ٿهيم

ٿهيم: هڪ ذات ۽ قبيلي جو نالو. تحفة الڪرام جي روايت موجب ٿهيم ”آل تميم“ عربي قبيلي سان واسطو رکن ٿا، تنهنڪري ٿهيم پاڻ کي ”تميمي“ به چوندا آهن. جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم پنهنجي تحقيقي ڪتاب “History of Arab Tribe THAHIM” ۾ هن ذات کي عربن جو هڪ قبيلو سڏيو آهي، جيڪي محمد بن قاسم سان گڏ 93 هين هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪي ماڻهو پاڻ کي عرب جي ”تميم“ نالي هڪ انصاري، قريشيءَ جي نسل مان سڏرائيندا آهن. ٿهيم قبيلي جا ڪيترائي خاندان پنجاب جي مظفرڳڙهه، چنيوٽ، ملتان ۽ ديري غازي خان ۾ به رهائش پذير آهن. سنڌ ۾ ٿهيم ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، جن جا هيٺيان پاڙا مشهور آهن: (1) دلاور زئي، (2) منگي، (3) نهالاڻي، (4) ڪمالاڻي، (5) محمداڻي ۽ (6) پرياڻي/ پارياڻي.
شهدادپور، جيڪب آباد ۽ ٺٽي طرف هن قبيلي جا ماڻهو اڪثريت سان آباد آهن. ضلعي بهاولپور ۾ به ”ٿهيم“ گهڻي تعداد ۾ رهندڙ آهن. هن نالي سان حيدرآباد ۽ سنجهوري تعلقن ۾ ڪي ديهون پڻ آهن. تعلقي حيدرآباد جي ديهه ”ٿهيم“ ۾ ’الهڏنو نهڙيو‘، ’طالب نهڙيو‘ ۽ ’عثمان لاکو‘ ڳوٺ شامل آهن. سنجهوري تعلقي جي ديهه ”ٿهيم“ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’پيروز خان ٿهيم‘، ’قائم خان جلالاڻي‘، ’پنهون خان پٺاڻ‘ ۽ ’شفيع محمد پنجابي‘. مشهور اديب رسول بخش ’تميمي‘ جاتيءَ جو رهاڪو به ٿهيم آهي.


لفظ ٿهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو