ٽاڪ

ٽاڪ

ٽاڪ

ٽاڪ ( Talc ):ٽاڪ معدنيات جو هڪ قسم آهي . ڪيميائي لحاظ کان هي ميگنيشيم جو پاڻياٺو سليڪيٽ آهي . هن جو رنگ اڇو ٿئي ٿو ، البته گهڻو ڪري ، سائي ، ڳاڙهي ۽ ڀوري رنگ جي عڪس ۾ به ملندو آهي . هي شفاف نظر ايندڙ پٿر ، ڇهڻ ۾ سڻڀو لڳندو آهي ، فطرت ۾ اهو ذرن جي صورت ۾ دستياب ٿئي ٿو ، اهو عام طور ڊولومائيٽ ۽ ٻين ٽڪرن جي ڦيريدار چوٽين تي ملندو آهي . ماهرن جو خيال آهي ته هي ميگنيشيم جي سليڪيٽ ۾ ايندڙ ڪيميائي تبديلين جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو . ان کي ڪاغذ ٺاهڻ ، پينٽ ۽ صابڻ ۾ ڀرائيءَ جي مادي طور استعمال ڪيو ويندو آهي . ان کان سواءِ ٽيلڪم پائوڊر ۽ ميڻ بتين ٺاهڻ ۽ برقي انسوليشن جي صنعت ۾ ڪم ايندو آهي .


لفظ ٽاڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو