چاڪُ

چاڪُ

چاڪُ

چاڪُ: ڦيٿو، چيڪلو (گاڏيءَ جو). ڦيٿي جي ايجاد انساني تاريخ جي ارتقا جو بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن جي ايجاد کان اڳ ڳريون وزندار شيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ڏکي ڳالهه هئي. شروعات ۾ وڻن جا ٿڙ وڍي، انهن کي وچان سَل ڪڍي ڦيٿو ٺاهيو ويو. اهي ڦيٿا نهايت ڳرا هئا، پر پوءِ حڪمت عمليءَ سان جلد ئي انهن ۾ سڌارو آندو ويو. حضرت سليمان جي زماني ۾ ڦيٿا اڄوڪي دور وارن ڦيٿن جھڙا ايجاد ڪيا ويا. ان بعد چاڪ جي هر هڪ ڪاٺي يا ڀاڱي کي جدا جدا نالا ڏنا ويا هئا. جيئن : اَرا، وَنگ ۽ دُري وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو