عدت

عدت (اصطلاح): عدت جي لغوي معنيٰ ڳڻڻ آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ عدت مان مراد آهي، ڪا به عورت پنهنجي مڙس جي مرڻ يا ان کان طلاق پڄاڻان ايستائين ٻيو نڪاح نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين مقرر ڪيل مدت پوري نه ٿي ٿئي. طلاق واري عورت جي عدت جي مدت لڳ ڀڳ ٽي مهينا يا ٽن حيضن جيتري آهي. رنڙ يا رن زال (جنهن جو مڙس مري وڃي) جي لاءِ چار مهينا ڏهه ڏينهن ۽ ڳورهاريءَ (پيٽ واري) جي اها مدت ايستائين آهي، جيستائين ٻار نه ڄڻي. انهيءَ مدت ۾ حڪمت هي آهي ته انهيءَ عرصي ۾ مرڻ واري يا طلاق ڏيندڙ مڙس جو ٻار جيڪڏهن عورت جي رحم (پيٽ) ۾ آهي ته ان جي خبر پئجي سگهي. جيئن نسب خلط ملط نه ٿئي. طلاق واريءَ لاءِ ٽن حيضن جي مدت ان لاءِ آهي ته، جيڪڏهن حامله هوندي ته ماهواري بند ٿي ويندي ۽ پتو پئجي ويندو. رنڙ لاءِ سوا چار مهينا ان لاءِ مقرر آهن، جو اگر ٻار سندس پيٽ ۾ هوندو ته انهيءَ عرصي ۾ قدرتي قانون موجب ان ٻار ۾ روح ڦوڪيو وڃي ٿو. ايتري وقت کانپوءِ جيڪڏهن ٻار جي ڪا نشاني ظاهر نه ٿئي ته رنڙ عورت ٻيو نڪاح ڪري سگهي ٿي. ٻيءَ صورت ۾ ٻار جي پيدائش تائين انتظار ڪندي.


لفظ عدتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو