شراب

شراب

شراب

شراب (alcohol): شراب هڪ اهڙي قسم جو مشروب آهي، جنهن جي واپرائڻ سان نشو ٿئي ٿو. شراب الڪوحل مان ٺاهيو وڃي ٿو. الڪوحل، بي رنگ، تکو، جلد بخار ٿيندڙ ۽ ٽن ڪيميائي عنصرن: ڪاربان، هيڊروجن ۽ آڪسيجن جو ٺهيل ٿئي ٿو.
الڪوحل ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ کي اِٿنول (ethanol) يا ايٿائيل الڪوحل (ethyl alcohol) سڏجي ٿو، جيڪو نشي طور مختلف مشروبن ۾ ملايو وڃي ٿو. انيڪ قسمن جي شرابن جو هڪ حصو هجي ٿو. جنهن لاءِ ڀانيو وڃي ٿو ته انسان، ان جو تاريخ کان اڳ واري دور ۾ مختلف سببن جھڙوڪ: صحت، غذا، طبي، مذهبي ۽ مزي خاطر استعمال ڪندڙ هو.
الڪوحل جو ٻيو قسم مِٿنول (methanol)، ميٿائيل الڪوحل (methyl alcohol) يا ووڊ الڪوحل (wood alcohol) جي نالي سان به سڏجي ٿو، صنعتي طور تي ٻارڻ ۽ ڳار طور ڪتب اچي ٿو ۽ گھڻو زهريلو ٿئي ٿو، جو واپرائڻ کان پوءِ جسم ۾ فارمَلڊيهائيڊ (formaldehyde) ۾ مٽجي نابينائپ يا موت جو ڪارڻ بنجي ٿو. جڏهن ته هڪ دلچسپ ڳالهه هيءَ به آهي ته مِٿنول جي زهر جو علاج وري اٿنول ٿئي ٿو.
گهريلو ۽ تجارتي طور تي شراب ٺاهڻ لاءِ اِٿنول، ‘خميرڻ’ رستي پيدا ڪيو وڃي ٿو، يعني ته نشاستي (مڪئي، جَو، چانورن، پٽاٽن ۽ انگورن) کي بئڪٽيريا رستي ڦِٽايو وڃي ٿو.
حاصل ٿيندڙ نتيجو ڪهڙي قسم جو ملي ٿو ان جو مدار استعمال ٿيندڙ نشاستي تي ٿئي ٿو جهڙوڪ: جَون مان بيئر، انگورن مان وائين حاصل ٿئي ٿو. بيئر ۽ وائين خميرڻ رستي حاصل ڪيو وڃي ٿو ۽ هن طريقي سان الڪوحول اٽڪل 15 سيڪڙي تائين پيدا ٿئي ٿو جڏهن ته مختلف قسمن جي اِسپرٽ (وسڪي، جِن، ووڊڪا، لِڪر: liqueurs)، جن ۾ الوڪوحل جو گهڻو مقدار ٿئي ٿو، تن کي ‘چڪائڻو’ (distillation) به پوي ٿو. مختلف قسمن جي شراب ۾ مختلف مقدار ۾ الڪوحل موجود ٿئي ٿو جھڙوڪ: بيئر ۾ 8 سيڪڙو، وائين ۾ 9 کان 15 سيڪڙو، اسپرٽ ۽ لڪر ۾ 40 کان 50 سيڪڙو الڪوحل ٿئي ٿو. شراب کي اسلام ۾ حرام قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان جو واهپو انساني صحت لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي.


لفظ شرابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو