ڏوئيرو

ڏوئيرو

ڏوئيرو

ڏوئيرو (Eurasian Spoonbill/ Platalea leucorodia): 90 سينٽي ميٽر جسامت جي هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ بنيادي طرح هي لاڏائو پکي آهي. يعني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي سفر ڪندڙ آهي. ٻگهه جهڙي بيهڪ اٿس. سڄو جسم اڇو، چهنب ۽ ٽنگون ڊگهيون ۽ ڪاريون ٿينديون اٿس. چپتري ۽ ڊگهي چهنب جي نوڪ چمچي جهڙي هئڻ ڪري اهو نالو مليو اٿس. ڳچيءَ وٽ اگهاڙي کل ۽ ڪنڌ کان کنڀن جي لڙڪيل چوٽي ٿئيس ٿي. تانگهو پاڻي هوريان هوريان جهاڳيندو آهي. اڪثر ساحلي ڪنڌين، ڍنڍن، ڌٻڻين ۽ سيلابي پاڻيءَ تي ننڍين ٽولين سان ڏسبو آهي. ڏوئيرو پنهنجي چهنب ٿوري کليل رکندو آهي ۽ شڪار کي ان ۾ پڪڙي وٺندو آهي. سندس شڪار ۾ مڇيون، ننڍڙا آبي جانور ۽ جيت شامل آهن. هوريان اڏامندو آهي. اڏامڻ مھل ڳچي ۽ پير اڳتي ۽ پوئتي پکڙيل هوندا اٿس. هن پکيءَ جو آکيرو ڪنهن وڻ تي تيلن، ڪاٺڙين ۽ گاهه جي وڏي ڍڳ تي مشتمل هوندو آهي. هي پکي ذري گهٽ سڄي يورپ ۽ ايشيا ۾ ملي ٿو.


لفظ ڏوئيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو