برمودا

برمودا (Bermuda ):برمودا برطانيا جو ماتحت علائقو آهي، جيڪو اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ ۾ آهي. برمودا 300 ٻيٽن جو هڪ ميڙ آهي، جن مان صرف 20 ٻيٽ آباد آهن. وڏو ٻيٽ گريٽ برمودا 23 ڪلوميٽر (14ميل) ڊگهو آهي. ٻيا سمرسيٽ، آئرلينڊ، سينٽ جار، سينٽ ڊيوڊ ۽ بوآز (Boaz) مکيه ٻيٽ آهن. اهي سڀ ٻيٽ مرجان (Coral) مان ٺهيل آهن. برمودا اتر ڪيرولينا جي ڏکڻ اوڀر ۾ 650 ميلن جي فاصلي تي آهي.
برمودا جي ڪل پکيڙ 53 چورس ڪلوميٽر (20 چورس ميل) ۽ آبادي 65 هزار آهي، هن جي گاديءَ جو هنڌ هيملٽن (Hamilton) ۽ سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. برمودا کي اسپيني سياح برموڊيز (Bermudez) 1503ع ۾ ڳولي لڌو، ان ڪري ان کي سندس نالي تي برمودا سڏيو ويو. ان کانپوءِ هتي ڪا به وسندي قائم نه ٿي. 1609ع ۾ سر جارج سومرز جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز آبادڪارن جي هڪ جماعت هتي لٿي. 1612ع ۾ انگريزن جو ٻيو گروپ پهتو. ستت ئي هي علائقو برطانيا جي ڪرائون ڪالوني بڻجي ويو. 1616ع ۾ انڊين ۽ آفريڪي ٻانها هتي وسايا ويا، جن جي ڪري اڇي چمڙيءَ وارن جو تعداد گهٽجي ويو. بوئر جنگ (1899- 1902ع) دوران برطانوي حڪومت وڏي تعداد ۾ بوئر قيدي هتي موڪليا.
ٻي عالمي جنگ دوران هتي آمريڪا ۽ برطانيا جا مکيه سامونڊي اڏا قائم ڪيا ويا. 1915ع ۾ هن خطي جو قومي جهنڊو رائج ٿيو. 1908ع ۾ هن خطي کي آئين ڏئي داخلي خودمختياري ڏني وئي. ان وقت ”پروگريسو ليبر پارٽي“ ۽ يونائيٽيڊ برمودا پارٽي وڏيون سياسي پارٽيون هيون. هتي 1968ع ۾ برطانوي گورنر جنرل نامزد ڪيو ويو. 1977ع ۾ نسلي جهيڙا شروع ٿيا ته برمودين حڪومت برطانوي فوج کان مدد ورتي.
1980ع ۾ يونائيٽيڊ برمودا پارٽي (UBP) جو ليڊر سرجان سوان وزيراعظم ٿيو. 1995ع ۾ وزيراعظم سوان (Swan) ان وقت استعيفيٰ ڏني، جڏهن عوام ريفرنڊم ۾ آزاديءَ کي مسترد ڪيو. ان جي جاءِ تي سائول (Saul) وزيراعظم ٿيو .


لفظ برموداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو