تهائو

تهائو

تهائو

تُـهائـو (ننڍو) Little Grebe (Dabchick)/Tachybaptus ruficollis:ڍنڍن ڍورين جي دنيا جو هي پکي 23 سينٽي ميٽر جسامت جو آهي. نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. ننڍڙو پکي آهي ۽ ترندڙ پکين ۾ سڀ کان ننڍو ليکيو وڃي ٿو. بت ۾ نرم، ڀريل، بي پُڇو آھي ۽ چهنب ننڍي نوڪدار اٿس. ان جا کنڀ لڳ جي مند ۾ رنگ بدلائيندا آهن. لڳ وقت ان جا ڳل ۽ ڳچي سروٽي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ چهنب جي پاڙ وٽ هيڊو نشان ظاهر ٿي پوندو آهي. لڳ کان علاوه مند ۾ ناسيئڙا ڦِڪا ڳل ۽ پاسڙا هوندا اٿس. هي مٺي پاڻيءَ تي رهڻ پسند ڪري ٿو ۽ مقامي پکي آهي. لڳ جي مند ۾ ان جي ٻولي تکي لرزڻي لھردار ۽ خطري مهل تکي ”وِٽ ..... وِٽ .....“ هوندي آهي. اڪثر اڪيلو يا جوڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ لڳ جي مند ۾ آبي گاهه ۾ رهندو آهي. ان کان پوءِ کليل پاڻيءَ تي ڍنڍن، تلائن، حوضن، کڏن ۽ گهٽ رفتار درياهه ۾ نظر ايندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو