جونپوري

جونپوري (راڳڻي ):هيءَ آسا وري ٺاٺ جي کاڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ گنڌار ڪو نه لڳندو آهي. امروهي سمپورن اٿس. هڪ اصول وارا هن جو وادي سُر نکاد مڃين ٿا. ٻيا ڌيوت. هي سلطان حسين شرقيءَ جي ايجاد ڪيل راڳڻي آهي. ان ڪري ان جو گرنٿن ۾ ذڪر نه آهي. آساوريءَ جي آروهي اوڍو ۽ امروهي سمپورن آهي، جڏهن ته جونپوريءَ جي آروهي کاڍو ۽ امروهي سمپورن آهي. اهو ئي ٻنهي راڳڻين ۾ فرق آهي.
خاص تان: ما- پا- ڌا – پا – گا – ري- سا- ري- ما – پا – ڌا- نا- ڌا- پا – ما- پا- گا- ري- سا- سا- ري- ما پا – ڌا- ڌا پا- نا ڌا- پا- ما ما- ڌا- نا سا- نا ڌا – پا- ما پا- گا- ري سا- نِا- ڌِا- پِا- مِا پِا- ڌِا- نِا سا- ري- ما- پا گا- ري- سا.
هن راڳڻيءَ جي آروهي: سا ري ما پا ڌا نا سَا ۽ امروهيِ: سَا نا ڌا پا ما گا ري سا آهي. جڏهن ته وادي سُر هڪ مت موجب ڌيوت ۽ ٻي مت موجب نکاد چون ٿا. جڏهن ته سموادي سُر رکب آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت ٻپهري آهي.


لفظ جونپوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو