پيهوڙِي

پيهوڙِي

پيهوڙِي

پيهوڙِي Pheasant-tailed Jacana / Hydrophasianus chirurgus:هي هڪ آبي پکي آهي. 55 سينٽي ميٽرن (22 انچن) جي جسامت رکندڙ هي آبي پکي (نر توڙي مادي) ٿورڙي فرق سان هڪجهڙا ٿين ٿا، جن جو جسم ڪارڙو ۽ پَـر اڇا ٿين ٿا. هنن پکين جون چوٽيون ڪاريون ٿينديون آهن. پيهوڙي پکيءَ جو منهن ۽ ڳچي به اڇي ٿيندي آهي ۽ اُن جي ڪنڌ تي سونهري کنڀ ٿيندا آهن. لڳ جي مند ۾ نر توڙي مادي پکيءَ جو پڇ ڊگهو ۽ اڌ گول جـي شڪل ۾ سنهڙو ٿي ويندو آهي. هن پکيءَ جي پيرن جون آڱريون ۽ چنبا ڊگها ٿيندا آهن، جن جي مدد سان هي ڍنڍن ۾ آبي ٻوٽن جي ترندڙ پنن تي پنهنجو توازن برقرار رکي هلي سگهندو آهي. هي پکي مڇيون، ڏيڏر ۽ بنا ڪرنگهي وارا ننڍڙا جانور کائيندو آهي. مادي پيهوڙي هڪڙي ئي وقت تي ڏهاڪو نرن سان تعلق رکندي آهي ۽ انهن مان هر هڪ نَر پنھنجي ڀاڱي وارن آنن تي پاڻ ئي آرو ڪندو آھي.
پيهوڙي پکيءَ جو آکيرو ترندڙ پنن جو ٺهيل هوندو آهي ۽ اُهو خشڪ ڪکن ۽ ٻين ٻوٽن جي هڪ سنهي تهه تي مشتمل هوندو آهي. پيهوڙي جي مادي، نَر کان ٿورڙي وڏي ٿيندي آهي. ٻنهي جو رنگ ساڳيو هوندو آهي، پر هڪ جو رنگ شوخ ٿيندو آهي. هي پکين جو نسل سڄيءَ ڏکڻ ايشيا ۽ ڏور اوڀر ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو