بڊهنس

بڊهنس (راڳڻي ):کماچ ٺاٺ جي کاڍو راڳڻي آهي. هي هڪ قسم جو سارنگ آهي. ان ڪري گنڌار سُر هن ۾ ورج آهي. هن راڳ ۾ مڌم واضع لڳائڻ گهرجي. گنڌار ورج هجڻ ڪري هي راڳ سوها کان الڳ ٿي بيٺو آهي. پنڊت هن کي بلاول ٺاٺ جي راڳڻي ڪري به لکن ٿا، پر فرق هي آهي جو بلاول ٺاٺ ۾ نکاد تيور آهي، جڏهن ته کماچ ٺاٺ ۾ ڪومل .
هن راڳڻي جي خاص تان: نا نا پا- ما پا نا پا- ما ما- ري سا – ري ما ما- پا- نا نا پا- ما ري سا آهي. هن جي آروهي: ساري ما پا ڌي نا ڌي پاني سا ۽ امروهي: پا سا نا- ڌي پا- ماري- سا آهي، جڏهن ته وادي سُر پنچم ۽ سموادي سُر رکب آهي. هي راڳڻي رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائبي آهي. (نوٽ: راڳ ساگر هن راڳڻيءَ جو ذڪر ماروا ٺاٺ جي زمري ۾ ٿيل ڪو نه آهي. )


هن صفحي کي شيئر ڪريو