جاگيراڻي

جاگيراڻي1: هڪ ذات جو نالو، جاگيراڻي اصل ۾ بلوچستان جي قبيلي ’جتڪ‘ يا ’بانزوئي‘ جي شاخ آهن ۽ زهري علائقي جا رهاڪو آهن. مرزا قليچ بيگ ڪتاب ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ لکيو آهي ته: جاگيراڻي، بڙدي بلوچن جي سرپرست اعليٰ زيندي خان جي پٽ سندر خان جو اولاد آهن.“ ايس صادق عليءَ موجب ’جاگيراڻي‘ بڙدين جي هڪ پاڙي جو نالو آهي. مرزا صاحب کوسن جي قبيلي جا ڇهه پاڙا لکيا آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو ’جاگيراڻي‘ لکيل آهي. ڪنهن به ڪتاب جي اڀياس مان معلوم نه ٿو ٿئي ته ’جاگيراڻي‘ رند آهن، پر ڪن جاگيراڻين کان ٻڌو ويو آهي ته اهي ’رند‘ آهن. جاگيراڻيءَ جي لغوي معنيٰ آهي: زميندار، جاگيردار وغيره. سماٽ ملڪاڻين ۾ پڻ جاگيراڻي ذات ملي ٿي.



لفظ جاگيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو