ٿو. مٿانهين جڳهه تي پيل پٿر ۾ ڪا به چرپر نه آهي، البته ان ۾ توانائي ضرور آهي، پر اها توانائي مخفي (ڳجهي) هوندي آهي. اهڙي توانائيءَ کي مخفي توانائي چئبو آهي. جڏهن واچ کي چاٻي ڏني ويندي آهي ته ان جو اسپرنگ ڇڪجي ويندو آهي، ان ۾ توانائي گڏ ٿي ويندي آهي. اها ئي توانائي واچ جي ڪانٽن کي هلائڻ جي ڪم ايندي آهي. چاٻي ڏيڻ سان اسپرنگ ۾ تبديليءَ جي ڪري توانائي گڏ ٿي ويندي آهي.
5. ڪيميائي توانائي: ڪيميائي توانائي حقيقت ۾ مخفي توانائيءَ جو هڪ قسم آهي، ڇو ته هيءَ مادي وارين شين ۾ ذخيرو ٿيندي آهي. جڏهن ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شيون پاڻ ۾ ملي هڪ نئين شيءِ ٺاهين ٿيون، ته ڪيميائي توانائي جذب يا خارج ٿئي ٿي. مختلف شين جي ائٽمن جي اليڪٽرانن جي وچ ۾ عمل ٿيڻ سان نوان مادا وجود ۾ ايندا آهن.
6. لهري توانائي: توانائيءَ جو هڪ ٻيو قسم لهرن جي صورت ۾ چرپر ڪندو آهي. اها لهري توانائي سڏبي آهي. لهري توانائيءَ جو هڪ قسم صوتي توانائي (Sound Energy) آهي، ان جي مثالن ۾ ايڪس ريز، ريڊيو جون لهرون، ڪاسمڪ شعاع وغيره شامل آهن.
توانائيءَ جي هڪ قسم کي ٻئي قسم ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. بجلي گهر ۾ بجلي پيدا ڪرڻ ان جو اهم مثال آهي.


لفظ توانائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو