بئڪٽيريا

بئڪٽيريا: بئڪٽيريا عام ٻوٽن کان بلڪل مختلف هڪ گهرڙي وارا جاندار ٿين ٿا. هن جي ماپ تقريباً هڪ مائڪران ٿئي ٿي. هن ۾ عام طور تي سائو مادو، ڪلوروفل، نٿو ٿئي. هي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار نه ڪندا آهن، تنهنڪري هنن کي Hetero trophic چئبو آهي. بئڪٽيريا تمام ننڍا هوندا آهن. انهن کي گول بال، سيخ ۽ لڙهين وانگر شڪل ڏنل هوندي آهي. بئڪٽيريا جي گهرڙن جي بناوت تمام سادي ٿئي ٿي. هن کي نيوڪليئس ۽ ٻيون بناوتون نه هونديون آهن. زندگيءَ لاءِ هي فائديمند به هوندا آهن ته نقصانڪار به. نقصانڪار بئڪٽيريا ساهوارن ۾ مختلف بيمارين جو باعث بڻجندا آهن. wikipedia: http://en.wikipedia.org/wiki/Bacteria


لفظ بئڪٽيرياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو