ڏوريو

ڏوريو: ڏوريو تمام سهڻو پکي آهي، جيڪو هماليه جي چوٽين تان لهي سنڌ ۾ آڪٽوبر مهيني جي شروعات ۾ ايندو آهي ۽ مارچ ۾ واپسي ڪندو آهي. هن جي ڇاتيءَ وارا کنڀ ڪارا، ڀورا ۽ ناسي ٿيندا آهن. ڪن ملاحن جو چوڻ آهي ته هي ديسي پکي آهي، پر ائين نه آهي. هن جي چهنب هلڪي هلڪي ڳاڙهي بدڪ جيان گول ٿئي ٿي. ڏوريو اڏامڻ ۾ ڏاڍو چُست ٿيندو آهي. ڏينهن چڙهندو ته ٻاهر نه نڪرندو آهي. سڄيءَ رات کاڌي جي تلاش ڪندو آهي، سج چڙهي ته پن جي لڪ ۾ يا گاهه جي ٻوٽن ۾ محفوظ هنڌ تي ننڊ ڪندو آهي، اڪثر ڪري سڀ پکي هڪ پير تي ننڊ ڪندا آهن. ڏوريو آڏين ونجهرن ۽ ڍٻن ۾ گهٽ ڦاسندو آهي. هي سهڻو پکيءَ ڪجهه سالن کان سنڌو درياهه ۾ گهٽ اچي ٿو.


لفظ ڏوريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو