سرورق

سرورق (Title): سرورق ڪتاب جي پهرين ورق کي چئبو آهي. جنهن تي اڪثر ڪري ڪتاب جي عنوان/ نالي پٽاندر منظرڪشي ٿيل هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ سرورق تي ڪتاب جو نالو ۽ ليکڪ جو نالو پڻ لکيل هوندو آهي. سرورق اڪثر مصور جو تيار ڪيل هوندو آهي، جنهن منظرڪشيءَ ۾ مصور پنهنجي لڪيرن ۽ رنگن جي حرڪت ذريعي اهو ڄاڻائيندو آهي ته ليکڪ پنهنجو هي ڪتاب ڇا جي باري ۾ لکيو آهي. ڪتاب جي سروورق کي کوڙ سارا منظر ٿيندا آهن، جهڙوڪ: سج جو سمنڊ ۾ لهڻ جو منظر، پهاڙن مٿان اڏامندڙ سفيد ۽ سليٽي ڪڪرن جو منظر، وڻن، ٽڻن جا منظر وغيره. ٻاراڻن ڪتابن تي وري ٻارن جي ڏانءَ جا سرورق (Titles) ڊزائين ڪري ڇاپيا ويندا آهن، جهڙوڪ: اسڪولي ٿيلهن سميت ڪجھه ٻار، راند جي ميدان ۾ راند رهندڙ ڪجھه ٻار يا ڪنهن تفريحي ماڳ تي تفريح ڪندي ڪجھه ٻارن جو منظر وغيره. ان کانسواءِ ڪجھه عجيب منظر به ڪتاب جي سرورق تي ڇپيل هوندا آهن، جن ۾ نٽهڻ اس، ڌرتتي، ٽاڪ منجھند جي گرميءَ جو منظر يا ڪنهن خالي ڳوٺ جي ڪجھه هٽن تي مشتمل بازار منظرڪشي وغيره. سنڌ ۾ اهڙا کوڙ سارا مصور مشهور آهن، جن جا ٺاهيل سرورق سنڌي ڪتابن جي سونهن بڻبا رهن ٿا، اهڙن مصورن ۾ ع. ق. شيخ، گل محمد کتري، ظفر ڪاظمي، علي اڪبر سومري، محمد علي ڀٽي، فتاح هاليپوٽي، رضوان عمراڻي، خدا بخش ابڙي، قاضي اختر حيات، قاضي منظر حيات، طارق عالم، اياز عالم، منور ابڙي، هارون چنا وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. موجوده جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ مصور جي ٺاهيل سرورقن جو رواج گھٽجي ويو آهي ۽ ڪتابن جا سرورق گهڻو ڪري گرافڪس ذريعي ڊزائين ڪيا ويندا آهن، ان ڪم ۾ ڪپتان ابڙو، موهن مدهوش، نعيم ديسوالي، اسدالله ڀُٽو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.


لفظ سرورقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو