ترمذ

ترمذ

ترمذ

تِرمِذ: روسي ترڪستان جو هڪ قديم شهر. قدامت جي لحاظ کان هيءُ شهر 2300 سال پراڻو آهي، جيڪو سڪندر يونانيءَ اَڏايو هو. اسلامي فتوحات جي زماني ۾ ترمذ، ٻڌ مذهب وارن جو شهر هو. هن ۾ 12 ٻڌ اڳواڻ ۽ هڪ هزار ڀڪشو موجود هئا. ان وقت ترمذ هڪ وڏي حڪمران جي هٿ هيٺ هو، جنهن جو نالو ”تِرمذ شاه“ هو. ترمذ، آمو درياهه جي ڪپ سان، مضبوط قلعو هو. هيءُ هڪ اهم بندرگاهه پڻ هو، جتي ٻيڙيون ٺهنديون هيون ۽ ٻاهر به وينديون هيون. هن شهر جو صابڻ به مشهور هو. هتي ابو عبدالله محمد بن عليءَ جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو 15 صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيو هو. پوءِ جو دور هن شهر جي بربادي ۽ تباهيءَ وارو دور هو، جنهن ۾ هي شهر انقلابن جي زير اثر ڊهندو ۽ ٺهندو رهيو. 70هه/690ع ۾، هن شهر کي موسيٰ بن عبدالله فتح ڪيو، جنهن اسلامي حڪومت کان بغاوت ڪري 15 سال خودمختيار حڪومت ڪئي. 704هه/1304ع ۾ وري عثمان بن مسعود هن شهر کي فتح ڪري، اسلامي سلطنت ۾ شامل ڪيو .


لفظ ترمذھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو