ڏيپلو

ڏيپلو

ڏيپلو

ڏيپلو (شهر): ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلي جو مرڪزي ٽائون/ شهر، جيڪو اٽڪل هڪ چورس ميل تي ٻڌل آهي. هن شهر جي اُتر ۾ پاج واري ڀٽ ۽ کيرسر ترائي، ڏکڻ ۾ ٻني واهر، اوڀر طرف سيد ٺارو شاهه جي ٻڪرين جو وٿاڻ ۽ گوليمار ۽ اولهه طرف سڦوران جي ڀٽ ۽ وانگڙئي جي کڏ آهن. 800ع ۾ ڪڇ جي راءِ توڙي ڌاڙيلن کان ٿر جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي کي محفوظ رکڻ جي رٿابندي ڪندي، مير ٺاري خان، ڏيپي مينگهواڙ جي ڍاڻيءَ واري علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي موجودگي، قلعي جي تعمير واسطي گهربل واري ۽ مٽي، ويڪري جوُءِ جي موجودگي ڏسندي هن علائقي کي پنهنجي فوجي ڇانوڻيءَ لاءِ منتخب ڪيو. ڏيپي ميگهواڙ جي عرض کي اگهائيندي، مير صاحب نئين آباد ٿيل علائقي/ڳوٺ کي ’ڏيپلو‘ نالو ڏنو. ڪن صاحبن جو خيال آهي ته ’ڏيپلو‘ ٻن هندي لفظن ’ديپ‘ يعني ڏيئو يا روشني ۽ ’لوءِ‘ يعني ڳوٺ‎ جو مرڪب آهي، جنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ’روشنيءَ وارو ڳوٺ‘. مير ٺاري خان ڏيپلي جي اوڀر ۾ هڪ ڪچو قلعو يا ’گڍ‘ ٺهرائي اتي پنهنجو سپاهه رکيو هو.
مير صاحب جي مشوري تي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ميمڻن ڏيپلي ۾ منظم طريقي سان رهائش اختيار ڪئي ۽ واپار واسطي بازار ٻڌائون. کين سپاهه جي سيڌي وغيره جي مهيا ڪرڻ جا ٺيڪا پڻ مليا. مير ٺاري خان طرفان مهيا ڪيل سلامتيءَ ۽ ٻين سهوليتن ملڻ ڪري ڏيپلي تيزيءَ سان ترقي ڪئي. آس پاس جي ٻين ڳوٺن مان مختلف قبيلن پڻ اُتي اچي رهائش اختيار ڪئي، جن ۾ لهاڻا، ميمڻ، مهيشوري، گرڙا، مينگهواڙ، ڪولهي، بجير، جوڻيجا، حجام، لنگها، ڪاريا، ڪلر، کٽي، سومرا، پاڙها، سوٽهڙ وغيره شامل آهن. انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ ٿر جي ٻين تعلقي سان گڏ ڏيپلو پڻ انتظامي طور ڪڇ سان سلهاڙيو ويو. 1856ع ۾ ٿر جي ٻين تعلقن سان گڏ ڏيپلو هڪ دفعو وري سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو. ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ هجڻ باوجود ڏيپلو شروعات کان ئي ترقي پذير رهيو آهي. هن شهر جي رستن ۽ گهٽين کي سرن سان پڪو ڪرڻ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ زير زمين نالين جي تعمير ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڊرينيج سسٽم جي تعمير جي ڪم جي شروعات 1935ع ۾ ٿي ۽ انهيءَ کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ جو عمل مستقل هلندو رهيو آهي. 1973ع ۾ ڏيپلي کي جنريٽر ذريعي بجلي مهيا ڪئي وئي ۽ اڳتي هلي واپڊا طرفان گرڊ اسٽيشن پڻ قائم ٿي. ڏيپلو تعليمي لحاظ کان پاڪستان ۾ هڪ مثالي شهر سڏجي ٿو. 1886ع ۾ هتي پهريون پرائمري اسڪول کليو. 1912ع ۾ پرائمري اسڪول لاءِ خصوصي عمارت ٺهي، جا اڃا تائين قائم آهي. 2008ع ۾ انهي اسڪول کي سنڌ حڪومت، مشهور اديب، صحافي ۽ ڏاهي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي نالي سان منسوب ڪري انهيءَ تي ’گورنمينٽ محمد عثمان ڏيپلائي پرائمري اسڪول‘ نالو ڏنو. انگريزي اسڪول (ٽن درجن تائين) 1930ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو 1937ع ۾ وڌي اي وي ۽ 1944ع ۾ هاءِ اسڪول ٿيو. نياڻين لاءِ انگريزي ڪلاس 1957ع ۾ شروع ٿيا، مڊل اسڪول 1969ع ۾ ۽ هاءِ اسڪول 1975ع ۾ شروع ٿيو. هن وقت شهر ۾ ڇوڪرن واسطي ڏهه ۽ ڇوڪرين واسطي ست پرائمري اسڪول قائم آهن. انهيءَ کان سواءِ هاءِ اسڪول ۽ هڪ انٽرميڊيٽ ڪاليج ۽ هڪ هنري اسڪول پڻ موجود آهن.
صحت جي شعبي ۾ لوڪلبورڊ طرفان 1916ع ۾ هتي هڪ ننڍڙي اسپتال قائم ڪئي وئي. 1976ع ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال قائم ٿي ۽ 1988ع ۾ وٽرنري اسپتال پڻ وجود ۾ آئي.
تعليم ۽ اعليٰ تعليم يافته فردن جي حوالي سان ڏيپلو ملڪ ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. هتي جي پڙهيل شخصيتن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪارڪردگي جي ڪري تمام مٿاهين حيثيت حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، تعليمي ماهرن کانسواءِ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل مقابلي جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ ڪسٽمس، ٽيڪسيشن ۽ فارين سروس ۾ وڏي تعداد ۾ داخل ٿيندڙ اچي وڃن ٿا. صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ ناموري حاصل ڪندڙن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي ۽ محمد عثمان اديب شامل آهن. محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ادب ۽ صحافت جي شعبي ۾ صدارتي اعزاز 2004ع ۾ وفات کان پوءِ مليو، جڏهن ته ثريا ’سوز‘ کي ڏيپلائي صاحب جي حياتيءَ تي تحقيقي مقالو لکڻ تي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ملي.
ڪاروباري ۽ صنعتي ميدانن ۾ ڏيپلي جي ميمڻن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. سندن ڪاروباري آفيسون ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن کانسواءِ دبئي، سعودي عرب، انگلئنڊ، آمريڪا وغيره ۾ موجود آهن. مشهور زمانه ’مهراڻ‘ مصالحا گذريل 25 سالن کان پاڪستان مان برآمدي اوارڊ حاصل ڪندا رهيا آهن. ڏيپلي جو هڪ واپاري ۽ صنعتڪار سيٺ عبدالرزاق ميمڻ، حيدرآباد چئمبر آف ڪامرس جو صدر رهي چڪو آهي. ڏيپلي جي آباديءَ 1998ع ۾ ڏهه هزار هئي، جيڪا هاڻ وڌي هڪ اندازي موجب پندرنهن هزارن تائين پهتي آهي. اعليٰ تعليم ۽ ڪاروبار جي ڪري ۽ 1971ع واري جنگ جي نتيجي ۾ ڏيپلي مان ميمڻ برادري تقريباً مڪمل طور لڏي چڪي آهي، پر انهيءَ خال کي آسپاس جي ڳوٺن مان مختلف برادرين اچي پُر ڪيو آهي. سياسي ميدان ۾ به ميمڻ برادري اڳڀري رهي آهي. هن برادريءَ صوبائي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ ميمبر چونڊايا ۽ صوبائي صلاحڪار جو عهدو پڻ هٿ ڪيو.


لفظ ڏيپلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو