خاڪو

خاڪو: خاڪي جي لغوي معنيٰ آهي، نقشو، ڍانچو، شڪل يا تصوير. ڪنهن فرد جي ذات ۽ شخصيت بابت هڪ مختصر مضمون کي به چئبو آهي. جنهن ۾ ڪنهن جي تفصيلي سوانح حيات بيان نه ڪبي آهي. خاڪي جو انداز بيان سنجيده به ٿيندو آهي ته ان ۾ شگفته بيانيءَ کان به ڪم وٺبو آهي. خاڪو ڏٺل وائٺل دوست يا علمي، ادبي يا ڪنهن به شعبي سان واسطيدار شخصيت بابت لکيو ويندو آهي، جنهن سان لکندڙ جي ويجهڙائي هوندي آهي. خاڪو تاثراتي به هوندو آهي، پروفائيل تي ٻَڌل به ٿيندو آهي.
سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪافي خاڪا لکيل ملن ٿا. نقوش ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل خاڪا وڏي اهميت وارا آهن. شاهد حنائيءَ جا خاڪا مشهور رهيا آهن. خاص ڪري سنڌي ليکڪن مان به ڪيترن اديبن جا سندن همعصرن، دوستن ۽ مختلف شعبن سان واسطيدار شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن. سنڌيءَ ۾ خاڪن جا ڪتاب ٿورا ڇپيا آهن. شيخ عبدالرزاق جو ڪتاب ’سانگي ڪي ساريام‘ (1972ع)، تنوير عباسيءَ جو ’منهن تنين مشعل‘، عبدالقادر جوڻيجي جي خاڪن جو مجموعو ’شڪليون‘، طارق اشرف جو ’جيل گهاريل جن سان‘، منير ڀرڳڙيءَ جو ’خاڪا‘،رسول بخش درس'> رسول بخش درس جو ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘، پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ (هي خاڪا تاريخي ۽ سياسي آهن)، ماهتاب محبوب جا ڪتاب ’جيءَ جهروڪا‘ ۽ ’چنڊ چهرا‘، موتي پرڪاش جو ڪتاب ’ڏٺي ڏينهن ٿيام‘، خاڪن جي ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.


لفظ خاڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو