چوٽير

چوٽير

چوٽير

چوٽير (پکي): سنڌ جي هن مقامي پکيءَ جو تعلق Alavdidae خاندان سان آهي. انگريزيءَ ۾ هي پکي Crested lark/Indian crested lark، اردوءَ ۾ هندستاني ڪلغي دار چنڊول ۽ سائنسي زبان ۾ Galerida Cristata Chandoola جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ پکي قد بت ۾ جهرڪيءَ کان ٿورو وڏو تقريباً 19 سينٽي ميٽر (ساڍا ست انچ) جو ٿئي ٿو. هن پکيءَ جو رنگ مجموعي طور ميٽائو ٿئي ٿو، جنهن تي ڪاراڻ مائل سنهيون سنهيون ليڪون ٿين ٿيون، هن جا پر ڊگها ۽ نوڪدار، چهنب ڪي قدر هيٺئين طرف وريل ۽ مٿي تي اوڀي کنڀن جو هڪ ننڍو تاج مٿي تي هوندو اٿس. ميٽوڙي رنگت جي ڪري ڏسڻ ۾ گهٽ ايندو آهي پر پنهنجي مٺي آواز وي... وي... وي... وي، اوو (Whee, Whee, Whee, Whee, OO) وسيلي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو. هن پکيءَ جو آواز تمام گهڻو سريلو ۽ ميٺاج وارو آهي، جيڪو کيس ان خاندان جي ٻين جنسن کان منفرد حيثيت ڏئي ٿو.
هي پکي گهڻو ڪري کليل ميدانن، جبلن جي مٿانهين پٽن ۽ گهٽ آبادي توڙي جزوي وارياسن علائقن ۾ رهڻ جو عادي آهي. ان کانسواءِ هٿراڌو (مصنوعي) ماحول سان به جلد هري وڃي ٿو. گهڻو وقت زمين تي رهڻ پسند ڪندو آهي ۽ اڏام وقت مختصر اڏام ڀري ٿو. سندن خوراڪ ۾ ٻوٽن جا ٻج، گلن جون مکڙيون ۽ هر قسم جا جيت هڙا شامل آهن. هي پکي سنڌ ۽ پنجاب کان ويندي ڪشمير جي تلهٽي واري علائقي تائين ملي ٿو. سڄي دنيا ۾ هن پکيءَ جون وڌ ۾ وڌ 75 جنسون ملن ٿيون، جن مان هڪ جنس آمريڪا ۾ به ملي آهي، جڏهن ته ننڍي کنڊ ۾ پاڪستان سميت سنڌ ۾ هن خاندان جون 9 جنس ملن ٿيون جن جا لڳ ڀڳ 17 نسل ملن ٿا.


لفظ چوٽيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو