ڇتري1

ڇتري1: آرين جي مُک جو خاص خطاب ’ڇتري‘ هوندو هو. آريا پنهنجو سردار چونڊڻ وقت ٻن ڳالهين جو خاص خيال رکندا هئا، هڪ ته سردار وڏي عمر جو هجي ۽ ٻيو اهو هر لحاظ کان قابل هجي، ته جيئن هو پنهنجي تجربن جي بنياد تي راڄ کي سهڻي نموني هلائي سگهي ۽ پنهنجي طاقت سان ٻاهرين حملي آورن کي جواب ڏئي سگهي. اهڙي سردار کي ’ڇتر پتي‘ يا ’ڇتري‘ چيو ويندو هو. ڇتر جو مطلب آهي سايو. انهيءَ ڪري آريا سمجهندا هئا ته سندن سردار هنن لاءِ سايو آهي.
جڏهن ڪو سردار جنگ ۾ مري ويندو هو ته ان جو اولاد سندس سماڌيءَ تي ڇتريءَ نما مقبرو ٺهرائيندو هو، ته جيئن ان جي ياد تازي رهي. جيمس ٽاڊ هن قسم جي ڇترين جو ذڪر پنهنجي مشهور ڪتاب ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ به ڪيو آهي. ڇتري لفظ اڳتي هلي ’کتري‘ طور مشهور ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو