ڊگوش

ڊگوش

ڊگوش

ڊگوش (Pintail or northern pintail/ Anas acuta): هيءُ پرڏيهي پکي آهي، جنهن جو تعلق بدڪ جي نسل سان آهي. هيءُ روس ۽ مغربي يورپ کان ٿيندو، نيل درياءَ مان نڪري، برصغير جي ٻين هنڌن سميت سنڌ ۾ پهچي ٿو. سنڌوءَ جا ڪنارا، ڍنڍون سندس رهائش ٿين ٿا. خاص طور منڇر تي گهڻو ڏٺو ويو آهي. ڊيگهه ۾ بدڪ کان چار آڱر وڏو ٿئي ٿو. ڳچيءَ تي ڪارا اڇا پَٽا هوندا اٿس. پيٽ جو رنگ اڇو ۽ مٿو ڪارسرو، چهنب نيري، پُڇ سنهو، بت نيرڳيءَ جيان سگهو ۽ جسامت ۾ بي انتها خوبصورت ٿئي ٿو. هن پکيءَ جي ڊيگهه 51 سينٽي ميٽرن کان 66 سينٽي ميٽرن تائين ماپي وئي آهي. ڳچي ڊگهي اٿس. ان لاءِ ڊگوش ڪري سڏينس. هن جي ماديءَ جو رنگ سڄو ئي پِيلڙو، اڇ- چٽو ٿئي ٿو. نَرَ کي مٿي تي ڪارسرو موڙ ٿئي، پر مادي بنا موڙ جي ٿيندي آهي. هن جي نر توڙي ماديءَ جون ٽنگون ڪارسريون ٿين. پُڇ به ٻنهيءَ جو ڪارسرو خاڪي ٿئي ٿو. اڏام مهل هن پکيءَ جي سائڙي رنگ سان اڇن پٽن واري ڏک ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهي. هن جي اڏام ڪافي مٿي ٿئي ٿي. هن جي خوراڪ آبي ٻوٽا آهن. اُڏام وقت ’پُر پُر‘ جو آواز ڪندو آهي. آواز هلڪو هوندو اٿس، پر لڳ جي موسم ۾ ان ۾ چڱي تکاڻ اچيو وڃي، اها تکاڻ نَرَ جي مادي کان گهڻي چٽي ٻڌي وئي آهي. آکيرو ڍنڍن ڍورن جي ڀرسان وڻن تي يا ڪنڌين تي ٺاهي ٿو. هن پکيءَ کي شڪار ڪري اڪثر شوق سان پاليو ويندو آهي. ڌائجڻ کانپوءِ اٽي جو ڇاڻ به کائي ٿو. هيءُ مندائتو پرڏيهي پکي آهي. هر مند ۾ سنڌ ۾ اچي بسيرو ڪري ٿو.


لفظ ڊگوشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو