جَوَ

جَوَ

جَوَ

جَوَ (Barley ):جَوَ ربيع جي موسم جو اناج وارو فصل آهي. هن فصل جي اصليت محدود نه آهي. هيءُ فصل پٿر واري دؤر ۾ سوئيزرلينڊ جي رهاڪن طرفان پوکيءَ هيٺ هو. هڪ اندازي مطابق جھنگلي گاهه ۽ گھريلو جَوَن جو عام قسم ساڳئي علائقي ۾ پوکيو ويو، جنهن مان هڪ قسم وارا جَوَ (Hordeum Spontanum) اڄ به عام آهن. هيءُ علائقو الهندي ايران جي زرگوش جبلن کان وٺي ڏکڻ ترڪي ۽ ڏکڻ طرف فلسطين تائين پکڙجي ٿو. ڪجهه حياتياتي ماهرن جو خيال آهي ته هن ٻوٽي جو اصل وطن ايشيا ۽ آفريقا يا اڀرندو ٿٻيٽ آهي. هن علائقي ۾ ڇهه قطاري سنگ وارا جَوَ (Six-Row Barley) ملن ٿا ۽ پوکيءَ وارا جَوَ به هن ملڪ ۾ ملن ٿا. هن فصل جو اناج يا ٻج سڌيءَ طرح خوراڪ ۾ نٿو واپرايو وڃي، پر ان مان صنعتن ۾ ڊبل روٽي، ماني، جَوَن جو ڪش ۽ شراب ٺاهيو وڃي ٿو. ٻئي طرف جَوَ گھوڙن ۽ پکين کي به کارايا وڃن ٿا.
آبهوا (Climate ):جَوَ سياري جي موسم ۾ پوکجندڙ اناج جو فصل آهي. هي فصل ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خشڪي برداشت ڪندڙ آهي. هن فصل لاءِ گھٽ ۾ گھٽ بارش جي گھرج 250 کان 200 ملي ميٽر آهي. جَوَن جو ٻج ڦوٽهڙي لاءِ ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ گھٽ وَٽَ يا آلاڻ جي ضرورت ڏيکاري ٿو ۽ ان ۾ واڌ جي صلاحيت وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ جَوَن جي وڌيڪ پيداوار جو تعلق اهڙن علائقن سان آهي، جتي بارش ۽ گھميل موسم وڌيڪ وقت رهي ٿي. سنڌ ۾ جَوَ بوسي يا دوباري فصل طور پوکيا وڃن ٿا. جَون جي ڦوٽهڙي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 2 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جنهن دوران ڦوٽهڙو گھٽ ٿئي ٿو. جڏهن ته ڦوٽهڙي ۽ سلن نڪرڻ لاءِ مقرر گرميءَ جو درجو 20، 15 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ پنيري واڌ گھڻي قدر 17، 16 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي درجي مطابق ٿئي ٿي.
زمين (Soil ):جَوَ هر قسم جي زمين تي ٿي سگھن ٿا، جنهن ۾ چيڪي توڙي وارياسي زمين بهتر آهي. اهي زمينون، جيڪي ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ ڪم اچن ٿيون ۽ جن ۾ سٺي نيڪال واريون لٽاسيون ۽ چيڪيون لٽاسيون زمينون اچي وڃن ٿيون، بهتر آهن. عام طور جَون جي پوکيءَ جو تعلق گھٽ زرخيز زمين سان آهي. جَون جو فصل لوڻ يا ڪلر برداشت ڪندڙ اناج وارو فصل آهي، جيڪو ڦوٽهڙي ۽ واڌ وارن ٻين مرحلن دوران لوڻ برداشت ڪرڻ جي قوت رکي ٿو. تنهنڪري جَوَ ڪلر وارين زمينن ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي سگھجن ٿا. انهيءَ ڪري ساريال علائقي جا آبادگار جَون جي پوک ۾ گھڻي دلچسپي رکن ٿا. جَوَ خشڪي روڪيندڙ فصل جي حيثيت سان دوباري فصل طور، سارين جي پوک کان پوءِ ساڳئي وَٽَ يا آلاڻ تي پوکيا وڃن ٿا، اهڙيءَ صورت ۾ جَوَن جي پيداوار ڪڻڪ کان بهتر ملي ٿي.
زمين جي تياري (Land Preparation ):هن فصل مان وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ زمين جي تياري وڏي اهميت رکي ٿي. جَوَن لاءِ زمين جي تياريءَ واسطي ٻن کان ٽي هر ڏيئي ڀتر ڀڃجن ۽ گندگاهه ختم ڪجي. هر ڏيڻ بعد زمين کي هموار ڪجي ته جيئن ٻج، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ ۾ آساني ٿئي.
پوکيءَ جو وقت (Sowing Time ):عام طور سنڌ ۾ جَوَن جي پوک نومبر جي مهيني ۾ ڪئي ويندي آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ جَوَن جي فصل جي پوک 15 آڪٽوبر کان 30 نومبر تائين ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته وچولي ۽ اتر سنڌ واري طبعي ڀاڱي ۾ پوکي پهرين نومبر کان 10 ڊسمبر تائين ڪئي وڃي.
پوکيءَ جو طريقو (Sowing Method ):جَوَن جي پوک ناڙي ۽ ڇٽ ذريعي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ناڙيءَ ذريعي پوک مان وڌيڪ پيداوار ملي ٿي. ساريال جي علائقي ۾ جَوَن جي پوک ڇٽ ذريعي ڪئي ويندي آهي.
جنسون (Varieties ):جَوَن جي پوک واسطي سفارش ڪيل جنسن ۾ T.J-70، نيلم ۽ IB-8244 وغيره اچن ٿيون. اهڙين جنسن جي ٻج جي پوکيءَ واسطي ڄاڻ ڏيڻ ۾ زرعي تحقيقي مرڪز ٽنڊي ڄام بهتر نتيجا ڏنا آهن، هنن جنسن تي بيماريءَ جو حملو گھڻو ٿئي ٿو. جڏهن ته نين جنسن ۾ ڪلپر ۽ ڊوارف بارلي (Dwarf Barley) سفارش ڪيون ويون آهن. اهي ڪنهن قدر بيمارين کان محفوظ رهن ٿيون.

ڀاڻ ڏيڻ (Fertilizer Application ):جَوَن لاءِ ڀاڻ جي سفارش زمين جي زرخيزيءَ مطابق ڪئي وڃي. جَوَن لاءِ ڀاڻ جي عام سفارشـن مطابـق 50 ڪـلوگـرام نائٽروجن ۽ 25 ڪلوگرام فاسفورس استعمال ڪرڻ گھرجي، ڇو ته وڌيڪ پيداوار لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ضروري آهي.
پاڻي ڏيڻ (Irrigation Application ):هيءُ خشڪي برداشت ڪندڙ فصل آهي، جنهن جي وڌ ۾ وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن کان چار پاڻي ڏجن. هن فصل کي واڌ جي نازڪ مرحلن تي پاڻي ضرور ڏجي. اهو ئي سبب آهي ته جَوَ دوباري فصل طور پوکيا وڃن ٿا.
لابارو: هي فصل ڪڻڪ سان گڏ يا ڪڻڪ واري موسم ۾ پچي ٿو. عام طور جَوَ مارچ کان اپريل جي مهينن ۾ پچي لاباري لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. هن فصل جو لابارو ڏاٽي يا لاباري جي مشين (Reaper) ذريعي ڪري سگھجي ٿو.
پيداوار: هن فصل جي پيداوار 3000 کان 3500 ڪلوگرام في هيڪٽر وٺي سگھجي ٿي. جڏهن ته سراسري پيداوار 500 ڪلوگرام في هيڪٽر آهي .


لفظ جَوَھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو