حجام

حجام: وار ڪٽيندڙ، سنوارت ٺاهيندڙ ۽ ٻهراڙين ۾ ختنو/ طهر سنت ڪندڙ کي حجام چيو ويندو آهي. اسلامي ريت موجب مسلمانن ۾ ٻار جي ننڍي عمر ۾ ان جو طهر ڪرايو وڃي ٿو (وڌيڪ ڏسو: ختنو، جلد چوٿون). هيءُ مخصوص ڪرت آهي جنهن موجب هن ڪرت سان لاڳاپيل شخص طهر ڪرڻ مهل گهوٽ بڻايل ٻار جي ختني جي رسم ادا ڪندو آهي. ٻهراڙين ۾ هاري ناري حجمن سان آهت (هر ڇهه ماهي تي روڪ رقم بجاءِ اناج وغيره ڏيڻ) رکي کانئن ڀت، شادين، مرادين يا ڀت وغيره به رڌائيندا آهن. سنڌ ۾ هيءَ هڪ ذات به آهي. جيڪي اهڙو ڪم سر انجام ڏيندا آهن. جڏهن ته اڄڪلهه پاڪي ذريعي مختلف وچرندڙ بيمارين جي خدشي سبب اڪثر ماڻهو پنهنجي ٻارن جي سنت طهر واري رسم ڊاڪٽر کان ڪرائيندا آهن.


لفظ حجامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو