اڀيري

اڀيري (راڳڻي ):آساوري ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي جنهن جي آروهيءَ ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن. امروهي سمپورن اٿس- هن راڳ جي شڪل ڀيم پلاسي سان گهڻو ملندڙ آهي. پر ڀيم پلاسي ۾ ڌيوت تيور آهي- اڀيري ۾ ڪومل.
هن راڳڻي جي آروهي: سا گا ما پا نا سَا ۽ امروهي: سَا نا ڌا پا ما گا ري سَا آهي، جڏهن ته وادي سُر مڌم ۽ سموادي نکاد، جڏهن ته ڳائڻ جو وقت منجهند آهي.


لفظ اڀيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو