راهوجا6

راهوجا6 (ذات): ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي ڄاڻائي ٿو ته: ”راهوجا ذات وارا سميجا ڪل مان آهن، جيڪي ساند پليءَ جو اولاد آهن. هنن جي پاڙي جو نالو ’مهراڻي‘ آهي. هي اڪثر ڍنڍن ڍورن تي آباد آهن. راهوجن جو شجرو هن طرح آهي؛ ڄام راهو پٽ ڄام هاپر پٽ ڄام هوٿي پٽ ڪاڪو پٽ سمون. ڄام راهوءَ کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ جو اولاد راهوجا سڏجڻ لڳا ۽ ٻئي پٽ جو اولاد راهوپوٽا يا راهپوٽا سڏجڻ ۾ آيا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو