ري شهر

ري شهر

ري

ري (شهر): ري، ايران جو قديم ۽ مقدس شهر مڃيو وڃي ٿو. هن شهر جا قديم کنڊر تهران شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف تقريباً پنجن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهن، جيڪي جبال البرز کان ميدان ڏانهن نڪرندڙ هڪ ٽڪريءَ واري علائقي ۾ ڏکڻ طرف واقع آهن. شاهه عبدالعظيم جو ڳوٺ ۽ مزار انهن کنڊرن جي عين ڏکڻ ۾ موجود آهي.
ري شهر جي جاگرافيائي اهميت اها آهي ته هي شهر جبلن ۽ ريگستان جي وچ تي هڪ اهڙي زرخيز خطي ۾ واقع هو، جتي قديم زماني کان ايران الهندي ۽ اڀرندي علائقن ۾ آمدورفت جو رابطو ۽ سلسلو قائم ٿيو هو. مارندان کان ڪيترا رستا اتر ۾ ’ري‘ شهر طرف نڪرن ٿا. هي شهر ٻيهر آباد ٿيو آهي.
مشهور ايراني مفڪر زردشت/ زرتشت به هن شهر ۾ ڄائو هو.



لفظ ريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو