رتنبو

رتنبو

رتنبو

رتنبو (پکي): هي پکي بدڪ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Red-crested Pochard (Netta rufina) چئبو آهي. هي پکي بهار جي مند ۾ چين جي ڪوڪو نور کان ٿيندو ترڪمانستان رستي ننڍي کنڊ ۾ اچي ٿو. سائبيريا جي تمام ٿورن علائقن کانسواءِ اُتي جهجي تعداد ۾ نه ٿو ملي، جيئن ٻيون بدڪون ملن ٿيون. هي افغانستان ۾ ٿوري گهڻي تعداد ۾ لڀي ٿو، پر بلوچستان ۽ آسپاس جي ڍنڍن ۾ چڱي تعداد ۾ ملي ٿو. فلسطين ۽ ڪيوبا هن جو گهر چئي سگهجن ٿا. الجيريا کانسواءِ موراڪو ۾ به سردين جي مند ۾ اتان جي ڍنڍن ۾ نظر اچي ٿو. سنڌ جي سمورين ڍنڍن ڪينجهر ۽ منڇر ڏي ٿوري تعداد ۾ رتنبو لهندو آهي ۽ هتي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وقت رهي ٿو، جو آنا به هتي لاهيندو ۽ ڦوڙيندو به هتي آهي. نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ نر رتنبي جو رنگ ڳاڙهسرو بادامي يا ناسي هوندو آهي. ڇاتيءَ جو چڱو حصو ڳچيءَ ڏانهن ڪاري رنگ جي کنڀن سان ڍڪيل هوندو آهي. مٿي ۽ چهنب جو رنگ اکروٽ جهڙو ٿئي ٿو. ماديءَ جي ڊيگهه 17.25 کان 18 ۽ پکيڙ پوڻن اوڻٽيهن انچن کان وٺي ساڍا ايڪٽيهه انچ ماپي وئي آهي، پَرن جي پکيڙ اٺ ۽ سوا اٺن انچن جي وچ تي ٿئي ٿي. هن پکيءَ جو وزن ٽن پاون کان وٺي هڪ سير تائين بيهي ٿو. پڇ ٻه سوا ٻه انچ ٿئي ٿو. جوان ماديءَ جو رنگ پيلاڻ مائل نارنگي ٿئي ٿو، پر جي عمر ڪجهه وڏي ۽ وزن ۾ ڏيڍ ڪلو کن جي آهي ته ان جو رنگ ڳاڙهو ٿئي ٿو. هي خوبصورت پکي پنهنجو آکيرو پاڻيءَ جي ڀرسان ڪنهن وڻ تي ٺاهيندو آهي، پر جي ويجهو وڻ نه آهي ته پاڻي جي پاسي ۾ زمين کي کوٽي سنهيون سنهيون گاهه جو تندون ميڙي گولائيءَ تي آکيرو ٺاهي وٺندو آهي. آکيرو چڱو آرام ڏيندڙ آهي. مند ۾ 12 کان 16 بيدا لاهي ٿو. هن جو آکيرو چڱو وڏيرڙو هوندو آهي، جيڪو بيضن کي پنهنجي سڄي وجود سان ڍڪي آرام ڪندو آهي. بيضو گهڻو ڪري ٻن انچن کان 2.2 انچ ڊيگهه ۾، ۽ 1.4 کان 1.54 انچ ويڪر ۾ پورو سائي رنگ سان چٽڪمرو ٿئي ٿو. بيضي جو ڇلڪو لسو ۽ نازڪ ٿئي ٿو. هي پکي سنڌ ۾ حلال پکين ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي پيرن جون آڱريون هڪ ٻئي سان مليل هونديون آهن. هن جي چهنب جي مٿان به ننڍڙا ڳاڙها کنڀ ٿيندا آهن. هن جي اکين جو رنگ چٽو ڳاڙهو ٿيندو آهي. رتنبو ڏسڻ ۾ ڊگوش پکيءَ کان ننڍو ايندو آهي، پر گوشت ۾ چيڙهه هجڻ سبب ڳرو ٿئي ٿو. ڪڏهن ڏيڍ ڪلو وزن به ڪري وڃي ٿو. جنوريءَ کان مارچ تائين منڇر ۾ ڳُر ڪري ٿو. منڇر جا ملاح چوندا آهن ته ٽي ڪلو چانورن ۾ هن جي وَهَه وهي هلندي آهي. هي سهڻو پکي ’ٽرت ٽرت‘ جو آواز ڪندو آهي. گهاٽي پَن ۾ پنهنجو شڪار ڳوليندو آهي. گلگت ۽ ٻين اترين علائقن ۾ ’بودار نور‘ ۽ ’لالسر‘ بنگال ۾ ’چيئون‘، نيپال ۾ ’ٿور ڊنگنام‘، سنڌ ۾ ’رتنبو‘ ۽ ڪابل پاسي ’سرخ سر‘ ۽ ’گهوٽي‘ نالن سان سڏجي ٿو.


لفظ رتنبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو