بهاڳ

بِهاڳ (راڳڻي ):بلال ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. گنڌار سُر وادي اٿس.
آروهي ۾ رکب ۽ ڌيوت سر ورجه آهن، بهاگ جا آروهي ۾ پنج سُر ٿيندا. امروهي سمپورن آهي. هن راڳڻيءَ ۾ جيڪڏهن رکب ۽ ڌيوت سرن تي زور ڏنو وڃي ته بلال کان ڪي قدر عليحدگي اختيار ڪري بيهندي: ان لاءِ سٺا گويا اهي سر دربل رکندا آهن. بهاڳ ۾ نکاد سُر تي بيهڻ ۽ چٽو ڪري ڏيکارڻ سٺو لڳندو آهي.هن ۾ تيور مڌم نه هئڻ گهرجي.
هن راڳڻي جي آروهي: نِي سا گي ما پا ني سَا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا گي ما گي ري سا آهي، ۽ ڳائڻ جو وقت رات جو آهي.
(نوٽ: راڳ ساگر ۾ آروهي ساڳي آهي ۽ امروهي: سا ني. ڌي پا. ما گي ري سَا ڄاڻايل آهي.)


لفظ بهاڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو