دارُون

دارُون: ’دارون‘ لفظ جي لغوي معنيٰ دوا يا علاج آهي، جڏهن ته هنديءَ ۾ شراب کي ’دارو‘ چئبو آهي. هن لفظ جو اصل بنياد سنسڪرت آهي، جنهن جي معنيٰ ’وڻ جو ڇوڏو‘ ٻڌائي وڃي ٿي. دراصل دارون ٺاهڻ ۾ ٻٻر جي وڻ جو ڇوڏو خاص طور ڪم ايندو آهي. ان ڪري ڇوڏي سبب هي اصطلاحي بڻجي ويو آهي. ان ڪري اڪثر دارو واپرائڻ ’شراب پيئڻ‘ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو