آساوري

آساوري: هي آساوري ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن، پر امروهي سمپورن اٿس- گرهه جو سُر مڌم، نياس جو سُر پنچم اٿس. ڪي گائڪ امروهيءَ ۾ رکب ڪومل هڻندا آهن: اهي ببادي سُر آهن، جن جي هڻڻ سان راڳڻي جي صورت بگڙي ڪا نه ٿي. هي اترانگ جي راڳڻي آهي. ان لاءِ راڳڻي جا انگ امروهي ۾ ظاهر ٿيندا آهن. امروهي ۾ مڌم دربل اٿس ۽ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي.
خاص تان؛ سا- ري- ما- پا- ڌاڌا- پا-ما-پا-ڌاگا- ري سا- نا- ڌا- پا-مِا-پا-ڌا ڌا- ساري- ما- پا- ڌاگا ري- سا.
آروهي: ساري ماپا ڌاسَا.
امروهي: سانا ڌاپا ماگاري سا-
وادي سر: ڌيوت.
سم وادي سر: رکب
ڳائڻ جو وقت:ڏينهن جو ٻيو پهر (نوٽ: راڳ ساگر ڪتاب ۾ ڳائڻ جو وقت صبوح جو پهريون پهر ڄاڻايو ويو آهي)
آساوري هي ٻن طريقن سان ڳاتي وڃي ٿي. هڪ ته آساوري الڳ ٺاٺ آهي، جنهن ۾ رکب تيور ٻيو ڀيروي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. جنهن جي آروهي ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن. امروهي سمپورن آهي. مڌم، گرهه جو سر آهي. پنچم نياس جو سر آهي.
آروهي: ساراما پاڌاسا-
امروهي؛ سا نا ڌا پا ما گا را سا
وادي سُر: ڌيوت
سموادي سُر: رکب
سمو: ڏينهن جو ٻيو پهر.
پلٽو: ما ما- پا- ڌا ڌا – نا پا- پا- ڌا ما- پا- ڌا گا- را- سا- نا- ڌا- پِا- مِا- پِا- ڌِا ڌِا- سا- را- ماپا ڌا گا- را- سا-
گرنٿن ۾ هن جو نالو نٽ ڀيروي ميل ڄاڻايل آهي. سر هي اٿس- سا- ري- گي- ما- پا- ڌا- ني- سا-
کرج: رکب تيور- گنڌار ڪومل- مڌم شڌ- پنچم- ڌيوت - ڪومل- نکاد ڪومل
هن ٺاٺ جون راڳڻيون:
آساوري: جو نپوري- ديو گنڌار- سنڌ- اڙانو- ڪوسي. درباري- ديسي- کٽ- اڀيري


لفظ آساوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو