حَرام

حَرام: حرام، حلال جو ضد آهي انهيءَ مان مراد الله تعاليٰ جي حڪمن ۽ شريعت نبوي مطابق ممنوع ڪيل هر فعل کان پاسو ڪرڻ آهي. هر اهڙو عمل جنهن جي اسلامي شريعت ۾ منع ٿيل هجي. اهو حرام ليکيو ويندو.
حرام جا ٻه قسم آهن:
(1) حرام لعينه يعني حرام لِذات،
(2) حرامِ سغير.
حرام لِذات مان مراد اهڙو عمل يا اهڙين شين جو استعمال، جن سان جسم، نسل، مال، عقل ۽ دين متاثر ٿئي. مثال طور: مردار جانور کائڻ، شراب پيئڻ، زنا ڪرڻ، وياج وغيره حرام لِذات ۾ اچي وڃن ٿا. حرام سغير يعني اصل ته حلال هجي پر ذاتي طرح حرام ٿئي، مثلاً: مخالف جنس جي عضون ڏانهن اهڙيءَ ريت ڏسڻ جنهن سان زنا ڏانهن رغبت وڌي ٿي يا ڪو انسان نامعقول يا مختصر لباس پهري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ته اهو حرام سغير ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو