ڌاڙيل

ڌاڙيل

ڌاڙيل

ڌاڙيل: ڌاڙيل جي لغوي معنيٰ ڌاڙو هڻندڙ، ڌاڙائي ڦورو وغيره آهي. اهي ماڻهو، جيڪي هٿيارن ۽ ڏاڍ جي زور تي مال، ملڪيت، پئسو وغيره کسين يا ڀُنگ خاطر سرنديءَ وارن ماڻهن کي اغوا ڪن ته اهڙن کي ’ڌاڙيل‘ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل اوائلي دورن ۾ به ٻُڌبا هئا. سنڌ تي ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ٻين ٻاهرين قومن ۽ قبيلن چڙهايون ڪري وقت به وقت ستابي سنڌ کي پئي لٽيو ۽ ڦُريو آهي. انهن خلاف بغاوتن ڪندڙ ديسي قبيلن کي مغل شاهي درٻاري مؤرخن ’ڌاڙيل‘ سڏيو آهي، جڏهن ته اُهي محب وطن قبيلا هئا. انگريز دؤر ۾ ننگرپارڪر واري سرحد تي ساڻن کوسن ۽ ٻين قبيلن چوٽون کاڌيون ۽ انگريزن جي تشدد جو شڪار بنجڻ کانپوءِ انهن مان ڪيترا ڌاڙيل بنجي ويا. پاڪستان وجود ۾ اچڻ بعد جڏهن سنڌ کي پاڪستان جو حصو بنايو ويو ته ڌاڙيل مختلف صورتن ۾ موجود رهندا آيا آهن. اصل ۾ ڪي ڏوهاري طبيعت ماڻهو ڌاڙيل هوندا آهن ته ڪي وري وقت جي حڪمرانن ۽ زميندارن جي ظلمن کان تنگ ٿي ڌاڙيل ٿيڻ تي مجبور ٿيندا آهن. سندن ڌاڙيل ٿيڻ جي پٺيان ڪيترا ڪارڻ لڪل آهن. سرڪار مختلف وقتن تي جن ماڻهن کي ڌاڙيل قرار ڏئي سندن جيئري يا مُئي هٿ اچڻ تي لکين رپين جي انعام جو اعلان ڪندي رهي آهي، انهن ۾: پرو چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، نادر جسڪاڻي، محب شيدي، امو کوسو، خانو جکراڻي، صدورو شيخ عرف ڪشمير خان، احمدو جاگيراڻي، علي مراد مگسي، غلام حسين عرف گلي، شاهد مستوئي، خان محمد عرف خانو کوسو، سانوڻ خشڪ، مختيار جتوئي، نهال ڪلهوڙو، الله ورايو انڙ، غلام حسين خشڪ، دائم مري، هزارو چاچڙ، الاهي بخش زرداري، الاهو بروهي، نصير فقير، بقادار شاهه، پٺاڻ ملاح، غلام نبي ڪورائي، بچل ڏهوٽ، حسن چانڊيو، شاهه عالم چانڊيو، عالمو چولياڻي، عطا محمد جمالي، عباس جمالي، هوت چانڊيو، قابل چاچڙ، وزير خشڪ، جمعو خشڪ، منظور ٻرڙو، لعل ملوڪ کوسو، حضورو کوسو، ابراهيم مڪڙو، غلام عرف غلامو چانڊيو، ايوب جتوئي، مصري کوسو، علي شير کوسو، عطا محمد کوسو، معشوق بروهي، پهلوان جتوئي، خميني جتوئي، دوسو کوسو، دوسو چانڊيو، رامجي ڪولهي، ڪرشن ڀيل، غلام حسين عرف جهنگلي ماڇي، ڄام بڙدي، طوفان شيدي، درو چانڊيو، مير چانڊيو، وزير چانڊيو، سرو چانڊيو، علي حسن ميربحر، نانگ مارفاڻي، نظام ڏاهاڻي، پرو ڪلهوڙو، قربان عرف ٽه منٽي ڪلهوڙو، ابراهيم سنديلو، محرم گوپانگ، قادو مڪراڻي، شير پنهور، رحيم پنهور، علي نواز خاصخيلي، غلام قادر نوحاڻي، علي کوسو، ميجر کوسو، ڪرنل کوسو، صادو ناريجو، نظرو ناريجو، مبين ناريجو، اصغر ناريجو، ميجر ناريجو، ڪرنل ناريجو، رمضان شر عرف ملڪ الموت، نبو جوڻيجو، جان محمد عرف جانو آرائين، لائق چانڊيو، لطيف چانڊيو، غلام قادر ميربحر، گلشير چانڊيو، يعقوب چانڊيو، احمد علي چانڊيو، علي گوهر ڏيپراڻي، دادن مرزاڻي، قادو سرگاڻي، محب شيدي، يوسف مري، زيب مرزاڻي، لائق خاصخيلي، يوسف ڪلهوڙو، شريف مغيري، غلام رسول ڪلهوڙو، عزيز گهوٽو، قابل شيخ، مير شيخ، ڪمال فقير شيخ، هدو کوسو، محرم عرف محرو مگسي، عاقل اوٺو، شريف لنڊ، خيالي کوسو عرف مارشل لا، انو برهماڻي، احمد برهماڻي، شاهد لاکير، راوت چانڊيو، ڪرڙ چانڊيو، ڪُرو ٿيٻو، سهڻو چانڊيو، اڪبر گائنچو، ٺاهوڪو رند، ڪرم عرف ڪرمون قاسماڻي چانڊيو، جمعو پنهور، عباس جاگيراڻي، بنگل مهر، علي نواز خاصخيلي، ارشاد عرف ارشو ماڇي، يوسف راڄڙ عرف راڪيٽ لانچر، ڪرمون بروهي، رمضان عرف رمضو تاماڻي چانڊيو، رحيم بڙدي سهراب چنو ۽ شادمان کوسو وغيره شامل آهن. اهي سڀ ڌاڙيل يا ته سماجي ڏاڍاين کان تنگ ٿي ڌاڙيل بنيا، يا وڏيرن ۽ زميندارن جا پاليل ڌاڙيل هئا. جڏهن اُهي هن غلط رستي تي اچي وڃن ٿا ته پوءِ منجهانئن رحم نڪري وڃي ٿو ۽ رت ۽ بارود سندن زندگيءَ جو حصو بنجيو وڃي. پر هڪ جائزي موجب ڪي ڌاڙيل وڏيرن ۽ پوليس جا ستايل هئا، جن مان اڪثر غريبن جا همدرد ۽ عورتن جي آبرو رکندڙ هئا. اهڙن ڌاڙيلن ۾ 60، 70 جي ڏهاڪي ۾ ڦل ماڇي مشهور ڌاڙيل ٿي گذريو آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته جڏهن سندس هڪ ساٿيءَ ڪنهن عورت تي بدنظر وڌي ته ان کي ماري ڇڏيو هئائين. ان کان سواءِ سنڌ جي گهرو کاتي پاران وقت بوقت نوٽيفڪيشن جاري ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ڏوهارين کي رهزن ڌاڙيل قرار ڏئي مٿن انعام جو اعلان ٿيندو رهيو آهي. اهڙن ۾ اڪثر اتر سنڌ جا بدنام ڏوهاري شامل پئي رهيا آهن، جن ۾: بچو تيغاڻي، حفيظ چاچڙ، لال سيد، علي گل شر، حضور بروهي، غلام نبي چاچڙ، غلام قادر عرف قادري چاچڙ، نورو ڪلهوڙو، موسو ڪلهوڙو، موسو لولائي، گلزار عمراڻي، ملڪ گلزار عمراڻي، ڦوٽو چانگ، علي گوهر چاچڙ، ابراهيم چاچڙ، ضمير چانڊيو، اعتبار چانڊيو، نظير جتوئي، ابراهيم جتوئي، جبار عرف جبو ابڙو، اشرف گهانگهرو، امير ککراڻي، شمون شيخ، غفور عرف بالو ممڻاڻي، شريف ميرجت، ظهور ککراڻي، عنايت ابڙو، ياسين ابڙو، رسولو ابڙو، حبدار چانڊيو ۽ حبدار ميربحر شامل آهن. سرڪار پاران ڪجهه وقت اڳ جن ڏوهارين کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي سندن مٿان انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي، تن ۾ قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جا منٺار مغيري، قربو چانڊيو، منير ڪانڌڙو، غوثو مغيري، معشوق مغيري، صاحب بليدي، اختر ايري، اعجاز ڪلهوڙو، بچل چانڊيو، رياض مستوئي، وڇون چانڊيو، گلبهار مغيري ۽ عثمان وڪو، جيڪب آباد ضلعي جا ظفر عرف ظفرو بگٽي، بلند ڏاهاڻي، لکو ڏاهاڻي، ميرو جکراڻي، سائين بخش نندواڻي، غازي کوسو، شهزادو جمالي، لونگ جمالي، ذوالفقار کوسو، محبوب رند، سردار شيخ، عبدالله ٻرڙو، زيب ٻرڙو، رسولو بنگلاڻي، محمد علي مرڪي، قبول ڪٽوهر، شبير ڊيهو، دوست علي کوسو، الله رکيو عرف حافظ لنڊ، غلام نبي عرف حاجي کٻڙو کوسو، شڪارپور ضلعي جا انعام گولو، جلو بگٽي، ميرو ڀيو، لياقت ڀيو، ڪرم سندراڻي، زمان سندراڻي، شهزادو مارفاڻي، ڪوڙو، عجب، علي گل، رحيم بخش بروهي، باز محمد بروهي، ديدار لنڊ، حڪيم لنڊ، اختيار، مرچو، ديرن جتوئي، همٿ جيهو، قمر جيهو، جهنڊو بروهي، پپو عيساڻي، غلام نبي جوڻيجو، امتياز جوڻيجو، امداد انڙ، عثمان مهر، منظور مهر، عبدالرسول مهر، شير جتوئي، نجف ڪرسي جتوئي، دوسو مصراڻي، نجم مصراڻي، سهراب چانڊيو، نوازو شيخ، غفار ڪرسي جتوئي، شعبان بنگلاڻي، برڪت مري، طالب ناريجو، علي رضا، شبير، وحيد شيخ، ممتاز شر، پرويز کوسو، عبدالخالق ڪرسي جتوئي، موسيٰ جعفري، گلاب جعفري، لياقت جعفري، غلام مصطفيٰ ٻرڙو، وحيد شر، شمن ميتلو، ممتاز عرف ڀٽو ڄامڙو، علي جان تيغاڻي، صدر عرف صدورو جتوئي ۽ وهاب چانڊيو شامل آهن. جيڪي ڌاڙيل ويجهي ماضيءَ ۾ مارجي ويا، تن ۾: محب شيدي، شمون جتوئي، مبين ناريجو، حضورو بروهي، صدر چانديو، محمد علي مغيري، حاڪم مغيري، ديدار مغيري، احمد علي موچي، ساجد چانڊيو، جاويد پنهور، مشتاق چانڊيو، ظفرو چانڊيو، طارق چانڊيو، عرف جيت مغيري، راشد مغيري نانگ مغيري، ديدو مغيري، قادري چاچڙ ۽ ڪي ٻيا شامل آهن. هن وقت سنڌ جي الهندي جابلو پٽيءَ واري حصي ۽ گڊو کان ٺٽي تائين سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن سان سوين ڪلوميٽر ٻيلو ۽ ڪچو ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي پناهه گاهه بڻيل رهيو آهي. شاهه ٻيلو، رانوتي، ڪيٽي ممتاز، شريفپور ٻيلو ۽ سونا ٻنڊي وارا علائقا هينئر به ڌاڙيلن جي ٿاڪن طور ڪم اچن ٿا. نتيجي طور مختلف وقتن جي مختلف سرڪارن ڌاڙيلن جو بهانو بنائي، سنڌ جا ڪيترا تاريخي ٻيلا ساڙائي ڇڏيا آهن، نتيجي طور سنڌ جي آبهوا تي ڪيترا منفي اثر پيا آهن.


لفظ ڌاڙيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو