جنيوا

جنيوا: عالمي شهرت رکندڙ مغربي شهر سوئيزرلينڊ جو هي شهر جنيوا ڪنيٽن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي جنيوا ڍنڍ جي مغربي سرحد تي واقع آهي، جتان ڍنڍ مان ’رهون درياهه‘ نڪري ٿو. رهون درياهه جنيوا کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائي ٿو، پر شهر ۾ ڪيتريون لپيون ٺهيل آهن، جيڪي ٻنهي حصن کي پاڻ ۾ ملائين ٿيون. مشهور فلاسافر والٽيئر 1755ع کان 1758ع تائين هن شهر ۾ رهيو. جان جيڪس روسو هتي پيدا ٿيو. شهر جي قديم فصيلن (شهر پناهن) جي جاءِ تي ڦوهارا ٺهرايا ويا آهن. جنيوا شهر 1920ع ۾ دنيا جو مرڪز بڻيو، جتي ’ليگ آف نيشنز‘ قائم ٿي، ٻنهي مهاڀاري لڙاين جي وچ واري عرصي ۾ هتي ڪيتريون ڪانفرنسون منعقد ٿيون. 1939ع ۾ ’ليگ آف نيشنز‘ ختم ٿيڻ سان شهر کي سخت معاشي نقصان پهتو، پر پوءِ 1947ع ۾ هي ’اقوام متحده‘ (گڏيل قومن‘ جو يورپي مرڪز قرار ڏنو ويو ۽ 1948ع ۾ هتي صحت جي عالمي اداري World Health Organization (WHO) ۽ محنت جي عالمي اداري (ILO) World Labour Organization کانسواءِ ٻين ڪيترن عالمي ادارن جون آفيسون هتي قائم ٿيون، جنيوا ۾ ڪيترن عالمي مسئلن تي مذاڪرا ۽ ڪانفرنسون ٿي چڪيون آهن، 1995ع ۾ ڊبليو. ٽي. اي (World Trade Organization) به هتي پنهنجا هيڊڪوارٽر ٺاهيا. هن شهر جي آدمشماري 2003ع ۾ 1,76,000 هئي، جڏهن ته 2009ع ۾ اها وڌي 1,85,958 ٿي. هن شهر کي صنعت جي نسبت سان سوئيزرلينڊ جي اهم شهر طور شمار ڪيو وڃي ٿو. هتي جي اهم صنعتي پيداوار ۾ هيرا، جواهر، زيور، گهڙيون ۽ ٻيون شيون مشهور آهن. ‘جولا ۽ الپس‘ نالي جبل هن شهر کي ڄڻ ته پنهنجي دامن ۾ جهليو بيٺا آهن.


لفظ جنيواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو