سلسبيل

سلسبيل: سلسبيل، جنت جي ’چشمي‘ جو نالو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ رڳو هڪ هنڌ آيو آهي، جنهن موجب ارشاد رباني آهي ته: ”انهن کي اتي اهڙي شراب جا جام پياريا ويندا، جن ۾ سُنڍ مليل هوندي. هي جنت جو هڪ چشمو آهي، جنهن کي سلسبيل چيو وڃي ٿو“ (الدهر: 17-18). سلسبيل، جنت جي چشمي ۾ سُنڍ جي خوشبوءِ آهي، جنهن مان مراد اهڙو پاڻي آهي، جيڪو مٺو، هلڪو ۽ مزيدار، ۽ پيئڻ ۾ آسان آهي. رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هڪ حديث مسلم ۾ روايت آهي ته: ”بهشت جي هن چشمي سلسبيل مان مؤمن خوشحال ٿيندا.“ امام راغب جي قول مطابق سلسبيل هر اُن چشمي کي چئجي ٿو، جيڪو تيزيءَ سان وهندو هجي. هن لفظ بابت صَرف ۽ نحو جي ماهرن وٽ اختلاف آهن.


لفظ سلسبيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو