ڇٻلاڻي

ڇٻلاڻي: هندن جي هڪ ذات، جنهن جي نُک ’کٿوريا‘ آهي. هن نک وارن جا وڏا کٿوري (ڪستوريءَ) جو واپار ڪندا هئا، تنهنڪري مٿن اهو نالو پيو. هي اصل پنجاب ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ ڪي شڪارپور ته ڪي خدا آباد ۽ پوءِ حيدرآباد، سنڌ ۾ اچي رهيا. ڇٻلاڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان ڇٻلداس هو. ڇٻلاڻين جون ٻه شاخون آهن، ٻنهي شاخن وارن مان ڪي حيدرآباد جي هيرآباد ته ڪي ڪراچيءَ ۾ مختلف هنڌن تي آباد هئا. ايس. پي. ڇٻلاڻي اقتصاديات جو وڏو ماهر هن ذات مان هو.


لفظ ڇٻلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو