ٽٻڻو

ٽٻڻو

ٽٻٽو، ننڍو تهائو

ٽٻٽو، ننڍو تهائو

ٽٻڻو وڏو، چوٽير

ٽٻڻو وڏو، چوٽير

ٽٻڻو

ٽٻڻو Garganey / Anas querquedula: هي بدڪ جو هڪ قسم آهي، جيڪا ٽٻڻين (dabbling ducks) جي ڪٽنب مان آهي، جن ۾Anas formusa, crecca, gibberifrons, acute, ۽ clypeata(لنگهو، اليپت) به شامل هونديون آهن.
41ـ37 سينٽي ميٽر جسامت جي هن بدڪ جي نر کي اک جي مٿان ڪمان وانگر هڪ اڇي يا ڀوري پٽي ٿئي ٿي. هن جو مٿو ۽ ڳچي ڳاڙهسري ناسي، ڇاتيءَ جا کنڀ ناسي ۽ سرمائي ٿين ٿا. ٻين اکرن ۾ ڇاتي سرمائي تتر کرڙي اٿس يعني ڇاتيءَ ۾ سرمائي تتر کرڙي ٿئيس. اڏار ۾ نيرا سرمائي پَر ۽ ان تي ويڪري اڇي ڪناري ڏسبي آهي. ماديءَ کي اک وٽ ڪاري رنگ جي امتيازي پٽي ٿئي ٿي ۽ چهنب جي پاڙ وٽ ننڍو بيضوي نشان هوندو اٿس. پرن جا کنڀ سرمائي ٿينس ٿا. مادي common Teal کان مختلف هوندي آهي. پيٽ ڪجهه وڌيڪ اڇو ٿئيس ٿو. نر پکي جسماني نمائش وقت يا خوف مهل خشڪ ۽ تکي ٽرانڪ ڪندو آهي. مادي عام بدڪن وانگر ٽرانڪ ڪندي آهي. هيءَ بدڪ اڪثر ڍنڍن ۽ درياهن ۾ نظر ايندي آهي. ڪي هن پکيءَ کي کاروڙي ڪرڙو يا ڪراڙلو به سڏيندا آهن.
ٽُٻڻو، ننڍو تُـهائـو Little Grebe (Dabchick) / Tachybaptus ruficollis: ڍنڍن ڍورين جي دنيا جي هن پکيءَ جو بت 23 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿيندو آهي. نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. هي ننڍڙو پکي آهي ۽ ترندڙ پکين ۾ سڀ کان ننڍو شمار ٿئي ٿو. بت ۾ نرم، ڀريل، بي پُڇو آھي ۽ هن جي چهنب ننڍي نوڪدار ٿئي ٿي. هن پکيءَ جا کنڀ لڳ جي مند ۾ رنگ بدلائيندا آهن. لڳ وقت ان جا ڳل ۽ ڳچي سروٽي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ چهنب جي پاڙ وٽ هيڊو نشان ظاهر ٿي پوندو آهي. لڳ کان سواءِ ٻيءَ مند ۾ هن جا ڳل ناسيئڙا ڦِڪا ۽ پاسڙا ٿيندا آهن. هي مٺي پاڻي ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي ۽ مقامي پکي آهي لڳ جي مند ۾ ان جي ٻولي تکي، لرزڻي، لھردار ۽ خطري مهل تکي ”وِٽ ... وِٽ ...“ وانگر هوندي آهي. اڪثر اڪيلو يا جوڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ لڳ جي مند ۾ آبي گاهه ۾ رهندو آهي. ان کان پوءِ کليل پاڻيءَ تي ڍنڍن، تلائن، حوضن، کڏن ۽ گهٽ رفتار واري درياهه ۾ نظر ايندو آهي.
ٽٻڻو وڏو چوٽير، گريب Great Crested Grebe/ Podiceps cristatus: سينٽي ميٽر (19 انچ) جسامت جي هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. اکيون ڳاڙهيون، مٿي تي ڪارسري چوٽي ۽ اونهاري ۾ جيڪا ان جي لڳ جي مند به آهي، ڪنن وٽ ۽ ڳچيءَ جي چوڌاري اخروٽي کنڀن جا ڊگها مُچا ٿيندا آهن.
سياري ۾، هن وڏي چوٽير ٽُٻڻي جي پُٺي ڪارسري ناسي، پيٽ اڇو، اڇا ڳل ۽ اڇي رنگ جي ڊگهي ڳچي ٿيندي آهي. هن جي چهنب مضبوط سنهي ڊگهي ۽ خنجر وانگر نوڪدار هوندي آهي.
هي بنيادي طرح يوريشيائي پکي آهي پر ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ۾ به ٿئي ٿو. مڇي، جيت ۽ ٻيا آبي جانور کائيندو آهي. تانگهي پاڻيءَ تي ترندڙ گاهه جي ڍير يا پاڻيءَ جي ٻوٽن تي آکيرو ٺاهيندو آهي، جنهن ۾ مادي ٻه ٽي آنا ڏيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو