بڪيرا

بُڪيرا: سنڌ جي سماٽ ذاتين مان هڪ ذات آهي. هيءَ ذات سڄيءَ سنڌ ۾ موجود آهي. حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن ۾ ”بڪيرن“ جا ڳوٺ آباد آهن، جن مان هڪ مشهور ڳوٺ ”بڪيرا شريف“ آهي. بُڪيرن ۾ ”خاڪو“ نالي سان هڪ مشهور سُگهڙ 45- 1840ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هن جا بيت ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ واري شاهه جي رسالي واري ڇاپي (1866ع) ۾ به آيل آهن. مثال طور:
موتي هن مذڪور جي، ڳالهه نه ڪرين ڪاءِ ،
پِئو هُئين پاتار ۾، ٿي لهرن لک لڳاءِ ،
خبر ڏيهون ”خاڪو“ چوي، سُپيان جي ساءِ ،
ته ڪهڙا ڪم ڪياءِ، جو مٿان بيٺي بنئين .


لفظ بڪيراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو